اشو آف دي ڊي … ڀٽ شاهه واقعو: حقيقت ڇا آهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث: تصويرون ۽ وڊيوز نه رکيون وڃن

0
38

 ڀٽ شاهه ۾ پيش آيل واقعي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، واقعي بابت بحث شروع ٿي ويو، ڪنهن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪنهن وري ان واقعي کي ڊرامو قرار ڏنو، جتي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو اتي اهو به چيو ويو ته ان واقعي جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر نه ڪرڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ رياض احمد، علي رضا شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽ شاهه ڌي ۽ پي وارو واقعو، بغير تصوير جي به آواز اٿاري سگهجي ٿو. رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽ شاھه واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ آهي، پر جن نياڻي جون تصويرون شيئر ڪيون انهن ريپ کان به وڌيڪ ڏوھه ڪيو آهي جنهن تي ممتاز خاصخيلي، غوث ٻگهيو، غلام علي کوسو به ردعمل ڏنو، خان محمد ياسين پتافي لکيو ته وڊيو ڏسي ريپ واري ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، غفار سنڌي جلباڻي لکيو ته واقعو ھڪ سازش آھي،احمد رضا سومرو ۽ گلزار ڀنگوار به ردعمل ڏنو، حسن علي خاصخيلي لکيو ته سوچڻ جھڙي ڳالھه آھي زيادتي جي ڪوشش پيو ڪري وڊيو پئي ڀرجي ڇوڪري ۽ وڊيو ڀريندڙ کان اھو پوڙھو ايترو ڏاڍو ھيو جو ڇوڪري سان زيادتي جي ڪوشش پئي ٿئي ڇوڪري ڪا به مزاحمت ڪرڻ بجاءِ ڪئمرا ڏانهن پئي ڏسي، حقيقتن تائين جيسين پڄجي ان وقت تائين معاشري ۽ پوڙھي جو پوسٽ مارٽم ٿي ويندو فيس بوڪ جي دنيا ۾!! سجاد جروار، عبدالستار گبول، به ردعمل ڏنو، علي صفدر سيد لکيو ته مون وڊيو ته ناهي ڏٺي، مونکي لڳي ٿو ته پي پنهنجي ڌي سان وڙھي رهيو آهي، اِن ڇوڪري جي ڪري. شايد اِن ڇوڪري جا، اِن ڇوڪرِي سان، شايد ڪي تعلق هجن. ممڪن آ اُن وري پي کي ڦاسائڻ لاءِ اها ڊراميبازي ڪئي هجي، اسد جروار لکيو ته نياڻي پاڻ ڦوٽو لاءِ پوز ھڻي بيٺي آهي وڊيو ۾ واضح آهي ڇوڪري اگر پوڙھي کي ڌڪو ڏئي ته پوڙھو وڃي ڀت ۾ لڳي . ھمراھ نشي جي حالت ۾ محسوس پيو ٿئي سازش پئي لڳي عشق يا ملڪيت جو چڪر آهي، محمد ملوڪ ڀٽي لکيو ته پي جو رشتو ڪڏهن به ايئن نه ڪندو، سازش ٿي لڳي، ايوب کوسو لکيو ته هن واقعي ۾ ملوث وڊيو ڀريندڙ کي سخت پڇاڻي مان گذاري حقيقت کي ظاهر ڪيو وڃي، رشيد نوحاڻي لکيو ته ڪو چڪر لڳي رهيو آهي، ڀٽ شاھه جي دوستن کان واقعي بابت سڄي حقيقت معلوم ڪئي آهي. ڇوڪري ڪوڙي آهي پنھنجي وال تي رکيل پوسٽ ڊليٽ ڪري رھيو آھيان ۽ دوستن کي به گذارش آھي ته پوسٽون ڊليٽ ڪريو.. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوسائٽي جو مائنڊ سيٽ ڏسو، جوابدار پنهنجي ڌيءَ تي چڙهيو ويٺو آهي، وڊيو منظر عام تي آئي، ان باجود دراوڙن جاچ مڪمل ڪري ورتي، دراوڙ چون ٿا ته اها ڇوڪري جي چال بازي آهي شرم ناهي بس، ذريعن موجب الزام هڻندڙن ۽ الزام هيٺ ايندڙ جو ڪردار “شڪي” آهي ساڻن ذهني مسئلا به آهن وڌيڪ جاچ بعد خبر پوندي ته ماجرا ڇا آهي،  جنهن تي نديم جان مهر لکيو ته وڊيو ڪنهن رڪارڊ ڪئي آهي؟، شوڪت علي حيدر لکيو ته وڊيو جي غور سان ڏسو جھڙو ڇوڪري زوري قابو ڪيو ويٺي آھي وري جاري ٿيل بيان ٻڌو ڪيترائي نوان سوال ذھن ۾ اچي ويندا. امير حيدر شاهه لکيو ته انڌو به وڊيو ڏسي چوندو ته سوچيل ڊرامو آھي، ايڪٽنگ ڪئي پئي وڃي اھڙن واقعن ۾ اصل حقيقت ڪجھه ٻي ھوندي آھي يا ته مسئلو پسند جي شادي جو ھوندو يا وري ملڪيت جو ۽ ماڻھو ڇڏائڻ کان پھرين ھر اينگل کان وڊيو پيا ڀرين حد چئبي ، جاچ ٿيڻ گھرجي انھن سڀني کي گڏ ڪري اصل حقيقت سامھون اچي ويندي، رضا لغاري لکيو ته سماج پسگردائيءَ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿيل آھي، ماريا اسماعيل لکيو ته اصل مسئلو هي آهي اهڙي ڪهڙا ڪيس آهن جيڪي ڪورٽ ۾ آهن پر اسان جو سماج چئي رهيوآهي ڪوڙآهي، منظور شورو لکيو ته ڇوڪري جي بيان مان ئي ڊرامو لڳي رهيو آهي، ستار جانوري لکيو ته اسين اهڙي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا باقي ڇوڪري جو فيس امپريشن ڏسو، وڊيو ڀرڻ وارو بچائيس نٿو وڊيو پيو ڀري، ڇوڪري به ڪيمرا ڏي ڏسي پئي، محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توهان کڻي ڇا به چئون، پر الائي ڇو مونکي اهو يقين ڪڏهن به ناهي ايندو ته هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءُ جي لَڄَ لُٽڻِ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو لکيو ته بلڪل درست چئي رهيا آهيو، عرفان علي چنا لکيو ته مشڪري لڳي پئي آهي ڇوڪري پئي چوي پاڙيوارن بچايو، پوليس چئي رهي آهي ته ڀيڻيوي بچايو، علي محمد بروهي لکيو ته ھي ھڪ سازش آهي، پيءُ ڪيڏو به خراب ھجي اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي، اساما چانڊيو لکيو ته سازش لڳي رهي آهي، محمد پنهل چيو ته ٻي ڌر جو موقف به اچڻ گهرجي، سيف احمد چانڊيو لکيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي، علي شير مري لکيو ته سوشل ميڊيا پنهنجو معيار ڪيرائي رهي آهي، عبدالستار لکيو ته ڀٽ شاهه واقعو. حقيقت يا سازش؟ ھيڏو سارو شرمناڪ واقعو اکين جي سامھون ٿيندو ڏسي بنا ڪنھن ردعمل جي وڊيو ٺاھيندڙ وڊيو ٺاھيندو رھيو. الزام ھيٺ آيل جوابدار پيءُ گرفتار آھي. پر ان سان گڏوگڏ وڊيو ٺاھيندڙ کي به گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي. جنهن تي رخسانه پريت لکيو ته هن جي تصوير هٽائي وڃي، مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽ شاھ واقعو، وڊيو وائرل، ڇوڪريءَ جي وڊيو به اچي ويئي آهي! حقيقت ڇا آهي؟ مون کي معاملي ۾ گڙ ٻڙ نظر پئي اچي ، وڊيو ڀرڻ واري کان سچي ڪرايو سڄي حقيقت سامھون اچي ويندي. ارشد حسين پنهور لکيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي، غلام الله چانڊيو لکيو ته ڀٽ شاهه واقعي جي مڪمل انڪوائري ٿيڻ گھرجي، والد جو ھڪ عظيم رشتو آهي وڊيو تمام وڏا سوال اٿاري رھيو آهي، وڊيو ڀرڻ واري ڇوڪري جي مدد ڇو ڪونه ڪئي اھو به ھڪ وڏو سوال آهي الزام ھيٺ آيل والد کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پيءُ کي گهران ڪڍڻ لاءِ اهڙو ڊرامو ڪيو ويو، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽ شاهه واقعي جهڙو واقعو ورهيا اڳ شهدادڪوٽ ۾ به ٿيو هو، پر ڊرامو هو، تڏهن سوشل ميڊيا به نه هئي. عباس کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽ شاهه واقعي واري وڊيو وائرل ڪندڙ کي به گرفتار ڪري جاچ شروع ڪرڻ گھرجي.