رائونتي (ن پ ا) پورھيت موھن لال مٿان ڌاڙيلن پاران بيرحماڻي تشدد ۽ سوشل ميڊيا تي عوام جي شديد ردعمل کانپوءِ گھوٽڪي پوليس روايتي طريقي سان ڪچي ۾ فوٽو سيشن لاءِ پھچي ڪري آپريشن جي دعويٰ ڪئي آهي، گھوٽڪي پوليس ترجمان موجب مغوي جي بازيابي لاءِ رائونتي جي ڪچي ۾ آپريشن ھلندڙ آھي، جلد کيس باحفاظت بازياب ڪرايو ويندو. ٻي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته پوليس رائونتي جي ڪچي ۾ ڏوھارين واري پاسي وڃڻ بجاءِ گوٺاڻن جي ڇپرن کي باھ ڏئي روايتي طور پريس رليز جاري ڪري ڪندي ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا تباھ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ٻي طرف ذريعن اھا به دعويٰ ڪئي آھي ته پورھيت موھن لعل جي بازيابيءَ لاءِ گھوٽڪي پوليس پاران راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.