زندان جي جهروڪن مان

چميا چنڊ گلاب!

فيضان علي ڇلگري يعني منهنجو پوري جو پورو بچپن، جڏهن جون ۽ جولاءِ کان علاوه عيد، محرم وغيره جون اسان جون اسڪول مان موڪلون ٿينديون هيون يا ڪو مرڻو پرڻو ٿيندو هو ته آئون پنهنجي گهران حيدرآباد مان پنهنجي پوري فيملي سان ۽ فيضان ميرپور خاص مان پنهنجي پوري فيملي سان ٽنڊو محمد خان شهر حاجي مارو ڇلگري جي ڪوٽ ايندا هئاسين. اهو اُهو ڪوٽ آهي جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي ناول رئي ۾ به ڪري چڪو آهيان. منهنجي ڏاڏي ۽ ڦڦي جا گهر اتي هئا ۽ فيضان جي ماسي ۽ ڏاڏي جي ڀاءُ نانا بابا وغيره جا. اهي ڏينهن ڏاڍا يادگار آهن. اسان رات جو ديرتائين جڏهن بجلي هلي ويندي هئي ته پوري ڪوٽ جا ٻار گڏجي لڪ لڪوٽي راند رهندا هئاسين. اهو سلسلو رات دير تائين هلندو هو. ڪنهن جي در کي پٿر هڻنداهئاسين ته ڪنهن پوڙهي يا پوڙهيءَ جي مڇرداني لاهي ڀڄي وينداهئاسين. آئون ۽ فيضان مهمان ۽ بااثر خاندان سان واسطو رکندا هئاسين ان لاءِ به هميشه مار کان بچي ويندا هئاسين پر علي رضا، نديم، سهيل، زبير ۽ ٻيا کوڙ سارا ٻار نينگر ۽ نينگريون هڪ پوڙهي مائي جادو جي گارين جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڪتن ۽ ڪڪڙن کان علاوه آئون ۽ فيضان ڪوٽ جي ٻين ڍورن سان به وقت گذر ڪندا هئاسين. نم جي وڻن ۾ جهولا ٻڌندا هئاسين ۽ ڪرائي جي سائيڪلن تي سمورو شهر ۽ ميدان گهمندا هئاسين. ڇا ته بچپن ۽ زندگي جا اهي ڏينهن هئا. ڪڏهن ڪڏهن زندگي تي لکڻ لاءِ دل ٿي چوي. زندگي! زندگي نه سمجهه ۾ ايندڙ وقت جي ڪا صدا آهي جيڪا برف جيان ڌيري ڌير ڳري رهي آهي. زندگي مهڪ جو سڏ آهي، زندگي پيار جو وطن آهي ۽ سورن جو صحرا به آهي. زندگي اڌوري چمي آهي ۽ پن ڇڻ جو ڪو صبح آهي. زندگي پنهنجن جو احساس ۽ انداز آهي جيڪو هن وقت مون تي فيضان جي صورت ۾ طاري ٿي چڪو آهي. هڪ ڀيري اسان ٻنهي جم وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. 13 کان 14 سالن جي اسان جي عمر هئي. چاچي جمعي ڇلگري جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ٽنڊو محمد خان آيا هئاسين پر جنازو ڇڏي جم ڏي نڪري وياسين. ايتري گهٽ عمر ۾ ايترو مسڪولر ڏسي اتي جا وڏا وڏا استاد حيران ۽ پريشان ٿي ويا هئا. فيضان ته جم جي استاد سان وڃي مقابلو به وزن کڻڻ جو ڪيو ۽ ان کي مات به ڏنائين. هو بيشڪ مون کان ڪافي بهتر جسم جو ان وقت مالڪ هو. اهو مقابلو ڏسي آئون ايترو ته وائڙو ٿي ويو هئس جو مون پنهنجي قميض بدران جم جي استادن جي قميض پائي ڇڏي هئي ۽ اهو احساس گهر اچڻ کان بس ٿورو ئي پهريان مون کي ٿيو. پوءِ ته اسان جم جي مالڪ جي پئسن مان جوس کان علاوه ڪڙهائي گوشت به خوب کاڌو. اهي 5000 رپيا وري ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ بابا سائين ڀري ڏنا. آئون جڏهن ڪراچي بچا جيل ۾ پهتس ته فيضان تنها ميرپورخاص کان مون ڏي ملاقات تي آيو پر گهٽ عمر ۽ سي اين آءِ سي نه هجڻ ڪري هن کي مون سان ملڻ جي اجازت ڪونه ڏني وئي. هن ڳري رشوت ڏئي مون ڏي سامان ۽ پنهنجو خط اندر روانو ڪيو. خط ۾ هن جا تاثر پڙهي تمام گهڻو هن کي ياد ڪرڻ لڳي ويو هئس. سڀ قيدي ڇوڪرا جڏهن پنهنجي پنهنجي بسترن تي ليٽي پوندا هئا ته آئون تصور جي شهر ۾ وکري ويندو هئس ۽ دير تائين حسناڪ يادگيريون رقصان هونديون هيون، جن ۾ آئون ۽ فيضان ڪارو ڇلگري واري ڪوٽ ۾ رات جو ديرتائين ٿڌ ۾ پيا لڪ لڪوٽي رهندا هئاسين. يا شيدائين جون مجلسون پيا ٻڌندا هئاسين. وري ڪنهن پهر ٽنڊي محمد خان واري مير جي پڙ ۾ پيا حسن صادق کي ٻڌندا هئاسين. (جاري)

آصف غلام روسل ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

وري آ، ٺلھن آسرن جي موسم…!!!!

ھر موسم جو پنھنجو پنھنجو انداز ھوندو آھي جنھن مان بھار جي مند نرالي دل کي وڻندڙ ۽ من کي موهيندڙ موسم ھوندي آھي پر وري ھڪ نئين موسم جا اليڪشن جي ڏھاڙن ۾ سياسي اميدوارن پاران ووٽرن کان ووٽ وٺڻ لاءِ ٺلھن آسرن ۽ خيالي سرسبز خواب ڏيکارڻ جي موسم پڻ آهي جيڪا مئي مھيني کان شروع ٿي چڪي آھي ۽ ايندڙ مهيني 26 جون تائين جاري رهندي جنھن دؤران ڪيترن ئي غريب ۽ اٻوجهه ووٽرن مٿان عارضي ۽ دوکي وارو شفقت ڀريو ھٿ رکي ۽ انھن کان دوکي سان ووٽ وٺي ۽ لڪير جا فقير بڻيل خلق خدا جي غريب مخلوق گذريل اليڪشن ۾ ٿيل ڪوڙا دلاسا ۽ ٺلھا آسرا وساري وري انھن پراڻن آزمايل سياسي جادوگرن جي جادوءَ ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ کان پاڻ کي محفوظ ۽ ھوشيار ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن کٽڻ کان اڳ اليڪشن اميدوار ھر غريب ووٽر جا عارضي خير خواھ بڻجي ڪيترائي سال پراڻيون تعزيتون ۽ ڏک اوريندي ائين محسوس ٿيندا آهن ته ڄڻ اھي مستقل خير خواھ ۽ ڏک سک جا ساٿي بڻيا پر اھا ڪوڙن آسرن ۽ يعني اليڪشني موسم گذرڻ کانپوءِ اقتدار جي نشي ۾ ڌت حڪمران غريبن سان يڪجهتي ته پنھنجي ذات تي پر علائقي جي غريب ووٽرن سان ملڻ کي به عيب سمجهي نفرت وارو انداز استعمال ڪري پنھنجي اصليت ظاهر ڪندا آهن منھنجي ووٽر حضرات کي التجا آهي ته جيئن ٻين موسمن ۾ جئين پنھنجي حفاظت ڪريو ٿا ائين ئي ٺلھن آسرن جي دوکي واري موسم ۾ خبرداريءَ سان ووٽ جو صحيح استعمال ڪري اڳ ڪيل ڪوڙن واعدن جو ووٽ ذريعي بدلو وٺڻ گھرجي.

غلام نبي مڱريو/ڪنڊيارو

راڻيپور ۾ گيسٽرو کان بچاءُ لاءِ قدم کڻو

راڻيپور  ڀرسان  ڳوٺ گل محمد ڄامڙو  ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري چڪي آھي ڪيترائي ئي  ماڻھون گيسٽرو  ۾ وٺجي ويا آھن، ھڪ ھفتي اندر مريضن جو انگ 7 ٿي ويو آھي  الٽي دست اچڻ ڪري مريضن جي حالت انتھائي خراب ٿي وڃي ٿي، جيڪي گيسٽرو جون علامتون آھن، مرض ۾ مبتلا مريض کي موت جي منھن ۾ ڌڪيو ويو آهي، علائقي ۾ ڏينھون  ڏينھن مريضن جو انگ وڌڻ لڳو آھي، بيماري تيزي سان علائقي ۾ ڦھلجي رھي آھي، ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود لاڳاپيل ادارن ڪوبه ٻوٽو ناھي ٻاريو، ھتان جا  پوڙھا پڪا توڙي ٻارڙا  گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٿي وايا  آھن، صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آھي،  ھتي  ماڻھن  جون زندگي  بيماري وگھي ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي،   اسپتالن ۾ داخل  گيسٽرو جي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي، اسپتالن ۾  مريضن کي صحيح علاج نه ملي پيو، پنھنجي اخبار جي لکڻي ذريعي صحت  کاتي جي ڊي جي ۽ ڊي ايڇ او خيرپور ۽ وسوارن کي اپيل ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي جلد کان گيسٽرو جي مرض تي ضابطو آندو وڃي.

وحيدعلي ڄامڙو/راڻيپور

گاج بند جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو وڃي

ڪاڇي جو گاج ڊائيورشن بند هڪ اهڙو خطرناڪ منصوبو آهي جتي وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هر سال ان جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لکين رپيا ھضم ڪن ٿا ۽ علائقي جي لکين ماڻهن کي ڪروڙين رپيا نقصانن ۾ وجهي ٿو ۽ ان جا سبب اهي آهن هي منصوبو سرڪار لاءِ ڪمائي جو ڄڻ وسيلو بڻجي ويو آهي جو ان کي گاج نئين جي خونخوار وهڪرن کان اڄ تائين تباهين کان بچائڻ لاءِ ڪا به سنجيده جامع منصوبا بندي نه ڪئي وئي آهي. جڏھن به مون سون برساتون شروع ٿين ٿيون، ھن بند جي تباهي علائقي واسين لاءِ اڳواٽ اطلاع کڻي اچي ٿي ۽ هن بند ٽُٽل هئڻ سبب گذريل اڌ صدي کان به وڌيڪ جو عرصو گذري وڃڻ باوجود هي منصوبو سرڪار کان مڪمل ۽ مضبوط نه ٿي سگهيو آهي. هر سال سانوڻي جي غيرمعمولي برساتن سبب ازخود هتان جي لکين ماڻھن ۾ خوف ڇانيل هوندو آهي ۽ هي خوف وارو سلسلو ڪڏھن ختم ٿيندو ان لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙي رٿابندي ٿيل آهي اڄ تائين ان جي ڪا خبر نٿي پوي. هن وقت گاج بند جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ مٿان سانوڻي ويجهي آهي. حڪومت ان وقت ڪم ۾ ھٿ وڌا آهن جڏھن سانوڻي جي ٻوڏن جو خوف علائقي واسين ۾ موجود آهي. تباهه ٿيل بند کي مهيني ۾ مڪمل ٿيڻ کان اڳ حڪمرانن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو هزارين ماڻھن جي بچاءُ لاءِ بند تعمير ڪرائين جيئن امڪاني تباهي کان پورو علائقو محفوظ رهي.

محمد اسماعيل لانگاھه/  ڊرگھ بالا ڪاڇو

پوري سنڌ ۾ شاگردن کي مفت تعليم ڏني وڃي !

دنيا جي مختلف رياستن ۾ تعليم عيوض شاگردن کي اجرت ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته تعليم سان انسان ذاتي فائدي کان وڌيڪ دنيا جي فائدي لاءِ ڪم ڪندو آهي. تعليم حاصل ڪرڻ سان هڪ ماڻهو ان مخصوص مضمون تي مهارت حاصل ڪري ڪجهه بهتر ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي.  اسان جو ملڪ پاڪستان جيئن ته هن وقت تائين ترقي پذير ملڪن ۾ شمار ٿيندو آهي، جو هتي غربت جي شرح وڌيڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ اصولن تعليم يونيورسٽي تائين مفت هجڻ گهرجي ته ملڪ جي معيشت لاءِ اسان علم حاصل ڪري ڪجهه بهتري آڻي سگهون. پر افسوس هتي علم ئي نظرانداز ٿيندو پيو اچي. هتي صرف ماڻهو ڪمائڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي سوچ ۾ رڌل آهن ۽ تقريبن ماڻهن جو خواب جلد از جلد دولت گڏ ڪرڻ ٿي ويو آهي. تعليم کان شاگردن کي پري رکيو ويو آهي، ان جا مختلف ڪارڻ آهن. جيئن اسان سياست کي ڏسون ته تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو ماڻهو غلط ٿيندڙ ڪم تي سوال ڪندو ۽ غلط ڪم ڪندڙ لاءِ مسئلو ٿي ويندو. ان لاءِ غلط ڪم ڪندڙ طاقتور شخص ڪڏهن به نه چاهيندو ته غريب علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سوال ڪري. اسان جا نوجوان ايترا باشعور ته ٿيا آهن ته هو سمجهي سگهن ته تعليم پرائڻ اسان جو بنيادي حق آهي جنهن جي حاصلات لاءِ اسان کي پيسا نه ڏيڻ گهرجن. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جي ٻين شعبن کي جيئن اربن جا فنڊ ڏئي هلايو وڃي ٿو، اهڙي طرح تعليم لاءِ به اربن جي بجيٽ رکي وڃي جنهن کان پوءِ ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي تعليم پرائڻ لاءِ سهائتا ڪئي وڃي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سچائي کي نظرانداز ڪرڻ جو رجحان

اڄڪلهه برداشت، تحمل، درگذر، اختلاف راءِ جي احترام جي کوٽ سبب تنقيد يا سچ چوڻ وارن کي نظرانداز ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي. جنهن سان مفاهمت ۽ مذاڪري ۽ ڳالھه ٻولھه جو آپشن ختم ٿيندو پيو وڃي. جيڪو رجحان ڪافي مشڪلاتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هي رجحان ادب، سياست ۽ مذهبي معاملن ۾ تيزي سان جاري آهي. ڪو به دانشور ان منفي رويي، رجحان تي تحقيق نه پيو ڪري ته ان کي ڪيئن روڪجي. ادبي ادارن ۾ويٺل مها ڏاھا، سياسي پارٽين جا اڳواڻ اھڙي رجحان جا مک محرڪ بڻجي پيا آهن. جن کي پنهنجي اھڙن روين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سماج اڪيلائپ، انارڪي جي ور چڙهي سگهي ٿو. هن رجحان جو هڪ سبب سماج ۾ هلندڙ منفي قدر آهن جن ۾ مفادپرستي، موقعي پرستي، خوشامدي، مصلحت پسندي، خودغرضي، خود پسندي ۽ رڳو ھم خيال فردن تائين محدود رھڻ شامل آهي. اختلاف راءِ رکندڙ کي مخالف سمجھڻ هن رجحان جو وڏو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.

اديب  سياستدان، سچ تي زور پيا ڏين

عملي طور ان جي، بلڪل نفي پيا ڪن

غلام شبير کوکر/قاسم آباد حيدرآباد

مھاراج  ساڌو داس ڪبير پنٿ جو صوفي فقير

مھاراج  ساڌو داس ڪبير  پنٿ سان تعلق رکندڙ ھڪ صوفي فقير هو. ھي ڀڳت ڪبير جا ڀڄن ۽ واڻيون مختلف محفلن ۾ ڳا ئيندو ھو. ھن جا ڀڄن ۽ واڻيون  وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٻڌڻ جي لاءِ ايندا ھئا. سندس ڳايل ڀڄن ۽ واڻيون  ڪيسٽن ۾ به رڪارڊ ٿيل آهن جيڪي ھاڻي يو ايس بيز ۽ ميموري ڪارڊ ۾ ٻڌڻ جي لاءِ ملن ٿا. ھن سنڌ توڙي پنجاب ۾ به وڃي ڳايو. مھاراج ساڌو داس جو جنم خيرپور شھر ۾ مارواڙي گھراڻي ۾ ٿيو ھو. سندن چوڻ ھو  ته سناتن ڌرم جنهن کي ھاڻي عام طور تي ھندو مذهب چيو وڃي ٿو ھن ۾ تمام گهڻا پنٿ ۽ فرقا آهن پر ڪبير  پنٿ انهن سڀني کان مٿاهون آهي. ڇو ته ھن پنٿ اونچ نيچ ذات پات واري نظام کي ختم ڪري سڀني انسانن کي برابري جو درجو ڏنو. مھاراج  سادو جا 200 کان وڌيڪ چيلا آهن. ھن 2015ع ڌاري خيرپور  شھر  ۾ وفات ڪئي. سندن گادي تي وڏو پٽ ڀڳت اربو داس ويٺو آهي. ھن جي آستان تي ھر سال ميلو لڳايو ويندو آهي جنهن ۾ شيوادارين پاران پاڻي جون ڪئمپون لڳايون وينديون آهن ۽ گوشت کان علاوه مٺايون سبزيون مطلب ته قسمن قسمن جا کاڌا تيار ڪري ڀڳتن ۽ مھمانن کي کارايا ويندا آهن ۽ ڀڳتن جي رھڻ ڪرڻ جو به سٺو بندوبست ڪيو ويندو آهي. جتي مختلف علائقن کان آيل ڀڳت ۽ صوفي ڀڄن ۽ واڻيون  ڳائي کين ڀيٽا پيش ڪندا آهن. ياد رهي ته مھاراج ساڌو داس جي آستان  تي سندن وفات کان اڳ ۾ به ميلو لڳايو ويندو هو ۽ ھاڻي  به لڳايو وڃي ٿو.

روشن داس/مھيسر  وڏا

شاهنواز واھ تي ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل عام

سنڌ اندر زرعي پاڻي جي کوٽ شديد تر ٿي وئي آهي جنهن سبب سنڌ صوبي اندر خاص طور تي ننڍن آبادگارن جو جيڪو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته وڏا آبادگار سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي يا ايريگيشن جي ڪرپٽ عملي سان ڏيتي ليتي ڪري شاخن ۽ واهن کي ڳنڍا ڏئي ٿورو ٿڪو ايندڙ پاڻي به روڪي پنهنجي ضرورت پوري ڪيو ڇڏين پر ننڍن آبادگارن جو معاشي طور ڏيوالو نڪري ويو آهي. تعلقي ڪوٽڏجيءَ ۾ شاهنواز واھ تي اڪثريت سياسي اثر رسوخ رکندڙن جون زمينون آهن، شاهنواز واھ تي ڪوٽڏجيءَ کان هيٺ واھ جي ٻنهي پاسن کان هزارين ايڪڙن تي ڪيلن جا باغ موجود آهن. جنهن سبب ڪيلا آباد ڪندڙ آبادگار توڙي سياسي اثر رکندڙ آبادگار نه رڳو واھ کي ڳنڍا ڏئي غيرقانوني طور مسلسل پاڻي کڻندا رهيا آهن پر ڏينهن رات جهٽا ۽ پائيپ لڳائي پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻيءَ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سِڪائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي آهي. شاهنواز واھ جي پوڇڙ جا آبادگار هن وقت تائين پوکي لاءِ زمين ۾ ريج به نه ڪري سگهيا آهن، هاڻ ته صورتحال اها آهي جو چوپايو مال به اُڃ وگهي مرڻ لڳو آهي. آبادگارن پاران توڙي جو پاڻي جي فراهمي لاءِ گهڻوئي ٻاڪاريو ۽ احتجاج ڪيو ويو آهي پر وقت جي حڪمرانن تائين سندن نه ته دانهن رسي سگهي آهي ۽ نه ئي ڪا داد رسي ٿي سگهي آهي. لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته شاهنواز واھ تي رينجرس مقرر ڪري پاڻي پوڇڙ تائين پهچايو وڃي جيئن ننڍا آبادگار به پيٽ گذرلاءِ آبادي ڪري سگهن. جيڪو سندن قانوني حق به آهي.

منير پنهيار/ڪنب

سيدپور ڳوٺ جا مسئلا جيڪي وڌي وڻ ٿيا آهن!

گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود ڳوٺ سيدپور بنيادي سھولتن کان محروم آهي. ڳوٺ ۾ درگاھ حضرت آڍي شاھ بخاري ۽ درگاھ سيد گدا حسين شاھ بخاري تي ھزارين پانڌيئڙا ھر سال ڳوٺ اچڻ تي ڏاڍا تنگ ٿين ٿا. ڳوٺ ايندڙ پنج ڪلو ميٽر روڊ مڪمل طور تباهه آھي. وڏا وڏا پٿر ٻاھر نڪتل نظر اچن ٿا، جنھن سبب روزانو جي بنياد تي يا ته حادثا پيش اچن ٿا يا وري ڳوٺاڻا مجبوري سبب ٻين ڳوٺ جھڙوڪ ڳوٺ اسلام لاشاري، ڳوٺ چاڪر خان ڪولاچي مان گذرندڙ روڊن ڏانھن سفر ڪن ٿا. ڳوٺ طرف ايندڙ روڊ ۾ ھر جاءِ تي ننڍا وڏا کڏا آهن. روڊ تي جيڪڏھن گاڏيون ھلن ته ٽائر ئي ختم ٿي ٿا وڃن. ڳوٺ ۾ نيڪال جو نظام نه ھئڻ ڪري ڳوٺ جو گندو پاڻي ھڪ ھنڌ تي نالين وسيلي گڏ ٿئي ٿو ۽ اتي لڳ ڀڳ 70 گھرن جو “جر جو پاڻي” خراب ٿي ويو آھي. ڳوٺاڻا ھيپاٽائيٽس ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. آھستھ  آھستھ وڌيڪ گھرن جو جر خراب ٿي رھيو آهي. ڳوٺ ۾ بجلي جو نظام درهم برهم آهي ۽ ھڪ سال کان بجلي کان محروم آھيون. ھن وقت تائين واپڊا وارن کي اسان جو ڳوٺ ياد ئي ناھي آيو. ڳوٺ سيدپور شريف ۾ گذريل ھڪ سال کان بجلي ڏھ ڏينھن ته ڇا پر ڏھ ڪلاڪ به ناهي آئي سڀ کان وڏي ڳالھه ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۽ عيد جي ڀلاري ڏينهن تي به ڳوٺ ۾ بجلي نه ھئي. بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺ سيدپور شريف جي نوجوانن غير سياسي اتحاد جوڙيو آهي. جنهن جو نالو آهي سيدپور يوٿ سوشل فورم. ھن فورم ۾ ڳوٺ جون مختلف برادريون ڪم ڪري رھيون آهن جيڪي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ڪندا رھيا آهن. آءٌ اميد ڪيان ٿو ته ڳوٺ واسين جي اھڙي جدوجھد ھڪ ڏينهن ڪاميابي جا دروازا ضرور کوليندي ۽ ڳوٺ واسين ۾ مايوسي جي لھر ختم ٿيندي.

ظھور ميمڻ/ ڳوٺ سيدپور شريف تعلقو اوٻاوڙو

اسان کي صرف هڪ اسڪول کپي پھنجي ڳوٺ حاجي گنجو خان جکراڻي ۾

چوندا آھن ته ڪنھن به قوم کي تباھ ڪرڻ لاءِ ايترو ڪافي آھي ته ھن جي تعليم کي تباھ ڪري ڇڏيو. ھن ترقي يافته دور ۾ به اسان جي سنڌي قوم تعليم جي سهولت کان محروم آھي. خاص ڪري اسان جو ضلعو ڪشمور تعليم جي ميدان ۾ ڪافي پوئتي آھي. سرڪاري اسڪول ته بند پيل آھن، پر اسان جي ڳوٺ گنجو خان جکراڻي يوسي ملگزار تعلقو ڪنڌڪوٽ ضلعو ڪشمور ۾ واحد ڳوٺ آ جنھن ۾ ھڪ پرائمري اسڪول به ناھي. ھن جديد دور ۾ به اسان جو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آھي. اسان اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ پرائمري اسڪول منظور ڪيو وڃي جيئن اسان جي ڳوٺ جا ٻار تعليم جي زيور کان محروم نه رهن.

عبدالناصر جکراڻي/ ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ

هڪڙي چٺي تعلقي سنڌڙي جي پوليس ڏانھن

جيئن ته اسان کي خبر  آھي  ته اسان جي معاشري ۾ ڪچو شراب عام ٿي ويو آھي، اڪثر ڪري تعلقي سنڌڙي جي ٻھراڙين جي علائقن ۾ ماڻھن ڪچو شراب ٺاھڻ جا ڪارخانا قائم ڪري ڇڏيا آھن. ڪچو شراب ماڻھو ھڪ خطرناڪ ھٿرادو  ڪيميڪل سان ٺاھي ماڻھن جي زندگي تباھ برباد ڪئي پئي وڃي. اڪثر ڪري اسان جا ڪيترائي نوجوان ھن زھر جا عادي ٿي ويا آھن. اسان جي سنڌڙي پوليس ۽ دلبر خان مھر ٿاڻي جي پوليس ايس ايچ او ۽ ايس پي کي اپيل آھي ته  12 ميل دوسو اسٽاپ ۽ کيراھوشاخ جي ھر ھڪ  ڳوٺ ۾ وزٽ ڪريو جيڪي ڪچو شراب ھٿرادو ٺاھن ٿا ھنن جي خلاف سختي سان  نوٽيس ورتو وڃي. اڪثر ڪري ٻھراڙين جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا قائم آھن. ھنن کي بلڪل بند ڪرايو.

تنوير ڪمار ميگھواڙ /کيراھو شاخ

پنهنجن پڙهندڙن کي دعوت !

توهان جي ذهن ۾ ڪا سوچ آهي يا  ڪا لوچ آهي، جنهن کي عوام تائين پهچائڻ چاهيو ٿا؟ توهان جي علائقي جا مسئلا آهن جيڪي حل نه ٿا ٿين ۽ توهان اهي مسئلا پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته قلم کڻو،  پنهنجا تاثر ۽ چٺيون اسان ڏانهن اماڻيو اسان توهان جا خيال اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين. پنهنجون لکڻيون مختصر نموني [email protected] تي اي ميل ڪريو يا روزاني پنهنجي اخبار جي هيڊآفيس پلاٽ نمبر D/61 جامي ڪمرشل، اسٽريٽ نمبر 7، فيز 7 ڊي ايچ اي ڪراچي تي پوسٽ وسيلي اماڻيو.

چٺي اماڻڻ لاءِ هدايتون

چٺي مختصر پر جامع نموني لکيل هجڻ گهرجي

اخلاقي ۽ قانوني حدون  اورنگهڻ نه گهرجن

چٺي جي هيٺان پنهنجو نالو ۽ شهر جو نالولکو.

شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ هڪ عدد فوٽو به اماڻيو.

چٺي جي موضوع سان لاڳاپيل  فوٽو به اماڻي سگهجن ٿا پر اهي اداري جي پاليسي موجب ۽ جاءِ هجڻ جي صورت ۾ لڳايا ويندا.

چٺي رڳو پنهنجي اخبار ڏانهن ئي اماڻي وڃي. ساڳيو مواد ٻين اخبارن ڏانهن اماڻڻ جي صورت ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

ادارو چٺي ۾ ايڊيٽنگ جو حق محفوظ رکي ٿو.       ادارو