پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بشير آباد واري علائقي ۾ ڇھن ورھين جي ٻارڙي کي جوابدار مبينا طور وحشت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ، ٻارڙي طيبه منگي کي وارث سٽي ٿاڻي تي کڻائي پھتا جتان ميڊيڪل ليٽر وٺڻ بعد ٻارڙي طيبه منگي کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آھي، ٻارڙي جي والد طالب منگي جي فرياد تي پوليس ايف آئي آر داخل ڪندي جوابدار امداد چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ٻن جوابدارن ٻارڙي طيبه کي زوري زنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي رڙين تي پھتاسين ته ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا، ھڪڙي کي سڃاتو ويو آھي جڏھن ته ٻي کي ڏسي سڃاڻبو ، ٻي پاسي پوليس ڪاروائي ڪندي سڃاتل جوابدار امداد چاچڙ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي.