سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ هميشه زندهه رهندا!

  سنڌي ثقافت ۽ تاريخ سنڌين جو شان آھي، سنڌي ماڻھو تمام رحمدل ۽ عزتدار ھوندا آھن، اسان کي سنڌي ھجڻ تي ناز آھي، زنده قومون پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ اهڙا ڏينهن ملهائينديون رهنديون آهن ۽ اهڙي ريت اسان جي سنڌي قوم به اهو ثقافت وارو ڏينهن ملهائي پئي، جنهن جي ملهائڻ ۾ سٺي ڳالهه هي آهي ته گهٽ ۾ گھٽ اسان سڀ سنڌي هڪ ٿي اهو ڏينهن ملهايون ٿا ۽ ان ڏينهن کي اسان ٻڌي وارو ڏينهن پڻ چئون ٿا، ‏پنهنجي ثقافت سان پيار ايترو ڪجي جيترو هڪ ماءُ جو پنهنجي ٻار سان هجي ٿو. ثقافت هڪ اهڙو گُڻ آهي، جيڪو ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ پائيداري جي ضمانت هوندو آهي، جيڪي قومون پنهنجي ثقافت کي زنده رکن ٿيون اهي هميشه جي لاءِ امر بڻجي رهنديون آهن پر جيڪڏهن ڪنهن به قوم کي هن ڌرتيءَ تان مِٽائڻو هجي ته پهريان ان جي ثقافت کي ختم ڪيو، اها قوم آهستي آهستي پنهنجو پاڻ پنهنجو وجود وڃائي ويهندي، ڇو جو زنده قوم جي نشاني پنهنجي ثقافت هوندي آهي، ڪيترن ئي ماهرن سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي ثقافت جي تاريخ تي تمام گهڻو لکيو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان اسان کي خبر پوي ٿي ته ثقافت ۽ تهذيب ڇا آهي؟ هونئن ته سنڌي ثقافت ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وغيره ان کان سواءِ، سنڌ صوفين جي سرزمين آهي جيڪا مهمان نوازيءَ جي ڪري مشهور آهي، جنهن ۾ محبت، امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏنو ويو آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان کرڙاھ ۾ ٻرندڙ ڏيئو!

  علم هڪ اهڙو ڏيئو آھي جنهن جي روشني قوم کي روشن ڪري ڇڏي ٿي، علم کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، اهي ئي قومون ترقي طرف وڌي رهيون آھن جيڪي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آھن پر افسوس جو اسان جي سونهاري سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ڪجھ علائقن جا ٻار هن جديد دور ۾ به تعليم جي زيور کان محروم آھن، ڪجھ علائقن ۾ جي اسڪول آھن به ته معياري تعليم نه هجڻ سبب بيلاڀ بڻيل آهن، اهڙن پٺتي پيل علائقن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ ادارو مفت ۾ معياري تعليم ڏئي ٻاٽ ۾ لاٽ ٻارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي، ان مقصد لاءِ تعليمي ميدان ۾ پٺتي پيل کرڙاھ شھر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن صفدر پبلڪ اسڪول کرڙاھ ڪوڊ نمبر ESSPSV109 سان هڪ ڏيئو ٻاريو آھي، جنهن جي روشني ڏورانهن علائقن تائين پکڙجي رهي آھي، هن وقت 500 کان وڌيڪ غريب ٻارڙا مفت معياري تعليم پرائي پنهنجو مسقبل روشن ڪري رهيا آھن، اميد آھي ته اهي ٻار مسقبل ۾ هن علائقي جي ترقيءَ جا معمار ثابت ٿيندا، هن علائقي اندر ٻاٽ ۾ لاٽ ضرور ٻاريندا ۽ هي ادارو هن علائقي ۾ علم جي جوت جلائيندو رهندو.

محمد اسلم سومرو/کرڙاهه، ميرواهه

پاڪستان ۾ عورتن تي وڌندڙ تشدد جا واقعا!

  پاڪستان ۾ عورتن جي تحفظ ۽ مختلف حڪومتن ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد خلاف اسيمبليءَ ۾ بل منظور ڪيا ويا آهن، پوءِ به سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عورتن تي تشدد جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، سنڌ ۾ عورتن تي تشدد جا واقعا ٻين صوبن کان وڌيڪ پيش اچن ٿا، سنڌ ۾ ڪاروڪاري ڪري عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي، سنڌ ۾ اهڙا واقعا تمام گهڻا ٿيندا رهندا آهن، ان طرف حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ جتي عورتون تشدد جو شڪار بڻجن ٿيون ته انهن جي ٻين ملڪن ۾ سرڪاري سطح تي سار سنڀال لڌي ويندو آهي، اڪثر پاڪستان ۾ عورتن تي تشدد ٿئي ٿو پر انهن کي ڪو قانوني تحفظ حاصل ناهي. تازو ئي مون ڪجھه ڏينهن اڳ ڏينهن روزاني پنهجي اخبار ۾ هڪ سنڌ جي خبر پڙهيم، مڙس پنهنجي زال کان ماني گهري، زال ماني دير سان ڏيڻ تي مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، اهو الزام هو ته مان پنهنجي زال کي ڪاروڪاري ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پاڪستان ۾ مختلف وقتن کان اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. اسان حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڪستان ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو فوري ۽ سخت نوٽيس ورتو وڃي ۽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ٺري ميرواھه جي سرڪاري اسپتال جي به سار لهو!‎‎

  خيرپور ضلعي جو مشهور تعلقو ٺري ميرواھ جيڪو صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جتي تعلقي اسپتال ته موجود آهي پر اتي مريضن لاءِ ڪا به سهولت موجود ناهي، نه ڪا آپريشن جي سهولت موجود آهي ۽ نه وري ڪا مريضن لاءِ ڪي معياري دوائو ڏنيون ٿيون وڃڻ. ڊاڪٽر ته آهن پر نالي ماتر آهن، جيڪي مريضن کي صحيح نموني ڏسن به نٿا، رڳو اسپتال ۾ سياسي اثر هلي ٿو، اسپتال ۾ نه ڪا مريضن لاءِ انجيڪشن هوندي آهي، جيڪا مريض کي ايمرجنسي جي حالت ۾ لڳائي وڃي، ان کان سواءِ ايمبولنس ته آهي، پر بس نالي جي آهي، جيڪا ڪنهن به ايمرجنسيءَ ۾ ڪم نٿي آندي وڃي. مريضن کي سرڪاري دوائون ٻاهران پرائيويٽ اسٽورن جون لکي ڏنيون ٿيون وڃن، جيڪا هتان جي مريضن سان بي واجبي آهي ۽ ايڪسري واري مشين به آهي جيڪا خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪئي وئي آهي، ۽ عام مريض کي مختلف پريشانين کي منهن ٿو ڏيڻو پوي، آخرڪار هن تعلقي اسپتال جي سارسنڀال ڪڏهن لڌي ويندي؟ ۽ ڪڏهن سهولتون ڏنيون وينديون؟ مان صحت کاتي جي وزير، صحت کاتي جي سيڪريٽري، ڊي جي هيلٿ ۽ ڊي ايڇ او خيرپور ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا ميرواھ اسپتال کي بنيادي سهولتون ڏئي هتان جي عوام کي پريشانين کان بچايو وڃي.

ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھ

ھاڻي پھريان پڪو

روڊ پوءِ ڏبو ووٽ!

  ساھتي پرڳڻي ضلعي نوشهرو فيروز جو قديمي ڳوٺ ليٽڻ منڱريو جيڪو تعلقي ڪنڊيارو جي صوبائي تڪ پي ايس 33 ۾ واقع آهي، ھن ڳوٺ ۾ اٽڪل ٻه سئو کان مٿي ڪچا ۽ پڪا گھر موجود آھن ۽ علائقي ۾ سٺو ووٽ رکندڙ قديمي ڳوٺ پڻ آھي، ھن ڳوٺ جي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين تڪ جي چونڊيل نمائندن ڄاڻي واڻي هتان جي ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو آھي، جنھن ۾ اھم بنيادي سھولت پڪو روڊ نه ھئڻ ڪري ھن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ اسان جو ڳوٺ ليٽڻ منڱريو اوائلي دور يعني پٿر واري دور جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، مڪاني توڙي عام چونڊن وارن ڏهاڙن ۾ ھن ڳوٺ جي ڳوٺاڻن کي تڪ جا اميدوار سرسبز خواب ڏيکاري ووٽ وٺي ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ لاوارث ڳوٺ ليٽڻ منڱريو جي وارثي ڪرڻ کانئن وسري وڃي ٿي پر ھاڻي شعور جي لاٽ جي عنوان سان ڳوٺ جي معززين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن گڏجي اھو طئي ڪيو آهي ته ايندڙ عام اليڪشن توڙي مڪاني چونڊن ۾ تڪ جي اميدوارن کي اڳ ڪيل ڪوڙن ۽ ٺلھن واعدن جو ورجاءُ ڪري کين اھو احساس ڏياريو ويندو ته ڳوٺاڻا پڪو روڊ نه ھئڻ ڪري ڪيڏي ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھن، بيماري بڙي، برسات، ايمرجنسي توڙي عام ڏينھن ۾ شھر تائين پھچڻ اھم مسئلو بڻيل آهي، ان ڪري هاڻي پهريان پڪو روڊ پوءِ ڏبو ڪنهن کي ووٽ.

فقير شريف منڱريو/ ڪنڊيارو

سياسي دنگل ڪٿي دنگ ڪندو؟‎‎

  ڪجھ وقت اڳ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جو ٻن ڏينهن کان مٺي پوليس جي زيادتين خلاف مٺي ڦانگهاريو چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، ارباب جي سڏ تي ٿر ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا رستا مڪمل طور ماڻھن طرفان بند ڪيا ويا آهن، صرف ايمرجنسي وارين گاڏين کي اچڻ وڃڻ جي ڇوٽ مليل آهي، جنهن ۾ ارباب غلام رحيم موجب منهنجي ماڻهن تي ايس ايس پي ٿرپارڪر سياسي ونگارون وهندي سڄي ضلعي ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ماڻهن کي هراسان ڪري رهيو آهي، ٿر جا مارو ماڻھو بک ۽ بدحاليءَ سبب پهريان ئي پريشان آهن وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي مٺي کي هٽائي سندس جاءِ تي ٻيو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا تائين هي احتجاج جاري رهندو، جيڪا احتجاج جي چڻنگ اٿاري وئي آهي اها شايد سڄي سنڌ  اندر پوليس جي خلاف پکڙي پوي، هن وقت سنڌ پوليس جو ڪردار ڪنهن به ماڻهو کان لڪل ناهي، جيڪو ظلم هن وقت سنڌ جي ماڻھن سان آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نه ملندو، سنڌ جي ماڻھن سان وڏيون ناانصافيون پيون ٿين. ٻئي پاسي پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو جي هدايت تي ضلعي مٺي جي صدر انجنيئر گيانچند به 10 ڊسمبر تي وفاق ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي جو سڏ ڏنو آهي، ٻين روزمره جي شين کي ڇڏي رڳو اٽو ۽ کنڊ طرف اچون ته ٻين صوبن ۾ اٽو 2200 سئو رپيا ۽ کنڊ 90 رپيا آهي، سنڌ ۾ اٽو 2800 سئو کان 3000 رپيا ۽ کنڊ 150 رپيا آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ضلعي صدر ٿرپاڪر اوهان ڪنهن جي خلاف احتجاج جي ڪال ڪئي آهي، 14 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ اندر ڪٿي به ڪو به ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي، سڄي سنڌ کنڊر بڻيل آهي، نقصان وري به عوام جو پيو ٿئي. بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ هر ضلعي سطح تي ڪاميٽيون جوڙي دڪاندارنن کي ريٽ لسٽون ڏئي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري سگهجن ٿا، سياست جي آڙ ۾ عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪريو.

راڻو خان چارو/ ڀاڏارو،ٿرپارڪر

اومي ڪرون ۽  پوئتي پيل سنڌ جي تعليم!‎‎

  ڏکڻ آفريڪا مان ڦھلجندڙ ڪورونا جو ھڪ نئون قسم اومي ڪرون پاڪستان پهچي ويو آھي، اومي ڪرون جو پھريون ڪيس سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ ھڪ عورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪستان جي ماھرن اڳ ڪٿي ڪئي آھي ته نئون وائرس اومي ڪرون ڪورونا کان به تمام گھڻو خطرناڪ آھي ۽ اسان کي خبر آھي ته اڳ ئي سنڌ جي تعليم ٻين صوبن کان پوئتي پيل آھي، اڳ ئي ڪورونا جي پھرين لھر سنڌ جي تعليم کي مڪمل تباهه و برباد ڪري چڪي آھي، ڪورونا جي پھرين لھر کان پوءِ سنڌ جي تعليم کي ھڪ ڀوڳ جيان کوليو ويو ۽ بند ڪيو ويو ۽ اومي ڪرون جو ٻڌي وري دل چوي پئي ته ھڪ ڀيرو ٻيھر به سنڌ جي تعليم سان ايئن ڀوڳ ڪيو ويندو، جيئن ھڪ اڌ دماغي يا چرئي سان ننڍڙا ٻار ڪندا آھن ۽ اسان کي تعليم ۾ ايترا ته قابل بڻائي ڇڏيندا جو اسان ڪنهن ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪس به نه کڻي سگھنداسين، ان جو اندازو اسان آءِ بي اي ماستري جي ٽيسٽ مان لڳائي سگھون ٿا. اسان کي ايترو يقين آھي ته ھي وائرس ختم ٿيڻ وارو ڪونھي ۽ جي ايئن ئي تعليم سان ڀوڳ ٿيندا رھيا ته يقينن دنيا اسان کي ھڪ ڏينھن اڻ پڙھيل قوم جي نالي سان سڃاڻندي. ٻي ڳالھ ته آنلائين ڪلاسن ۾ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ شاگردن پنھڻجي گھر کان 2 کان 3 ڪلوميٽر پري آنلائين ڪلاس وٺڻ لاءِ ويندا ھئا، جنھن ۾ انهن تمام گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏنو، جنھن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو نيٽ ورڪ جو ڪڏھن صحيح ھلندو ھو، ڪڏھن وري وڃڻ کان پوءِ ايندا ئي ڪو نه ھئا، انهن مان اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته انهن کي سمجھ ۾ ڪجھ به نه آيو ھوندو، ان جي جاءِ تي ايس او پيز تي اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيز کلن ھا ته شاگرد زرور 2 نوان لفظ سکن ھا، جيڪي هو آنلائين ڪلاسن مان نه سکي سگھيا. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ صاحب کان اپيل آھي ته مھرباني ڪري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي ايس او پيز تحت کولي سنڌ جي تعليم کي بچايو وڃي.

راجا دليپ ڪمار/ سنڌ مڌرسة السلام يونيورسٽي، ڪراچي

تعلقي ميروخان جي عوام جي دانهن ٻڌو!‎‎

  گذريل 18 سالن کان حاڪم شاھ باءِ پاس کان لنڪ روڊ ذريعي نڪرندڙ 40 کان 50 ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ ڳوٺ بدلا آباد کان حاڪم شاھ تائين مڪمل تباھي جو شڪار آهي پر افسوس جھڙي ڳالھ آهي ته ڪنھن به ايمرجنسي ۾ ھن روڊ جي اھا حالت آهي جو مريض رستي ۾ دم ڏئي چڏين ٿا پر پوءِ به گنھور اسراڻ صاحب ترقي جا گيت ڳائي ٿو، عملي ڪم ٽڪي جو ناهي ٿيو، بس ڪاغذي ڪاررواين ۾ تعلقو ميروخان پئرس لگو پيو آھي پر افسوس ان ڳالهه جو به آھي ته سول سوسائٽي، تعلقي جا صحافي سڀ آخر خاموش ڇو آھن؟ ڇا سڀني ترقياتي ڪمن وارو چشمون پاتو آھي ڇا جو کين ڪجھ نظر نٿو اچي، نه تعلقي جي ماڻھن جي ان خاموشي جي ڪري آسپاس جي 150 ڳوٺن جي بجلي ٽن چئن سالن کان ڪٽيل آھي، ڇا هن علائقي ۾ ماڻهو ٿا رهن يا جانور؟ آخر تعلقي ميروخان جي ماڻهن چونڊئيل نمائندن جو ڏوھ ڪھڙو آهي جو انهن کي ايڏي سزا ڏني پئي وڃي؟ ڇا اسان اهو ڏوھ ڪيو آهي جو نمائندن ووٽ ڏئي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي؟ آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذارش ڪندس ته هڪ چڪر تعلقي ميروخان جو به لڳايو، ڏسي وڃو ته هتي ماڻهو ٿا رهن يا جانور؟

علي محمد کوسو/ سوشل ورڪر، قمبر شهدادڪوٽ

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 ايمرجنسيءَ ۾ چاچي عمر ڀلائيءَ کي ٻاهر اپستال شفٽ ڪيو ويو آهي، ڀلائي صاحب جي بلڊ پريشر وڌي ويو آهي، جيل واري ڀلائي صاحب جي پٽن کي ڪال ڪري رهيا آهن پر ڀلائي صاحب سان ڪو اسپتال ۾ ملڻ ئي نٿو اچي. اڄ حنيف پهوڙ کي مشتقتي ٽوڪ ڪندي چيو ته تو وٽ ته ڪافي ڏينهن کان صرف ئي ڪونهي، حنيف ۽ اشرف ان سان منهن ماري ڪرڻ لڳا، جنهن کي مون پروين شاڪر جو شهر“بات تو سچ ہے لیکن، بات ہے رسوائی کی” ٻڌايو. شام جو پسار لاءِ نڪتس ته زندان جي ماڙي اڃا تائين لهندڙ سج جي پيلي ڪرڻن ۾ چمڪي رهي هئي، مون هڪ جاءِ تي بيهي وڻ ٽو ٿري چپن ئي چپن ۾ ڳڻپ شروع ڪئي، هڪ سئو 8… هڪ دم ماڙي اونداهيءَ جي ور چڙهي وئي، ڄڻ ته ڪا شمع وسامي وئي هجي، رات جو دير تائينا سان پاڪ ڀارت جو ميچ ڏسندا رهياسين، جنهن کان پوءِ ان ميچ تي هلڪا ڦلڪا تجزيه ڪري هرڪو وڃ پنهنجن بسترن ڀيڙو ٿيو. مان وري ڊائري لکڻ واري ڪِرت ۾ شروع ٿي ويس.

نصيب محبت دل بي قرار به ناهي، تو سواءِ ٻئي ڪنهن جو انتظار به ناهي،

تنهنجي ظالم نگاهن کي ڪير سمجھائي؟ مون کي پنهنجي دل تي اختيار به ناهي،

تُون ٻڌاءِ ان ماٺ کي ڇا نانءُ ڏيان، ڪنهن جي چهري تي ڪجھه آشڪار به ناهي،

وفا ناهي ناسهي ڪجھه ته آهي! پر مون کي تو سواءِ ڪنهن تي اعتبار به ناهي،

قيدم ۾ توکا سواءِ دل آصف ڪوئي، ڏُڪايل به ناهي، بي قرار به ناهي.

  منهنجي هن شاعري جو هڪ دوست انگريزيءَ ۾ ترجمون ڪري موڪليو، ان شاعريءَ جي ترجمي جي هيٺان منهنجو نالو پڙهي هڪ ملاقاتي اچي نڪتو، ميگ رسالو اُن وٽ هو، ان چيو ته ايڏو ٽيلينٽ جيل ۾ پيو آهي ۽ ان جي ڪو سار لهڻ وارو ناهي، مون کيس مرڪي چيو ته سار لهڻ وارا لهن ٿا ادا. پيارو دوست فضل الرحمٰن چنڊ به ملڻ آيو، فضل چيو ته جمعي تي انشاءُ الله پاڻ کي تاريخ ملي ويندي. صوبائي وزير سردار شاهه لطيف سرڪارلاءِ گٿا لفظ ڳالهائڻ پوءِ سنڌ جي عوام کان معافي گھري ورتي، ڀٽائيءَ جي شان ۾ گستاخي جو ٻڌي دل رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (24 آڪٽوبر 2021، شام جا 07:20 وڳا)

زندان جي جھروڪن مان!

  اڄ حيدر کوسي کي ڪپڙن جي ماپ ڏيڻ لاءِ فيڪٽري وڃڻو هو، اُن لاءِ ساهي جي ڪلاس مان موڪل ڪري  اسان ٻئي ڄڻا فيڪٽري طرف نڪري وياسين، اسان جيئن ئي اتي پهتاسين ته درزي کاتي ۾ استاد محمود عباسي، سومار شيخ ۽ ٻين دوستن اسان کي ڀليڪار ڪيو. حيدر ڪپڙن جي ماپ وغيره ڏئي واندو ٿيو ته استاد محمود عباسي چيو ته اڄ مس مس ڀلجي آيا آهيو، چانهه پي پوءِ وڃو، حيدر کوسو ۽ استاد محمود جي پاڻ ۾ پراڻي ياري آهي. هو چانهه پي ڪچهري ۾ شروع ٿي ويا ته آئون پنهنجي دوستن ڏانهن درزي کاتي ڏانهن هليو ويس، جتي بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ حاصل پسيو سان منهنجي ڊگھي ڪچهري ٿي، حاصل مون کي ٻڌايو ته گولاڙچي ڀرسان اسان جي وڏڙن جون ڪجھه زميمون آهن، اتي ڀرواري صوبي مان آيل ماڻهن جو وڏو تعداد پڻ آباد ٿيل آهي ۽ جتي انهن جو وڏن زميندارن ۾ شمار ٿئي ٿو، اسان جي مائٽاڻي زمين جي چوڌاري انهن جون زمينون هيون، جنهن جي ڪري هنن طاقت جي زور تي اسان جي زمين ڦٻائڻ لاءِ مختلف اٽڪلون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون، ان تي اسان کين چيو ته ڪجھه به ٿي پوي اسان اوهان کي بلڪل به زمين نه ڏينداسين، جنهن تي هڪ ڏينهن اسان ٻنهيءَ تي ڪم ڪري رهيا هئاسين ته مخالف ڌر جي ماڻهن اسان تي حملو ڪيو، گوليون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب منهنجو هڪ ڀاءُ شهيد ٿي ويو ۽ آئون زخمي ٿي پيس، جيئن تيئن ڪري اسان جو ڪيس ته داخل ٿيو پر بااثر هجڻ ڪري جوابدار آزاد ٿي ويا، ان جي اٺن سالن بعد انهن مون کي منهنجي وڏي ڀاءُ انور، ڀائٽي علي حسن ۽ هڪ ٻئي ويجھي مائٽ جبار کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪلي ڇڏيو، ۽ پوءِ ڪوڙين شاهدين ۾ اسان کي سزا ڏياري ڇڏي. 12 سالن کان اسين غريب جيل ۾ آهيون پر اسان جي اپيل جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿيو. هن چيصو ته ليکڪ آهين، مهرباني ڪري پنهنجي اخبار جي معرفت اسان جي ڳالهه مٿي پهچاءِ، جيئن اسان کي انصاف ملي سگھي. حاصل پسيو سان ڪچهري ڪرڻ بعد آئون پنهنجي دوستن جي ڪهاڻي پنهنجي اخبار ۾ موڪلڻ لاءِ لکڻ ويهي رهيس.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

راڻيپور شگر مل علائقي واسين لاءِ عذاب بڻجي وئي!

                 راڻيپور شگر مل علائقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي آهي، شگر مل مان نڪرندڙ زھريلي دونھين ۽ ڪاري دز علائقي واسين لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، شگر مل جي اها دز ڀروارن ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن جي رڌ پچاءَ دوران کاڌي پيتي ۾ ڪرندي رھي ٿي، جيڪا انساني صحت لاءِ تمام گھڻي هاڃيڪار ۽ نقصانڪار آھي، جنھن ڪري علائقي واسي ساھ ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. سندن فصلن کي نقصان ٿي رھيو آهي، ٻئي پاسي راڻيپور شگر مل جو زھريلو ڪيميڪل وارو پاڻي اسڪارپ کاتي جي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنھن ڪري سم نالو اٿلي پوي ٿو ۽ ان کي هنڌان هنڌان گھارا پوڻ ڪري سم نالي جو زھريلو پاڻي مقامي ڳوٺن ۽ زرعي زمين ۾ ڪاھي پيو آھي، علائقي واسين جو لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي. سم نالي جي ڀر وارين زمينن ۾ سم نالي جو پاڻي بيھجي ويو آهي جنهن ڪري زمينن ۾ پوکيل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، مقامي ماڻھو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. لاڳاپيل ادار سليماني چادر ويڙھي پنهنجا کيسا ۽ ڀڀَ ڀَري گم ٿي ويا آھن. علائقي واسي سم نالي جي آزار خلاف احتجاج به رڪارڊ ڪرايا آھن پر واسطيدار ادارا گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن، زھريلي پاڻي جي بدبوءِ ھتان جي رھواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ھتان جا ماڻھن ۾ وبائي بيماريون پکڙجي ويون آھن، علائقي واسي ساھ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، سم نالي جو زھريلو پاڻي پيئڻ ڪري ڍور ڍڳا مري رھيا آھن. علائقي واسين پنھنجي اخبار جي ھن لکڻي ذريعي  لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي علائقي جي انسانين جانين کي بچايو وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور