گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ خان محمد کهاوڙ واسي پورهيت اعجاز سومرو ٻن پٽن امن سومرو ۽ نظام سومرو سان گڏ پنج ڏينهن اڳ گهر مان چوري ٿيل 2 ڀلوڙ مينهون واپس ڪرائڻ لاءِ گاجي کهاوڙ، نصيرآباد، وارهه، آيو ڦلپوٽو، مرکنڊ صادق ماڇي سميت ٻين علائقن ۾ پاڪ ڪتاب گهمايو، پورهيت چيو ته مجبور ٿي علائقي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو آهي.