نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد قومي شاھراھ تي ڪميجا شاخ وٽ هڪ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي واري اڳيان ويندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار  اڏيرو لال واسي اوڏ برادري جو ھڪ شخص پيارو ولد وريام اوڏ موقعي تي  فوت ٿي ويو ۽ جڏھن ته جاويد ولد سوڍو اوڏ سخت زخمي ٿي پيو. فوتي ۽ زخمي کي پوليس کڻائي تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد پهچايو جتي زخمي کي طبي امداد ڏيئي وڌيڪ علاج لاءِ لمس حيدرآباد اماڻيو ويو. ٽريڪٽر ٽرالي جو ڊرائيور واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو.