ڏاج واري رسم جو خاتمو آڻيو!‎

 

اسان جي معاشري ۾ هڪ وڏي وبا جيڪو سالن کان جنم وٺي هلندو پيو اچي اهو ڏاج واري رسم آهي، جيڪا مختلف مذهبن، ذاتين ۾ ڏاج جا الڳ روپ ٿيندا آهي، ڪو ڏاج جي صورت ۾ پنهنجي نياڻيءَ کي لکين ڪروڙين رپيا ڏيندو آهي ته ڪو وري زمين، پلاٽ، بنگلو يا ڪار ٿو ڏئي، ڪو پنهنجي نياڻي جي گهر واري کي نوڪري ٿو وٺي ڏئي ته ڪو وري ڪاروبار ٿو لڳائي ڏئي. مطلب ته هر مذهب، ذات ۾ ڏاج جو الڳ الڳ روپ آهي، اصل ۾ انهن جي ڪري عام ماڻهن جي نياڻي اڌ زندگي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ئي گذاري ڇڏيندي آهي، گهڻين ڇوڪرين جا رشتا ڏاج نه هجڻ ڪري ٿنيدا ئي ڪونه آهن، موجوده وقت ۾ پنج لک هجن ته هڪ نياڻي جي شادي ڪري سگهجي ٿي، عام ماڻهو ڏيهاڙي پنج سئو ڪمائي، جنهن ۾ گهر جو گاڏو هلائڻ به انتهائي ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي، اهو ايتري ڳري رقم ڪٿان گڏ ڪندو جو پنهنجي نياڻي جا هٿ ڳاڙها ڪندو؟ پر هتي ٻئي جو ڪير ٿو سوچي؟ ڇا اسان کي اسان جو مذهب اها اجازت ڏئي ٿو ته نياڻيءَ کي ايترو ڏاج ڏيون؟ توهان جي انهيءَ وڏي ڏاج ڏيڻ جي ڪري انيڪ نياڻيون گهرن جي ڪنڊ ۾ پنهنجي قسمتن تي روئينديون رهجي ويون آهن، جن جا مٿا اڇا ٿي ويا آهن پر هن وبا جو خاتمو ڪونه اچي سگھيو آهي، پڙهيل لکيل ماڻهو رسم جي مخالفت ڪون ٿا ته نياڻيءَ کي ڏاج مذهب مطابق ڏنو وڃي ڇو ته مذهب جو قانون سڀني لاءِ برابر آهي، ڏاج مختلف نه مختصر هجڻ گهرجي، جيئن غريب طبقو به پنهنجي نياڻين جي شادي جا خواب ڏسي سگهي.

 

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

 

ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ!

 

(حصو ٽيون)

 

ڀٽو کي اقتدار کان اهڙي وقت هٽائي مارشلا هنئي وئي جڏهن ان جون مخالف ڌر سان ڳالهيون طئي ٿي ويون هيون ته 07 مارچ 1977ع جي قومي اسيمبلي جي تڪراري اليڪشن کي رد ڪري نئين سر چونڊون ڪرايون وينديون، پاڪستان جي قومي اتحاد جي اها ٽيم 77ع واري چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهي هئي، جنهن جي ميمبرن بعد ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته پ پ جي حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڪستان قومي اتحاد وچ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، حڪومتي ٽيم ۾ شامل ڀٽو جي ساٿي حفيظ پيرزادي ٽي وي چينل تي انٽرويو ۾ به چيو هو ته ڀٽو صاحب اها هدايت ڪئي هئي ته مخالف ڌر سان طئي ٿيڻ واري ٺاهه جو مسودو تيار ڪري صحيح لاءِ پيش ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڀٽو حڪومت ۾ وزير اطلاعات مولانا ڪوثر نيازي پنهنجي ڪتاب “اور لائن ڪٽ گئي” جيڪو مون ٻه اڍائي ڏهاڪا کن اڳ معصوم شاهه لائبريري سکر ويهي گرمين ۾ پڙهيو هو، ڇاڪاڻ ته آئون اسلاميه ڪاليج سکر ۾ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ ويندو هئس جتي آئون بي ايس سي ٽو جا پيپر نه ڏنا هئا ۽ مون کي مڪمل ڊگري نه ملي هئي، بعد ۾ مون پنوعاقل ڊگري ڪاليج مان بي اي ڪري ڇڏي، خير جنهن ۾ مولانا ڪوثر نيازي لکيو آهي ته “77ع جي تڪراري چونڊن جي جاءِ تي نيون چونڊيون ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو هو پر مارشل لا لڳايو ويو. 4 جولاءِ جي رات Operation Fair Play جي نالي سان هڪ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي ڪابينا جي ميمبرن ۽ مخالف ڌر اڳواڻن کي فوج حفاظتي تحويل ۾ ورتو هو، ڀٽو ۽ ان جي ڪابينا جي ميمبرن کي مري پهچايو ويو. ڀٽو کي ڪشمير پوائنٽ تي گورنر هائوس ۾ 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي تحويل ۾ رکيو ويو، جولاءِ جي آخري هفتي ۾ جڏهن ڀٽو کي حفاظتي تحويل مان آزاد ڪيو ويو ته ڀٽو آزاديءَ بعد مري کان لاڙڪاڻي هليو ويو، لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ بعد هو ٽرين ذريعي ڪراچي پهتو، رستي ۾ هزارين ماڻهن ان جو استقبال ڪيو، وڏي تعداد ۾ ماڻهو ان ٽرين سان گڏ ڀڄندا رهيا جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سفر ڪري رهيو هو، ڪراچي پهچڻ بعد ان جي رهائش گاهه 70 ڪلفٽن تي ماڻهن جي وڏو تعداد گڏ ٿيو، ڀٽو خاندان جو سڀ کان پراڻي ۽ بااعتماد دوست صحافي بشير رياض آهي، جنهن وٽ ڀٽو خاندان ۽ ڀٽو ڪيس جي بابت گهڻي ڄاڻ آهي. ڀٽو صاحب جڏهن پرڏيهي وزير بڻيو هو تڏهن صحافي بشير سان ساڻس ملاقات ٿي هئي ۽ هو ڀٽو خاندان جي ويجهن دوستن ساٿين ۾ ڳڻيو ويندو هو جنهن “دختر مشرق” ۽ “ميرا پاڪستان” ڪتاب لکيا هئا، جيڪو شهيد بينظير ڀٽو جو پرڏيهي ترجمان ۽ هاڻي بلاول ڀٽو جو سينيئر ايڊوائيزر جي صورت ۾ موجود آهي. (جاري)

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ڦاسي لڳل ڪتو‎!

 

ھڪ بادشاھ سير تفريح تي نڪتل ھو ته سفر ڪندي ڪندي ڏورانهين علائقي ڏانھن نڪري ويو، اتي ھڪ گھر ڏٺائين جنھن جو مالڪ سخي طبيعت جو ھو، جنھن بادشاھ جي تمام گھڻي مهمانوازي ۽ خدمت ڪئي، اتي بادشاھ جي نظر ڦاسي لڳل ڪتي تي پئي، گھر جي مالڪ کان سبب پڇيائين ته ھي ڦاسي لڳل ڪتو ڇو ٽنگيل آھي پر گھر مالڪ سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھ پنھنجو تعارف پڻ ڪرايو پر ھن سندس راز نه ٻڌايو، ٻئي ڏينھن بادشاھ قاصد موڪلي ان کان سبب پڇيو پر وري به هن انڪاري ڪيو، بادشاھ کي ڪاوڙ اچي وئي، ھن داروغا موڪلي ھن شخص کي گرفتار ڪرائي پنھنجي عدالت ۾ پيش ڪرايو، اتي به ڦاسي لڳل ڪتي بابت پڇيو وري به انڪار تي کيس سزا جو ڊپ ڏنو ويو پوءِ به هو انڪاري، رهيو، کيس انعام جي آڇ ڪئي وئي تڏھن به انڪار ڪيائين، آخر بادشاھ تنگ ٿي سندس مرضي پڇي؟ انھيءَ تي انڪاري شخص چيو ته قبلا ڪجھ ڏينھن بادشاھي جا سمورا پاور وس وسيلا منھنجي حوالي ڪريو ته اوھان ڳالھ عملي طور سمجھيايان. بادشاھ کي ڊپ ٿيو ته متان مستقل حڪمراني تي قبضو نه ٿي وڃي، ھن انڪار ڪيو پر پوءِ بادشاھ کي سڪون نه آيو، ھر وقت ھن جي سامهون ڦاسي لڳل ڪتو تصور ۾ پي گھميو، جنھن بادشاھ جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو ھو. آخرڪار بادشاھ انھيءَ شخص کي پاڻ وٽ گھرايو، بادشاھت ھن حوالي ڪري ڇڏي، جڏھن ھو ھمراھ بادشاھت تي ويٺو ته ھن پھريون ڪم اھو ڪيو جو سمورن وزيرن کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو، سمورن بيوروڪريٽس، ججن، سياستدانن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيائين ۽ پاڙيسري ملڪن سان تمام ڏي وٺ بند ڪري ڇڏيائين، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ملڪ ۾ خوشحالي اچي وئي، امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي، رياست جو خزانو ڀرجي ويو، ڦاسي لڳل ڪتي جو سبب بادشاھ کي سمجھ ۾ اچي ويو پر ھن واضع طور پڇيو ته ھاڻ مون کي سمجهاءِ ته اھا ڪھڙي ماجرا ھئي؟ تنھن تي ھن ٻڌايو ته مون وٽ رڍن، ٻڪرين جا ڌڻ ھئا، ھي ڪتو انھن جي حفاظت تي مقرر ھو پر منهنجي ڌڻ مان روزانون ھڪ ھڪ ٻڪري ته ڪڏھن رڍ گم ٿي ويندي ھئي، جڏھن مون سبب معلوم ڪيو تڏھن خبر پئي تي ھي ڪتو بجاءِ حفاظت ڪرڻ جي ھروز ھڪ ٻڪري يا رڊ کنڀي کڻي ويندو ھو، پاڻ به کائيندو ھو ٻين ڪتن کي به کارائيندو هو، تنھن ڪري ڪتي کي بطور سزا عبرت جو نشان بڻائڻ لاءِ ڦاسي تي لٽڪائي ڇڏيم، منھنجي ڪتي جيان تنھنجا ھي وزير ٻيا ذميداريون سنڀاليندڙ ماڻھو پاڻ ته خزانو لٽيندڙ ھئا پر ٻين کان به ڪميشن خوري جي چڪر ۾ سرڪاري مال ھڙپ ڪرائيندا ھئا، مون بطور سزا مڙني کي جيل حوالي ڪيو، ملڪي چڱو ناڻو بچي پيو. ملڪ خوشحال ٿي پيو. سنڌ جي غريب ڀڙبانگ ضلعي سجاول مان آئل گئس جا وڏا ذخيره مليا آھن پر مقامي ماڻھن ۾ ڪا به خوشي جي لھر نه آئي آهي، هو مايوسيءَ جي عالم آھن، نوجوان سوشل ميڊيا تي لکن پيا ته پنجاب کي مبارڪون، سجاول مان گئس جا وڏا ذخيره مليا آھن. آڪاش انصاري به خوب لکيو ته “حيران ٿي پڇيم ھاري کان، ھي آرڻ ڪنھن اجاڙيا آھن ،چيائين ڏوھ ناھي گدڙن جو پنھنجي گھر جا ڪتا ڀاڙيا آھن.”

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

هنگلاج ماتا آستان بلوچستان!

 

پاڪستان جي صوبي بلوچستان ضلعو لسبيلا ۾ شري ھنگلاج ماتا راڻي جو ميلو شروع ٿي ويو آهي، سموري ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ياترين جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو، ھنگلاج ماتا راڻي جو ھي تيرٿ سناتن ڌرم ۾ پويتر تيرٿ لکيو وڃي ٿو، انھيءَ تيرٿ جو ذڪر مذھبي ڪتابن ۾ به تيرٿ جي شروعات لياري سان چندر ڪوپ پو اگورندي کانپوءِ شري گڻيش جي پوجا سان ياترا شروع ٿيندي، جتي ماتا ڪالي ۽ ھنگلاج ماتا جي مندر کان پوءِ تر ڪنڊ آسو جبل جنھن کي کير وارو جبل چيو ٿو وڃي، پوءِ 84 لک جبل ۽ انيل ڪنڊ جي ياترا آ، ٽن ڏينھن جي ميلي کان پوءِ آخر ۾ يڳ ھونَ ٿيندو، پوءِ ياترا پوري ٿيندي. ماتا راڻي جڳت جو ڪليان ڪري ياترين جي دلين جون خواھشون پوريون ڪري آيل ياترين کي دل جي گھرائن سان ڀليڪار چئون ٿا. پوجا ۾ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون گھريون ويندو، ڀنڊارو لياري ۾ ۽ ماتا راڻي ھنگلاج جي مندر ۾ به جڏھن ياترا جي دوران مختلف ھنڌ تي ياترين جي لاءِ کاڌي جا اسٽال لڳايا ويا هئا، بس ڊرائيورن کي وينتي آهي ته اوھان بسون آرام سان ھلائجو، انھي ۾ مسافر تمام گھڻا ھوندا آهن، اگور ندي کان ڪجھ فاصلي تي بس ۽ ڪار پارڪنگ آهي جتي اوھان پنھنجون بسون ۽ گاڏيون بيھاري سگھون ٿا، اھم ڳالھ ته انھيءَ ياترا ۾ لڳ ڀڳ ڏھ لک ياتري ھوندا آھن. 12 ڪلوميٽرن تائين رڳو ياتري نظر ايندا آهن، ياترا دوران پنھنجي قيمتي سامان، پنھنجي اولاد ۽ گھر وارن جو خيال رکو. ھڪ ٻئي جي رستي ۾ مدد ڪجو، ڪنھن جي گاڏي خراب ٿئي يا ياترا ۾ ڪا تڪليف ٿئي ته ان جي مدد ڪجو، اھا به ھڪ شيوا آهي، پاڻي پاڻ سان گڏ لازمي کڻجو يا اسٽالن تي اوھان کي پاڻي ملي ويندو ته انھيءَ جو ڌيان سان استعمال ڪجو، پنھنجي ڌرمي ياترا جي ڄاڻ ايندڙ نسل کي ڏيندا، ماتا راڻي اوھان کي سدا خوش آباد رکي، وينتي آهي ته ماتا راڻي جي ميلي ۾ حب تي ڀنڊارو جو بندوبست ٿيل آهي پر ھتي ياترين کي وينتي آهي ته ڪجھ غلط شيون خريد نه ڪندا جنھن کان پاسو ڪجو، اوھان ماتا راڻي جي مندر ۽ ياترا ڪرڻ وڃون پيا اھو تيرٿ آستان آهي انھيءَ جي عزت لاءِ سڀ شيون ڇڏي ڀڳتي ڪيو، شيوا ڪيو، ھڪ ٻئي جي مدد ڪيو، ڀيد ڀاءُ ڇڏي ھڪ ٻئي سان پيار جو مثال قائم ڪجو، جئي هو ماتا هنگلاج ڪي.

 

ڊاڪٽر راجو ٺاڪر/ ملڪاڻي شريف

 

هيءَ عيد سنڌ واسين ڪيئن گذاري؟

 

سنڌ واسين لاءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي چنگيزي ذھنيت جي ڪري فلسطيني ٻارڙن مٿان بمن جي وسڪارن، شھادتن، سميت پريا ڪماري جي غم سبب عيد جون خوشيون اجھاميل رهيون، سنڌ ۽ هڪ ماءُ پنهنجي معصوم نياڻي جي گم ٿيڻ، اغوا ڪرڻ واري صدمي سبب ھي عيد ڪيئن ملھائيندا؟ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن ۽ اسيمبلين جي ميمبر صاحبان آڏو پريا ڪماري جو مسئلو ڇو ۽ ڇاجي ڪري درگذر ڪندي اهو نٿو ٻڌو وڃي؟ ھنن کي پريا ڪماريءَ بابت سوالن تي ڪاوڙ ڇو ٿي لڳي؟ جيڪا “رحمدل انسان” جي ناتي نه ٿيڻ گھرجي. جڏھن ته حڪمرانن جا احساس اقتدار جي مڪمل نشي ۾ بگڙڻ نه گھرجن، ھنن کي به سنڌ جي امن امان سميت معصوم پريا ڪماريءَ لاءِ سنڌ جي عام ۽ خاص رھواسين جيان فڪرمند ٿيڻ گھرجي. ھنن حاڪمن کي خونن ۽ اغوائن جي ڏوهن توڙي وارداتن تي انصاف جون گھرجون پوريون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ واسطي ورتل ڪوششن ۾ لائق پوليس آفيسر جاويد جسڪاڻيءَ مان عوام کي انصاف جون تمام گھڻيون اميدون وابستا آھن، اميد آهي ته سندس اڳواڻي ۾ بھترين ٽيم ورڪ سان پيرا سجايا ٿيندا.

 

منظور ڪالرو/ قاسم آباد

 

سنڌ ۾ ڪرپشن جو ناسور بڻيل ادارا ۽ بيوس عوام!

 

سنڌ ۾ لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ آفيسر ڪرپشن جو بازار گرم ڪيون ويٺا آهن پر افسوس جو سنڌ حڪومت توڙي اعليٰ اختيارين کي ان معاملي جي ڪابه پرواهه نه آهي، جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي. سنڌ حڪومت پاران ڪرپشن جي خاتمي جون دعوائون ته گهڻيون ڪيون وينديون آهن پر عملي طور تي انهن ادارن کي حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي، تنهن جي ڪري ئي اهي ماڻهو سنڌ جي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۾ مصروف آهن. سڀ کان پهريان ڪرپشن ڪندڙ ادارن ۾ روينيو وارو کاتو سڄي ڏيهه ۾ مشهور آهي جتي 300 واري ڪم جا 30 کان 50 هزار 500 واري ڪم جا 1 لک رپيا طلب ڪيا ۽ ورتا وڃن ٿا، تنهن جي ڪري ته حدن جا تپيدار ڪروڙ پتي ۽ هاري غريب پيٽ پالڻ ۾ به تنگ آهن. ٻئي نمبر تي اچي ٿو تعليمي بورڊ جتي پڻ پاس ڪرائڻ کان وٺي ٻين ڪمن تائين هر مسئلي لاءِ روزانون هزارين رپيا رشوت ورتي وڃي ٿي. ان لسٽ ۾ ٽيون نمبر ڪرپٽ کاتو اچي ٿو صحت جو، جنهن ۾ اسپتالون، ڊسپنسريون وغيره شامل آهن، اتي پڻ اسان جو ڪرپشن کان پاڪ عملو جعلي دوائن، مشينن جي بل ٺاهڻ کان وٺي ٻين طريقن سان ڪرپشن ڪري پنهنجا گهر ڀرڻ ۾ پورا آهن پر عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ انهن کي تڪليف ٿئي ٿي. ان کان سواءِ لڳ ڀڳ سڀني ادارن ۾ رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آهي پر افسوس ڪو به آفيسر يا منسٽر ان معاملي کي ڏسڻ جي لاءِ تيار ناهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن ڪارين رڍن کي انهن ئي وڏن ماڻهن جي پٺڀرائي آهي جنهن سان ئي هو عوام جو رت چوسي رهيا آهن، ايتري قدر جو هاڻ اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ پڻ مبينا طور تي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيندو رهي ٿو، جيڪي آفيسر جي شڪايت ٻڌڻ بجاءِ انهن مان پئسن عيوض هٿ ڪڍي غريب عوام سان ناجائزي ڪن ٿا. بس پوءِ به حڪومت کان مطالبو آهي ته خدارا جيڪو عوام اوهان کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي اسيمبلين تائين پهچائي ٿو، انهن جي سار لهي ڪرپشن جهڙي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

 

آصف علي/سکر

 

مظلوم بڻيل سنڌ جو عوام ۽ سنڌ پوليس!

 

(حصو پهريون)

 

ملڪ جي گڏيل صورتحال اھا آھي ته عوام مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙھجي رھيو آھي، ھر پاسي کان غريبن، مسڪينن جون دانھون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن ته ٻن وقتن جي ماني کائڻ لاءِ عوام پريشان آھي ته ساڳئي جڳھ تي سنڌ جو عوام مھانگائيءَ جي سور کي منھن ڏئي رھيو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ بدامني، ڌاڙيل ڪلچرل جي خوف ۾ پڻ ورتل ۽ وڪوڙيل آھي، جيئن ئي مھانگائي ۾ واڌارو ٿيو آهي ته پوري سنڌ ۾ اغوا، چوريون، ڦرون ۽ ٻيون وارداتون عام ٿي ويون آهن، روزانون جي بنياد تي سنڌ جي شھرن مان خبرون شايع ٿين ٿيون ته مختلف شھرن ۾ ھٿيارن جي زور تي اسٽور، وڏا شاپنگ مال وغيره ڦرجي ويا، سي پيڪ تي دهشتگردن جون ڪاھون به روز جي بنياد تي معمول بڻيل آهن. تازو گھوٽڪي جي علائقي ۾ سيپيڪ موٽروي تي بگٽي قبيلي جي سردار جي فرزند کي ڌاڙيلن موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو، جنھن بعد بگٽي برادريءَ جي ماڻھن رد عمل ڏيندي ملوث ماڻھن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنھن سبب علائقي ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، جيڪڏھن سنڌ جي گڏيل بدامني واري صورتحال کي ڏسون ته ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور، سکر، خيرپور ضلعا تمام گھڻا متاثر آھن جتي ماڻھن ۾ خوف حراس ڦھليل آھي، ڪاروباري ماڻھو پڻ ذھني اذيتن جي ور چڙهيل آھن. ڪشمور ته پوري پاڪستان ۾ مشھور ٿي چڪو آهي، ان علائقي کي انسانن جي خريد و وڪري جي منڊي سان پڻ سمجھو سڏيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته اغوا ٿيل ماڻھو اڪثر ڪشمور مان ئي بازياب ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته اغوا جون وارداتون جيڪي ماڻھو ڪن ٿا اھو ھڪ ٽولو آھي جيڪو مختلف طريقن سان ماڻھن کي اغوا ڪري ٿو، جيئن عورتاڻي آواز تي گھرائي اغوا ڪرڻ وارا واقعا اڪثر ظاھر ٿيا آھن، اغوا ڪندڙ ماڻھو ٻئي ٽولي کي ماڻھو وڪڻي پئسا وٺن ٿا، ايئن ڪندي ڪندي اغوا ٿيندڙ ماڻھو وڃي منڊي مثل جڳھ تي پھچي ٿو، جتان مالڪن کي لکين ڪروڙين رپين جي ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ فون ڪيون وڃن ٿيون. ڪجھ واقعا اھڙا به ٿيا آهن جو خوف حراس ڦھلائڻ لاءِ ڌاڙيلن مغوين کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو آهي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکي ھڪ دھشت ڦھلائي ڇڏي جيڪا پوري ملڪ ۾ پکڙجي وئي، جنھن سبب گھوٽڪي، سکر جي روڊن تي سفر ڪندڙ گاڏيون رات جي وقت بيھي وڃن پيون ۽ ڏينھن جي روشني ۾ سفر ڪرڻ کي اوليت ڏين پيون، اھڙي نموني سان تازو ڀتا خوري پڻ ڌاڙيلن جا طرفان ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ سکر جي ڪاروباري ماڻھن کي ڀتي جون پرچيون ۽ فون ڪال ڪري ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. (جاري)

 

فدا ميراڻي/ پنوعاقل، سکر

الڪاسب حبيب الله!

 

(حصو ٻيون)

 

سنڌ جي جن جن شهرن ۾ رائس فيڪٽرين جي گھڻائي آهي اتي انهن مالڪن جي هڪ هٽي جي ڪري مزدورن جا جائز مصلا حل نه ٿا ڪيا وڃن راشي فيڪٽرين جي ورڪرن کي رجسٽرڊ به نه ٿو ڪيو وڃي ڪنهن ڪري ڪيترائي مزدور پينشن کان محروم آهن ايڏي ڳاٽي ٽور مهانگائي سبب هر پورهيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي پوڙهائپ ۾ پورهيت کي پينشن ڏيڻ لاءِ 1976ع اي او بي آءِ جو ادارو وجود ۾ آيو جنهن جو اهو مقصد آهي پوهيت کي پوڙهائپ واري عمر ۾ محتاجي کان بچائڻ لاءِ آمدني جو ذريعو مهيا ڪيو وڃي پر افسوس صنعتي رائس فئڪٽريز جي سڀني مزدورن سان مائٽيلي ماءُ وارو سلوق ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته مزدور جي ڪنهن به قسم جي ڪابه رجسٽر به نه ٿي ڪئي وڃي وري جيڪو پورهيت رجسٽرڊ ٿيل آهي انهن کي الاجي ڪيترن سالن کان 8500 روپيه پينشن ملي رهي آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه اضافو ناهي ڪيو ويو پورهيت اضافي پينشن کان محروم آهي انهن پورهيت محنت مش مزدورن کي سماجي تحفظ محنت جي احترام جو حق ڏنو وڃي. اسان جي ملڪ پاڪستان جي عوام جي زندگي ۾ ترقي ڏيارڻ لاءِ سياسي پارٽن جي خالقن جي سياسي ليڊرشپ جي سياسي ڪردار تي جيڪڏهن نظرثاني ڪري ڏسبو ته انهن سياستدانن سياسي ليڊر شپ ڪردار گھڻي گھڻي تعريف جوڳو نظر نه ٿو اچي جيڪو هجڻ گھر جي سياسي پارٽن جو هر مرڪزي قيادت هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۽ هڪ ٻئي تي گندا الزام هڻي پنهنجي سياسي ڪردار کي بدنامي جو بائص بڻائي پنهنجو تماشو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان ملڪ جي دشمن قوتون گھڻي کان گھڻاپنهنجا مفادات حاصل ڪندي نظر اچن ٿيو ماضي ۾ پاڪستان جي سياستدانن جي سياسي ليڊرشپ ڪجھ تسلي بخش هئي پر افسوس هن وقت سياسي ماڻهن۾ سياسي ليڊرشپ موجود ناهي نه ئي سندن سياسي ڪردارعوام آڏو خوبصورت رهيو آهي سندن سياسي محنت ۾ دولت ميڻڻ جو حرس ۽ اقتدار جي مسلط تي ويهڻ جو حرس موجود آهي هن وقت سياستدانن جي مدي خارج سياست ڏسندا سين ته انهن جي دلين ۾ صرف پنهنجي مفادن جا دهل وڄي رهيا آهن . انهن سياستدانن جي سياست ۾ مزاحمتي سياست ۽ نه وري نظرياتي سياست موجود آهي سندن دلين ۾ عوام سان محبت وارو نظريو نظر نه ٿو اچي جنهن سان ملڪي عوام جي پاڻ کي ڪنگ آف ليڊر سمجھي رهيا آهن اسان جي ملڪ ۾ سياسي ڇٽي جو ڇاڻو هيٺان جيڪي سياستدان نظر اچي رهيا آهن اهي وڏيرا سردار جا گردار پير سائين ۽ سرمائيدار موجود آهن نه ڪي ڪو عام ماڻهو موجود آهي ملڪ ۾ جڏهن اليڪشن ٿيندي آهي ته ڀوتار مقابلا ڀوتا ۽ سرمائيدار مقابلا، سرمائيدار هوندو آهي اسان عام ماڻهو صرف پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق ادا ڪندا آهيون دنيا جي ملڪن ۾ سگھارو قانون موجود هوندو آهي  پر اسان جي ملڪ ۾ ابتي گنگا وهي ٿي اسان جي  ملڪ جو قانوني نظام ئي ابتو موجود آهي هتي جيڪو اعليٰ آفيسر ۽ سياستدان جيترو ڪرپٽ ۽ رشوت خور هوندو آهي انهن کي گھڻي کان گھڻي اهميت ڏني ويندي آهي. (جاري)

 

مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن