ايڪتا عهد وفا جو ڏينهن!‎‎

                 خوش قسمتيءَ سان سنڌو سڀيتا هزارين سال شاهوڪار تهذيب جي وارث رهي آهي ۽ رهندي پئي اچي، دنيا اڃا ٻڌن تي لٽا پائڻ سرت پري هو تڏهن کان سنڌو سڀيتا رهواسي موهن جي دڙي جا ترقي يافتا زندگي گذاري رهيا هئا. موئن جي دڙي جي کوٽائي مان اندازو ٿيو ته ان وقت سنڌي سماج جا ماڻهو داناءَ ۽ دور انديش هئا، انهن نيڪال جي لاءِ بهترين انتظام ٿيل هو ۽ گهر گهر قطار ۽ سليقي سان ٺهيل هئا. سنسار کي بدن ڍڪڻ لاءِ لباس سنڌ واسين فراهم ڪيو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي قوم ۽ ثقافت دنيا جي ٻين قومن ۽ ثقافتن کان وڌيڪ شاهوڪار آهي. ڪجھ سالن کان سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي ماڻهن پاران هر ڊسمبر جي پهرين آچر کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي طور ملهائين پيا، هي ڏينهن سنڌين واسين ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ عيد سماءُ آهي. هن ڏهاڙي تي سنڌي ۽ سنڌ واسي ٽوپي، اجرڪ، پٽڪي سان سينگارجي دنيا آڏو زندهه قوم هجڻ ثبوت ڏيندا آهن ۽ ان کان سواءِ مچ ڪچهريون ۽ قومي گيتن جا ميڙاڪا ڪري هن قومي ڏهاڙي کي وڌيڪ رونق بخشيندا آهين. سنڌي قوم بنا ڪنهن مذهبي فرق جي هن ڏهاڙي کي گڏيل طور ملهائي قومي ايڪي جو ثبوت ڏيندا آهن ۽ دنيا کي پيغام ڏيندا آهن ته اسان سنڌي به قوم آھيون ۽ هزارين سالا تهذيب يافتا شاهڪار تهذيب جا وارث آهيون.

ابراهيم لنڊ/ڪلوئي

وري سنڌ ٿيندي خوشحال!

هر سال اسان پنهنجي ثقافت کي وڏي ڌوم ڌام سان ملهائيندا آهيون پوڙها پڪا ننڍا وڏا مرد عورتون پاڻ سينگاري ٽوپيون اجرڪ پائي هن ڏڻ جون عيد وانگر خوشيون ملهائيندا آهن ۽ زندهه قومون هميشه پنهنجي ثقافتي ڏيهاڙن کي ياد رکنديون آهن ۽ اهي ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو عظم رکندا آهن، جيڪي پنهنجي ثقافتي ڏهاڙن کي ملهائيندا آهن انهن وٽ ڏينهن مختص ٿيل هوندو آهي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي، اسان هر سال آچر کي نظر ۾ رکي اهو ڏهاڙو ملهائيندا آهيون ان جو ڪارڻ سرڪار پاران ڪو ڏينهن مقرر ناهي ٿيل جو هن ڏينهن تي موڪل ڪئي وڃي ۽ ان تي ميڊيا کي آواز اٿارڻ گهرجي، ٻيو ته اسان کي هن سال هڪ عزم کڻي نڪرڻو آهي، وري سنڌ ٿيندي خوشحال ۽ وري ويڙها وسندا. تازين برساتن جيڪا تباهي آندي آهي سنڌ جو هر گهر متاثر ٿيو ٻوڏ ۾ ڪئي گهر اجل جو شڪار ٿيا، سنڌو جو جل جيڪو اسان لاءِ آب حيات مثل آهي، اهو جل هن ڀيري ماروئڙن جي گهرن کي ٻوڙي ويو ۽ ڪئي لاش لڙهندا رهيا. استاد بخاري جي غزل آ ته “هڪ شخص ھڪڙي شھر ۾ دانهون گهڻيون ڪيون، بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون.” استاد بخاري جي ويجهڙائي واري شهر خيرپور ناٿن شاهه سان به اهڙو حشر ٿيو، ڪو سار لهڻ وارو نه هو شهر کي ٻوڙيندڙ ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي سمهي پيا. رين فلڊ لاءِ آيل فنڊن مان ڪامورن پنهنجا گهر ڀريا، عوام دربدر ڪنهن مسيحا جي اتنظار ۾ پر مسيحا وڃي هڪ ڪنڊ ورتي. تنبو راشن اتي ذخيرا ٿيا پر پوءِ به اسان کي پاڻ پتوڙڻو پوندو ۽ پنهنجا گهر آباد ڪرڻا پوندا. ان ڪري ثقافتي ڏڻ جوش ۽ جذبي سان مهائڻو آهي ۽ هر سنڌي فرد جو فرض آهي ته هن ڪاڄ ۾ شريڪ ٿي پنهنجي نسبت سنڌ سان سچي ڏيکاري ۽ وچن ڪيون ته پنهنجا گهرڙا وري آباد ڪنداسين ۽ سنڌ ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهنداسين جيئن وري سنڌ سرسبز شاداب، سکي ستائي ۽ آباد ٿي وڃي.

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

سنڌ سان درد جو رشتو!

دنيا ۾ زنده قومون ھر صورتحال ۾ پنهنجي قومي اھڃاڻن، ثقافت، ريتن ۽ رسمن کي مختلف طريقن سان زنده رکندا آهن. ڪنهن به قوم جو بنياد ڪجهه اھڙين شين تي بيٺل ھوندو آهي جن کان سواءِ ڪا به قوم عالمي اصولن تحت پنهنجو  قومي وجود برقرار نٿي رکي سگهي انهن ۾ ھر قوم جنهن وٽ پنهنجي ٻولي ھجي، صدين سالن کان انهيءَ قوم وٽ پنهنجي منفرد ثقافت ھجي، قوم وٽ پنهنجي ايراضي ھجي اھي ڪجهه اھڙا عالمي اصول آھن جن تي سنڌي قوم پورو پورو لھي ٿي. سنڌ جي ثقافت جيڪا صدين جو تسلسل آهي. سنڌي قوم پنهنجي شاندار ثقافت جي مالڪ آهي. ھر سال جيان ھن ڀيري به سنڌ جي ماروئڙن جي حقيقي آواز ٽائيم نيوز ۽ ڌرتي ڌڻين جي دلين جي ترجماني ڪندڙ سنڌ جي محبوب اخبار روزاني “پنهنجي اخبار” سٿ پاران سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏينهن “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سري ھيٺ ملھايو پيو وڃي. ھي عنوان جنهن تحت “ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار” سٿ پاران ايڪتا ڏينهن ملھايو پيو وڃي “سنڌ سان درد جو رشتو” بنيادي طور ھي عنوان سنڌ جي موجوده ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ ماروئڙن جي ڏکن، سورن ۽ اھنجن جي مڪمل ترجماني ڪري ٿو. “سنڌ سان درد جو رشتو” پنهنجي ڌرتي، ثقافت ۽ پنهنجي قومي تشخص کي ھر حال ۾ زندھ رکڻ ۽ پنهنجي ثقافتي، قومي ڏڻ کي ھزارين ڏکيائين، اھنجن باوجود وڏي حوصلي، ھمت ۽ قومي ٻڌي سان ملھائڻ ۽ دنيا کي اھو پيغام ڏيڻ جو ڏس ڏئي ٿو ته اسان اھا قوم آھيون جيڪا پنهنجي درد کي، پنهنجي پيڙا کي به حوصلي ۽ ھمت ۾ بدلائي پنهنجي قومي تشخص جي بقا، پنهنجي ثقافتي اھڃاڻن جي وارثي ۽ قومي ايڪتا جي رنڱ ۾ رنڱجي پنهنجي ڌرتي تي ھڪ روشن صبح جو سج اڀارڻ لاءِ ڪوشان آھيون. ايڪتا جو ڏينهن اسان جو ثقافتي نظريو آهي جنهن تي ھر سنڌي ماڻهو متفق ٿي ايڪتا جي رنڱ ۾ رنڱيل آهي. اسان جي ثقافتي نظريي جو باني روزاني “پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” سٿ جو سرواڻ محترم علي قاضي صاحب آهي ۽ اڄ اھا ئي محترم علي قاضي صاحب جي کنيل ان قدم ۽ اسان سڀني جي ڪاميابي آهي ته اڄ اھو ايڪتا ڏينهن نه رڳو سنڌ پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌ واسين پاران ملھايو ٿو وڃي. آئون ھن سال ايڪتا جو ڏينهن پنهنجي شھر چمبڙ ۾ “ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار” سٿ سان گڏجي ملھائيندس. “پنهنجي اخبار” جي پڙھندڙن سميت سمورن ماروئڙن کي سنڌ جي ثقافتي عيد ايڪتا جو ڏينهن مبارڪ.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

سنڌ منهنجي امان!

اي سنڌ تون اُها ڌرتي آهين جنهن دودي جهڙي دلير جوانن کي جنم ڏنو تو ڀٽ جي گھوٽ ڀٽائي کي جنم ڏنو ۽ تو ۾ هوشو، هيمو جھڙي هستي ڄمي، تو ۾ سسئي ڄمي، تو ۾ سهڻي ڄمي، تو ۾ مهاڻي ڄمي، تو ۾ ڄام ڄميو، تو ۾ ميهار ڄميو، تو ۾ ڏاتار ڄميو، اي سنڌ! تو ۾ ڪي ئي دودا ڄميا ۽ تو ۾ ڪي ناريون ڄميون. اي سنڌ تون اُها ڌرتي آهين جنهن جي سيني مان سنڌو وهي جيڪو سڄو سون آ. اي سنڌ تون ته جنت الفردوس آهين، تو ۾ ڪينجهر ڏٺم، تو ۾ منڇر ڏٺم، تو ۾ مڪلي ڏٺم، تو ۾ قلندر ڏٺم، تو ۾ سخي ڏاتار ڏٺم، تو ۾ درسگاهون ڏٺم مينار ڏٺم، تو ۾ موتيو ڏٺم، تو ۾ چمبيلي چوڌار ڏٺم، اي سنڌ! تو ۾ گهر ڏٺم، ٿر ڏٺم، تو ۾ شهر ڏٺم، تو ۾ سانگھڙ ڏٺم، تو ۾ سنجهورو ڏٺم، تو ۾ دادو ڏٺم، تو ۾ ڄامشورو ڏٺم. سچ پڇين ته اي سنڌ! تون منهنجو جيءُ جان آهين، تون منهنجي لوئي اجرڪ شان آهين، تو مٿان هزارين جانيون قربان ڪري ڇڏيان.

سنڌ منهنجي امان!

سونهن تنهنجيءَ مٿان،

ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،

ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

سرفراز احمد لغاري ڳوٺ حاجي احمد لغاري

ڌرتيءَ جو شھيد اديا چمار!‎‎

ننڍي کنڊ جي آزادي ۾ سوين دلت، دراوڙ ۽ آديواسي نوجوانن ۽ نارين پنھنجي ماتر ڀوميءَ جي بچاءَ خاطر پنھنجي زندگين جي پرواهه نه ڪئي ۽ ديس خاطر سرخرو ٿي ويا. توهان مان ڪيترا آھن جن آزادي جي سپاھين دلت مھاوير، بھادر شھيد اديا چمار جو نالو ٻڌو هوندو، توهان مان ڪيترا آھن جن تلڪا مانجھي ۽ ماتادين ڀنگي جو نالو ٻڌو آ يقين توھان اھي نالا شايد پھريون ڀيرو ٻڌي رھيا آھيو، ڌرتيءَ جي دراوڙ جوڌن جا نانءُ ڀوميءَ جي مٽي ۾ دفن ٿيل آھن، اپرڪاسٽ تاريخدانن دراوڙ ھيروز کي تاريخ ۾ ڪڏھن به جگھ ناھي ڏني. منگل پانڊي جي بغاوت کان پھريان شھيد اديا چمار جنھن انگريزن جي خلاف بغاوت جو بگل وڄائي ڇڏيو هو. سڀني کان پھريون دراوڙ شھيد تلڪا مانجھي ۽ ھن جي ساٿين جي انگريزن خلاف بغاوت آھستي آھستي وڌي چڪي ھئي. ان کانپوءِ انگريزن جي خلاف 1804ع ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر بغاوت شروع ٿي، ڇتاري جو نواب نھارکا انگريزن جي حڪومت جو ڪٽر دشمن ھو، 1804ع ۽1807ع ۾ ان جي پٽن انگريزين سان ڏاڍو سخت مقابلو ڪيو ھن جنگ ۾ جنھن شخص انھن کي سڀني کان گھڻو ساٿ ڏنو اھو انھي جو دوست اديا چمار ھو. جيتوڻيڪ اديا چمار جي باري ۾ ڄاڻ تمام گھٽ آھي، ڇاڪاڻ ته ننڍي کنڊ جو اھو الميو رھيو آھي ته ڌرتيءَ جي دراوڙ شھيدن کي تاريخ ۾ جگھ ڪڏھن به نه ملي آھي پر سماج ۾ دراوڙ شھيدن جا نانءُ گونجندا رھيا آھن، چوندا آھن ته اديا چمار جي ويرتا ۽ بھادريءَ کي انگريز به جھڪي سلام ڪندا هئا. اديا چمار انگريزن جي خلاف ڌرتيءَ جي بچاءَ لاءِ جنگ ۾ لڙندي ھن ڪيترن ئي انگريزن کي بدترين موت ڏنو، بعد ۾ اديا چمار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1807ع ۾ کيس ڦاهي ڏني وئي. شھيد اديا چمار جي ويرتا جون ڪٿائون ۽ ڳيت  اڄ به سماج کي بھادريءَ سان ڀرپور ڪري ڇڏين ٿا. ڌرتيءَ جي سچي عاشقن لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه فرمايو آهي ته:

سُوري آههِ سينگار، اَڳھِين عاشقن جو،

مُڙڻ موٽڻ مھڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ،

ڪُسڻَ جو قَرار، اصل عاشقن کي.(شاهه)

دولت راءِ دراوڙ/ ڀيل ننگر، اسلام ڪوٽ

تصوف ۽ عشق سان ڀريل سنڌ!

چاهي قوم ڪهڙي به ڇو نه هجي پر سنڌي سڀ پاڻ ۾ سڳن ڀائرن جيان آهن ۽ سنڌي ئي پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائي سگهن ٿا. سال ۾ هڪ ڀيرو اسان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پنهنجي سنڌ امڙ کي خوشي مان جهومائي ڇڏيندا آهيون، ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ سان نه رڳو اسان کي خوشي ملي ٿي پر اهو به فائدو آهي جو اسان جي ايندڙ نسل نه ڪجهه سکي رهي آهي. ڪا به ٻولي اهڙي مٺڙي ناهي جهڙي سنڌي ٻولي مٺڙي آهي، اسان تمام خوشنصيب آهيون جو اسان سنڌي آهيون،  اسان وٽ لطيف آ، اسان وٽ سچل آ پر اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي ثقافت تصوف ۽ عشق سان ڀريل آهي. بيشڪ لطيف سرڪار جو پورو ڪلام تصوف، عشق ۽ محبت جي رمزن سان ڀريل آهي، سندس فڪر ۽ پيغام عشق جي عجيب ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي، سندس هڪ هڪ بيت هڪ سنيهو آهي ۽ هڪ هڪ بيت رهنمائي ڪري ٿو حق، سچ، سونهن ۽ عشق جي ان ڪري سندس فڪر کي پڙهيو وڃي، سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪري، سنڌ جو مان مٿانهون ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ طريقي سان سچل سرمست جي شاعري، معنى، مفهوم ۽ فني لحاظ کان ڪنهن به طرح دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. بقول ڪنهن شخص جي ته ”جيڪڏهن شاهه ڀٽائي جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي ته سچل سرمست جهنگ کي باهه آهي.” سچل جڏهن مجازي عشق جو اڻانگهو سفر طئي ڪري، حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌايو ته هن کي هر طرف محبوب ئي محبوب نظر آيو، هن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي. ورهه ۽ وڇوڙي جا سُور ويندا رهيا ۽ پاڻ طالب جي بجاءِ مطلوب بڻجي ويو. ڀڳت ڪبير کان وٺي سچل سرمست، گُرونانڪ کان ميئين شاهه عنايت رضوي، سامي، شاهه ڪريم، ميران ٻائي، رُوحل فقير،صوفي رکيل سائين، بيدل، تلسي داس ۽ ٻيا سڀئي هڪ ئي مالها جا موتي آهن. بهرحال هي ثقافتي ڏهاڙو آهي سنڌي سڀئي جوڌا هڪ ميدان ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي سان نظر آيا هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي “جيئي سنڌ، جيئي اجرڪ ۽ جيئي سنڌي ٽوپي” جا نعرا لڳا، اهو منظر ڏسڻ وٽان هو.

ڪاشف نوراني/ نوابشاهه

سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ايڪي ۽ اتحاد جو پيغام!‎‎

ھر قوم جي سڃاڻپ ان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي سان ٿيندي آھي. اھا ثقافت ئي آھي جيڪا ھڪ قوم جي ماڻهن ۾ اتحاد پيدا ڪري ٿي. پاڪستان جي صوبن مان صوبو سنڌ پڻ پنهنجي ثقافتي قدرن، ٻوليءَ ۽ روايتن جي ڪري مشهور آهي. جنھن ۾ ٽوپي، اجرڪ ۽ ٻوليءَ سان سنڌ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي. ان وسيع تاريخ، روايتن ۽ ثقافت کي دنيا آڏو نروار ڪرڻ لاءِ هر سال ڊسمبر ۾ سنڌي ٽوپي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آھي. جيڪو نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا ۾ رھندڙ سنڌي ڀرپور جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائيندا آھن ته جيئن دنيا کي پيار، امن، اتحاد، ايڪي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ سان گڏوگڏ سنڌي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪجي. سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ثقافتي ڏهاڙو پنهنجي روايتن سان ملهايو ويندو آهي خاص ڪري ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جا ٻار، مرد ۽ عورتون روايتي لباس سان گڏ ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪن ٿا ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ وفاداري جو اظهار پڻ ڪن ٿا. سنڌ جا ماڻهو جيتوڻيڪ پيار ڪندڙ، پرامن ۽ سادي طبيعت وارا آهن پر سندن سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ جا جڳ مشهور آهن. جيئن سنڌي ماڻهو ثقافتي ڏهاڙو ايڪي ۽ ٻڌي سان گھرن ۾ نڪري روڊن ۽ رستن تي ملھائي رھيا آھن، تيئن ئي سنڌ جي ترقيءَ، خوشحالي ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به سنڌي ماڻهن کي ايڪي جي ضرورت آھي. سنڌ جي ترقي، تعليم، خوشحالي، پيرن، ميرن، ڪامورن ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ اسان جو قومي فريضو آھي. سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ضروري نه آھي اسان ھڪ ئي تنظيم يا پارٽيءَ سان تعلق رکون. بلڪي پنھنجي ذاتي فائدن کي نظرانداز ڪري، سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ٻڌي ڪري للڪار بڻجڻ اسان جو مقصد ھجڻ گھرجي. ڇو ته حقيقت ۾ اھو اتحاد ۽ اتفاق ئي سنڌ جي ثقافت جو پيغام آهي.

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

تاريخ تان پردو کڄي ٿو!

بلوچستان قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي، هاڻوڪو بلوچستان جيڪو اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. “مهر ڳڙهه جي تھذيب” به سنڌين جي آهي، جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪونه هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن، بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي. پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا گهڻائي علائقا سنڌ مان ڪٽي جھڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، ڊيرا مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. لسٻيلو پڻ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پھرين سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جو حصو هئو. پوءِ جڏهن ون يونٽ ختم ڪيو ويو تڏهن لسٻيلي کي واپس سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪرڻ بدران بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. ميان عبدالنبي ميرن سان جنگ ۾ مدد ڪرڻ تي،ڪراچي خان آف قلات کي تحفي طور ڏني هئي، جيڪا 1795ع ۾ ٻيھر ميرن جي صاحبيءِ ۾ واپس سنڌ سان ملائي وئي، ڪراچي ٻيھر سنڌ سان ملائڻ واري انهيءَ معرڪي ۾ تلاوه خان عرف ٽالهو خان به شامل هو. [10[ حوالا: ڪتاب سماٽ (ص نمبر 31)، ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ (ص نمبر 579)، ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع، ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ (ص نمبر 38)، تاريخ بلوچان هند (ص نمبر 40)، تاريخ بلوچستان (ص نمبر 16)،  ڪتاب “بلوچ” (ص نمبر 30) م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري، ڪتاب بگٽي قبيلا (ص نمبر 48)،  ساڳيو ڪتاب (ص نمبر 55)، محقق علي احمد نظاماڻي.

حيدر بخش کوسو/ شھر گلاب لغاري

حب الوطن من ال ايمان!

“وطن جي حُب انسان جي فطري تقاضا آهي، وطن جي حُب ايمان جو جُزو آهي، وطن جي حُب ايمان جي نشاني آهي.” وطن جا سُڪل وڻ پرديس جي سهڻن باغن کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ پيارا لڳندا آهن. وطن جون ڪکائون جهوپڙيون پرديس جي اوچين ۽ رنگين محلاتن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ راحت بخش هونديون آهن. وطن جي مٽي ٻئي مُلڪ جي عطر عنبير کان وڌيڪ خوشبودار ۽ عزيز لڳندي آهي. دنيا جي تاريخ جا ورق ورائبا ته اسان کي وطن جي قرباني لاءِ تمام گهڻا مثال ملندا جن پنهنجي وطن لاءِ تن؛ من ۽ ڌن قربان ڪيو. عُمر جي ڪوٽ ۾ قيد مارئي کي ڇا نه آڇيو ويو پر هن هر شيءَ کي ٺڪرائي ملير جي اڃ ۽ بُک کي مان ڏنو. زَري، بخمل ۽ ريشم جهڙين پوشاڪن کي رد ڪري لوئي کي ڳلي لاتائين، عُمر جون نعمتون، محل ماڙيون ۽ ست رڇي کاڌا هن وطن جي مٽيءَ برابر به نه ٿي ڄاتا، قيد جو سڄو عرصو وطن کي واجهائيندي روئندي رهي، ايستائين جو عُمر کي وصيعت ڪيائين ته :

واجهائي وطن کي، آءُ جي هِت مُياس،

گور منهنجي سومرا!  ڪج پنهوارن پاس،

ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،

مُئائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!

حضرت يوسف عه جڏهن ڪنعان کان دور ٿي مصر جي بادشاهي ماڻي ٿو، تڏهن به اهوئي چوي ٿو ته مصر جي بادشاهي کان ڪنعان جي فقيري وڻي ٿي. ڀٽائيءَ جي شاعري جو بنياد ئي حُب الوطني رهيو آهي، شاهه صاحب وطن کي ساريندڙن لاءِ چوي ٿو ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو!

وطن سان محبت رکندڙ قومون هميشه ترقي جي منزل ماڻينديون رهيون آهن. اهڙيون قومون هميشه وطن جي حفاظت لاءِ هر ڪا تڪليف، مصيبت سر تي سهي، دشمنن جي سامهون ٿينديون رهيون آهن. اهڙين قومن جو نالو تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو آهي.

“ھميشه قوم پنھنجي ثقافت سان سڄي عالم ۾ سڃاتي ويندي آھي، جيڪڏھن ڪنھن قوم کان ان جي ثقافت کسي وڃي ته ان قوم جي ڪابه سڃاڻپ نه رھندي.” شاهه سائين فرمايو ته:

سنڌ سموري سون سنڌ سڄي سرھاڻ،

سنڌ ڀٽائي گھوٽ جي سنڌ ڀٽائي ساڻ،

موج ڀريو مھراڻ سدا وھي سنڌ ۾،

جيئي مھراڻ،جيئي لطيف، جيئي لطيف سرڪار جي ٻولي.

صوفي عرفان علي مهر/بخشاپور

ايڪتا ڏهاڙي جا رنگ!

اڄ 4 ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جيڪو سنڌ توڙي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو. سنڌ جي شهرين حيدرآباد، ڄامشورو، ڪي اين شاهه، ميهڙ ۽ مختلف شهرين توڙي ڳوٺن نورنگ چانڊيو، ڳوٺ ماڏو، گوٺ گوزو سميت ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويندو. ايڪتا جي حوالي سان سنڌ جا ماڻهو اجرڪ ۽ پٽڪا پائي علي قاضي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪندا. ڳوٺ نورنگ چانڊيي جو رهواسين ميرجان ۽ عبدالله چانڊيو چيو ته ايڪتا جو بنياد پنهنجي “اخبار ۽ ٽائيم نيوز” جي سرواڻ علي قاضي صاحب وڌو ۽ جنهن جي ڪري اسين سنڌيڻ توڙي سڄي دنيا ۾ ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويندو. ايڪتا جو ڏينهن عيدن کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي.

عرفان مختيار چانڊيو/ڪي اين شاهه

سنڌ جا معذور ۽ سنڌ حڪومت جا سکڻا اعلان!

معذور معاشري جا عام شھري آھن پر سنڌ حڪومت پاران اڄ اخبارن ۾ وڏا وڏا معذورن جا ڦوٽو ھڻي اڄ اسان معذورن لاءِ ھينئن ڪيو اڄ ھونئن ڪيو پر اڃا تائين سنڌ جي معذورن کي ڪا به شيءِ ڪو نه ملي آھي، جيڪي فنڊ اچن ٿا اھي فنڊ سيڪريٽريٽ ۾ ھڙپ ڪيو وڃن ٿا، معذورن جو خاص معاون اھڙو مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو سيڪريٽريٽ تائين محدود ھوندو آھي، سنڌ جا شھر ھن کي نوگو ايريا ٿا لڳن، سي ايم سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري وڏا وڏا اعلان ڪيا آھن ته اسان معذورن لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا الڳ رکي آھي پر ان ڪوٽا ۾ ڪوبه معذور ڀرتي ٿيو آھي يا نه؟ سي ايم صاحب توھان ضلعي ٿرپارڪر ۾ وٽرنري کاتي ۾ ڊاڪٽر گريڊ 17هين جا آرڊر سڌا سنوا ايم پي اي ۽ اين اين اي جي حوالي ڪيا، انھن جي نه ٽيسٽ ورتي ۽ نه ئي انٽريوز ورتا ويا ۽ معذورن کي توھان ڊپٽي ڪمشنر جي آفيسن ۾ انٽريو لاءِ سڏرائي خوار ڪيو ويو، جيڪڏهن اوھان کي معذورن کي آرڊر ڏيڻا آھن ته اوھان وٽ معذورن جون لسٽون ٺھيل پيون آھن، انھي کي انٽريو ڪال ڪري انھي جي فٽنيس ڏسي پوءِ آرڊر ڏئي ڇڏيو ها، ھرون ڀرون معذورن کي خوار خراب ڇو ٿا ڪريو؟ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ھي ٽيون معذورن جو انٽريو آھي پر اڃا تائين انھي کي آرڊر ڪو نه مليا آھن، رڳو ويچارن کي ڪراين ۽ ڀاڙن ۾ خوار ڪيو ويو آھي ۽ سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن ۾ جڏهن معذورن جي ڪوٽا رکي  وئي آھي ته انھن جي سادي ٽيسٽ وٺي سادي واءِوا وٺي انھن کي جلد آرڊر ڏنا وڃن، باقي رڳو سکڻا اعلان نه ڪيا وڃن ڪجهه معذورن کي معذورن جا حق ڏنا وڃن، باقي معذورن جي سموري بجيٽ صرف اشتهارن تي خرچ ڪرڻي آهي ته پوءِ معذورن جي به ڀلائي ٿي سا جڳهه ڏسي ورتي. معذور منيشن ڪمار واسو/مٺي