مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو) مدئجي ويجهو جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، فائرنگ، پوليس ۽ وارثن جي سامهون 2 نوجوان گوليون هڻي قتل 4 ڄڻا زخمي، پوليس ڀڄي جان بچائي، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، خبر موجب ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ذوالفقارجوڻيجو ۽ مقبول جوڻيجو وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا امتياز جوڻيجو، جبار جوڻيجو ۽ خالد جوڻيجو سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري رهي هئي ته هٿياربندن ٻيهر حملو ڪري پوليس ۽ وارثن سامهون هڪ زخمي نوجوان امتيازجوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن زخمي کي ڇڏي ڀڄي جان بچائي، واقعي بعد حملي آور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، بعد ۾ پوليس مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي آندو، جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حآلت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي جبار جوڻيجو زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، فائرنگ دوران سمورو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. مارجي ويل نوجوانن امتياز جوڻيجو ۽ جبار جوڻيجو جا لاش جوڻيجا برادري جي مردن توڙي عورتن جندو ديرو پل سکر لاڙڪاڻو روڊ تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هوڏانهن ڊي ايس پي مدئجي پوليس اٽالن سميت ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مظاهرين پاران روڊ کولڻ کان انڪار ڪڪيو ويو، بعد ۾ پوليس پ پ اڳواڻ ايم اين اي خورشيد جوڻيجو سان رابطو ڪري روڊ کولرائڻ لاءِ چيو جنهن بعد خورشيد جوڻيجو جي مداخلت بعد انصاف جي خاطري تي مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو.