چڪ (ن پ ا) چڪ ۽ رستم ٿاڻن جي حد مان اغوا ٿيل 2 مغوي سونهارو پهوڙ ۽ نوجوان علي گل شيخ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آھي، پوليس پاران رڳو ٺلها آسرا ملڻ تي مغوي علي گل شيخ جي وارثن چڪ جي ڪچي وارن علائقن شاهه ٻيلو، قادراڻين سميت کاهي، ڀرڪڻ ۽ ٻين هنڌن تي نوجوان جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب گهمايو، ان ڏس ۾ بصر شيخ، علي جان شيخ، جاويد شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين انتهائي مسڪين آھيون، تر جي چڱن مڙسن ۽ پوليس وٽ وڃڻ بعد الله جي ڪتاب کي سهارو بڻايو آھي، ٻئي طرف اغوا ٿيل ڳوٺ فريدآباد واسي مغوي سونهارو پهوڙ جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته ڪڻڪ جي ديري تان اسان جي مسڪين پورهيت کي اغوا ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف انڪشاف ٿيو آھي ته چڪ واسي نوجوان علي گل شيخ کي چڪ ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو آھي. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ آهي ته ٻنهي مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.