مڪاني چونڊن ۾ عورتن کي وڌ کان وڌ نمائندگي ڏني وڃي: ساڃاهه وند

0
310
مڪاني چونڊن ۾ عورتن کي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سماجي تنظيمن جي اڳواڻ عورتن ۽ ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته سياسي پارٽيون مقامي حڪومتن جي قيام لاءِ چونڊن ۾ وڌ کان وڌ عورتن کي نمائندگي ڏئي کين سياسي طور تي سگهارو ڪن. عورتن کي نه رڳو مخصوص سيٽن تي چونڊيو وڃي پر کين جنرل سيٽن تي به نمائندگي ڏني وڃي

 حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي جوڙيل جذبا گروپ پاران ڪوٺايل عوامي اسيمبلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر تنزيلا قمبراڻي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ عورتن جي ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ تمام گهڻا قدم کنيا آهن

سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي آهي جنهن وڌ کان وڌ عورتن جي ڀلائي، حقن ۽ تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو ته مقامي حڪومتون ئي ليڊرشپ جي نرسري جو ڪردار ادا ڪنديون آهن

ملڪ ۾ موجود اڄ جي ليڊرشپ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي مقامي حڪومتن کان اڳتي وڌندي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي تائين پهتا آهن. مقامي حڪومتن جو سڌو تعلق عورتن سان آهي ڇو ته پاڻي، صفائي ۽ صحت جي حوالي سان عورتون ئي وڌيڪ پريشان ٿين ٿيون ان ڪري مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي وڌيڪ شموليت سان عورتون پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهن ٿيون پر سياسي پارٽيون پنهنجي منشور تي عمل بجاءِ منشور پڙهن ئي نٿيون

سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر شهناز شيدي چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته سياسي پارٽيون عورتن کي مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ جنرل سيٽن تي نمائندگي ڏين ۽ سندن همت افزائي ڪئي وڃي ته جيئن سياسي شرح ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي شموليت جي شرح گهٽ آهي

عورتن جي اڳواڻي وارين صلاحيتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ٻهراڙي جي عورتن ۾ سڀ صلاحيتون آهن جنهن سان هو پاڻ کي سياسي طور مڃرائي سگهن ٿيون پر کين رڳو موقعو ڏنو وڃي ايدووڪيٽ ايم پرڪاش، زيب النساءِ ملاح، ماروي اعواڻ، غفرانا، شهناز حاجاڻو، فرحانه سولنگي، جاويد حسين، سرويچ شيدي ۽ ٻين به خطاب ڪيو

ھي به پڙھندا

ملير: 746 اميدوارن ۾ مقابلو: ووٽرن پاران ترقياتي ڪمن ۽ نوڪريون نه ملڻ جون دانھون