حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ خيرپور واسين سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيو. خيرپور ميرس جي علائقي پراڻي عيد گاهه سيٽ لائيٽ جي رهواسڻ مسمات مبارکان زال انور احمد گهر تي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته بااثر ريحان ۽ ٻين سندس گهر تي زبردستي قبضو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ريحان کانئس ڪرائي تي گهر رهڻ لاءِ ورتو جنهن بعد هن قبضو ڪري کيس گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. معذورن پاران ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف 10هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي. ان موقعي تي محمد خالد سومرو، فاروق احمد ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار نوڪرين جي 2 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪئي آهي پر تنهن باوجود کين نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن. هنن چيو ته بار بار لاڳاپيل ادارن وٽ درخواستون جمع ڪرايون آهن پر ڪو به سندن تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪوٽڙي جي ڳوٺ رائلو مياڻ جي رهواسين بااثر ماڻهن پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪندي حسين شاهه، ڪامل ملاح، سيد علي اڪبر شاهه، مير محمد ملاح ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ جي بااثر سيٺ پير ڏنو ملاح ديهه رائلو مياڻ ۾ ڳوٺاڻن کان سنڀالي طور زمين ورتي جيڪا جنهن تي هاڻي هو مبينا طور قابض بڻيل آهي. هنن چيو ته ڄاڻايل زمين ۾ 28 حصيدارن آهن جن کي پڻ زمين مان کنيل اپت وارو حصو نه ڏنو ويو آهي جنهن تي انهن زمين تي قابض پير ڏنو ملاح وٽ دانهيو ته هن ساڻن لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته ڄاڻايل زمين سندس نالي تي آهي. علائقي واسين موجب ڄاڻايل زمين 1974ع کان هو سنڀالي رهيا آهن جنهن جا ڪاغذ پٽ به وٽن موجود آهن. هنن تڪ جي چونڊيل ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.