دهشتگردي ڪيئن؟ ويران وير وڌ!

0
35
عِيدَ ۽ قُربانيءَ جو فلسفو

بلوچستان جي ضلعي نوشڪي جي علائقي ۾ قومي شاهراهه تي نامعلوم ماڻهن ٻن واقعن ۾ 9 مسافرن سميت 11 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، جن جو تعلق ملڪ جي هڪ صوبي سان آهي. هٿياربندن هڪ بس کي روڪيو ۽ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ سوار 9 مسافرن کي لاهي اغوا ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. جنهن بعد ڪُجهه مفاصلي تي هڪ پل جي هيٺان اغوا ٿيل 9 مسافرن جا لاش مليا، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته دهشتگرديءَ جي هڪ ٻئي واقعي ۾ تقريبن هڪ درجن جي لڳ ڀڳ نامعلوم ماڻهن قومي شاهراهه کي بند ڪري نه بيهڻ تي هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي ۽ ان سوار ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.

توڙي جو منتظمين جي هر ڀيري اها دعوا ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي وئي آهي، پر وري دهشتگرديءَ جو ڪو وڏو واقعو منتظمين جي انهن بيانن تان چٿر ڪندي وقوع پذير ٿي وڃي ٿو ۽ وري حڪمرانن جي انهن بيانن جي ڪئسيٽ هلي ٿي ته دهشتگردن کي چيڀاٽيو ويندو. ٻن صوبن ۾ دهشتگرديءَ جون وارداتون جاري آهي ۽ توڙي جو اتي فورسز به ايڪشن ۾ آهن پر دهشتگرديءَ جو نيٽ ورڪ ايترو ته منظم ۽ مضبوط آهي، جو اسان ان جي اڳيان بيوس آهيون. ايتري قدر جو اسان جي فورسز جي جوانن جي حياتين کي به نقصان پيو پهچي. ملڪي وسيلا عوام جي ترقيءَ جي بدران ان جنگ تي خرچ ٿي رهيا آهن، جيڪا اسان تي مڙهي وئي مڙهي وئي آهي. اسان جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ۽ اهي ئي عناصر استعمال ٿي رهيا آهن، جن جي اسان جي رياست غلط پاليسين سبب ڪفالت ڪئي. ٻيو ته ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هي خطو عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي، جنهن لاءِ به ڪنهن حد تائين اسان جون ماضيءَ جو پرڏيهي پاليسيون ذميوار آهن.

اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، اسان ماضيءَ جي غلط پاليسين جا نتيجا پيا ڀوڳيون. ماضيءَ ۾ عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ وڙهندي اسان جي پنهنجي سرزمين ان جنگ جو ميدان بڻجي وئي ۽ جنهن جنگ جا نتيجا هي ملڪ اڃا تائين ڀوڳيندو پيو اچي. وڌيڪ ڪسر گذريل حڪومت پوري ڪري ڇڏي، جنهن “وار لارڊز” ۽ ويڙهاڪن کي اُلهندي سرحد تان ڪي پي ۽ قبائلي علائقن ۾ اچڻ جي “راهداري” ڏئي ڇڏي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته انهن اتي ڪهڙي حالت ڪئي. هن وقت به ملڪ ۾ دهشتگردن جون نرسريون آهن، جتان دهشتگرديءَ جي رٿابندي ۽ تڪميل ٿيندي رهي ٿي. منظم رٿابنديءَ سان سيڪيورٽي فورسز تي حملا ٿي رهيا آهن. اسان کي پنهنجي ملڪ اندر ئي جنگ ۾ مصروف ڪيو ويو آهي. اهي وسيلا، جيڪي ملڪي ترقي ۽ عوام جي خوشحاليءَ تي خرچ ٿيڻ گهرجن، اهي ان ويڙهه تي خرچ ٿي رهيا آهن. مڃيون ٿا ته، هي خطو عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان هجڻ ڪري ٻاهريون هٿ به ان دهشتگرديءَ ۾ ملوث هجڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي، پر ڇا اسان ملڪي وسيلا اهڙي قسم جي جنگين تي خرچ ڪندا رهنداسين؟ ڇو نٿي ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ماضيءَ جي ترجيحن جو طوق لاهي ڦٽو ڪيو وڃي. هن وقت ڪو به دهشتگرد گروهه اڪيلو ڪارروايون نٿو ڪري، اهو مربوط رابطه ڪاريءَ جي وسيلي ڪنهن نه ڪنهن عالمي نيٽ ورڪ سان سلهاڙجي چڪو آهي، ان ڪري ڪنهن به واقعي کي محض مقامي تناظر ۾ ڏسڻ به درست نه آهي.

جيتريقدر بلوچستان جو معاملو آهي، ان جي تعلق جي تند هن جاگرافيائي سٽاءَ سان ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي وڃي. بلوچستان معاملي جو سياسي حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي. بلوچ سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جڏهن طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيو ته بلوچن سان ڇو نه؟ جڏهن ماهه رنگ بلوچ احتجاج ڪندي هن مُلڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ اختيار ڌڻين وٽ دانهن کڻي آئي هُئي ته اُن کي نه ٻُڌو ويو. ان وقت ئي سرچاءَ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي ها. اها ويڙهه ته نه پر سياسي ڪوشش هئي. بلوچستان جي حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ٻيا به ايڪٽرز آهن، عالمي قوتون آهن، جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ جهيڙي رهيون آهن ۽ اُهي هڪ افرا تفري ۽ صوبي ۾ شورش برپا رکڻ چاهين ٿيون، جيڪي مقامي عناصر کي استعمال ڪري رهيون آهن. صوبن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪري هن وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، ان رُخ کي پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي.

اسان بلوچستان جي نوشڪي ۾ ٿيل دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته، رياست پنهنجا سمورا ممڪن وسيلا استعمال ڪري عوام جي تحفظ واري پنهنجي ذميواري پوري ڪري ۽ دهشتگرديءَ خلاف اثرائتا قدم کڻي. معاملا  ۽ اختيار سياسي قيادت کي به ملڻ گهرجن. ماضيءَ جي رياستي پاليسين تي نظرثاني ڪئي وڃي. انهن کي پنهنجي ملڪي مفادن جي تناظر ۾ جوڙيو وڃي.