مدئجي: ڳوٺ عزت جي وانڍ جي رهواسي ذوالفقار جوڻيجو ۽ مقبول جوڻيجو ي ڌرين وچ ۾ ڏيڍ سال اڳ زمين جي مالڪي تان جهيڙو شروع ٿيو هو، جنهن بعد ذوالفقار جوڻيجو جي ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري مقبول جوڻيجو جي ڌر جو هڪ نوجوان کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو هو جنهن بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾ مختلف وقتن تي جهيڙو ۽ فائرنگ جو سلسلو هلندو هو، آخري اطلاعن تائين ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.