مدئجي: ٻن مقتولن جي وارثن مسمات عائشا جوڻيجو، مسمات شھزادي، رشيدان، حسينا، تعمير حسين، رياض ۽ ٻين چيو ته پنهنجي ئي برادري جي مقبول جوڻيجو ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، زمين تي ڪم ڪري رهيا هئاسين ته جوابدارن حملو ڪري 6 ڄڻن کي زخمي ڪيو، جن کي پوليس کڻائي وڃي رهي هئي ته جوابدارن ٻيهر فائرنگ ڪري ماءُ ۽ ڀينرن توڙي پوليس جي سامهون زخمي نوجوان امتياز جوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران پوليس نوجوان کي ڇڏي ڀڄِي جان بچائي. هنن دانهيندي چيو ته پوليس برقت ڪارروائي ڪري ها ته اسان جا نوجوان قتل ٿيڻ کان بچي وڃن ها.