بلال ڪاڪا جا قاتل گرفتار ٿي چڪا، افغانين سميت ڪنهن به پرڏيهي کي سنڌ ۾ رهڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

0
478
پوليس ۽ رينجرز قربانيون

شهدادپور: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته استادن تي تشدد تي افسوس ٿيو آهي، پر استاد ٻارن کي ناڪاري رستو ڏيکارڻ بدران تعليم ڏين، کين گهرجي ته قانون جي پاسداري ڪندي پنهنجو ڪانٽريڪٽ پڙهن ۽ اُن تي عمل ڪن

مراد علي شاهه چيو ته سنڌي-پختون وڳوڙن پٺيان جن جا هٿ آهن، اُنهن بابت ڄاڻ آهي، سنڌ ۾ افغانين سميت ڪنهن کي به غير قانوني طور رهڻ نه ڏنو ويندو

هن چيو ته بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، سهراب ڳوٺ وٽ ٿيل واقعي کانپوءِ صورتحال سنڀالي ورتي هئي

مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪاميابي تي ڪو فرق نٿو پوي، هڪ پارٽي کٽي وئي ۽ ٻِي هارائي وئي، ن ليگ شڪست تسليم ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: سهراب ڳوٺ هنگامي ڪيس ۾ وڌيڪ 9 جوابدار گرفتار