بلوچستان واسي نينگر جي بريڪ ڊانس سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائي ڇڏي، ٽائيگر شيروف ملڻ جو خواهشمند

0
468
بلوچستان واسي نينگر

ڪراچي (م ڊ) بلوچستان واسي نينگر جي بريڪ ڊانس سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائي ڇڏي،عرب نيوز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي ڳوٺ ديگاري ڪاهان سان واسطو رکندڙ 10 سالن جو سبحان سهيل مائيڪل جيڪسن جو مداح آهي ان سان گڏ هو ڀارتي فلم اسٽار ٽائيگر شيروف جو به چاهيندڙ آهي

رپورٽ موجب سهيل 6 سالن جي ڄمار ۾ مائيڪل جيڪسن جي ڪنگ آف پاپ وڊيو ڏٺي ته کيس بريڪ ڊانس جو شوق ٿيو چئن سالن ۾ هو بلوچستان ۾ مشهور ٿي ويو آهي. سندس وڊيو سندس استاد سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جنهن سان هو مشهور ٿيو ۽ وڊيو وائرل ٿي وئي. سهيل جو چوڻ آهي ته ماڻهن منهنجي ساراهه ڪئي ته مون کي اعتماد مليو، امڙ جي موبائل فون تي وڊيو ڏسي ڊانس سکيو آهيان، اسڪول مان موٽڻ بعد ٻه ٽي ڪلاڪ ڊانس کي ڏيندو آهيان، امڙ مون کي همٿايو جنهن بعد هاڻ خاندان، اسڪول جي تقريبن ۾ ناچ ڪندو آهيان. ٽائيگر شيروف سان ملڻ چاهيان ٿو

ٻئي طرف سهيل جي ماءُ شيرين ٻڌايو ته پهرين خاندان ۾ سهيل جي ڊانس جي مخالفت ڪئي وئي پر مون کيس نه روڪيو جنهن بعد هاڻ کيس ساراهيو وڃي ٿو ته خوشي ٿيندي آهي. هوڏانهن ٽائيگر شيروف سهيل جي وڊيو ڏسي ان تي تبصرو ڪيو ته هڪ ڏينهن سهيل سان ضرور ملاقات ٿيندي