نيويارڪ(دلچسپ نيوز) دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي اسٽيٽس لاءِ واهپيدارن کي هڪ نئون ۽ ڪم جو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان نئين فيچر سان واهپيدار فوري طور تي اهڙي اسٽوري کي ان ڊو ڪري سگندا جيڪا غلطي سان پوسٽ ٿي وڃي‏ جنهن لاءِ ان ڊو بٽڻ کي اسٽيٽس اپ ڊيٽ ۾ ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي.انڊو بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻ تي واهپيدار پوسٽ ٿيندڙ ڪنهن به اسٽيٽس کي فوري طور تي هٽائي سگھندو.اهو فيچر  اڃا بيٽا ورجن ۾ آءِ او ايس ٽيسٽرز لاءِ آهي، پر جلد ان کي آءِ او ايس تي وڌيڪ بيٽا واهپيدارن کي فراهم ڪيو ويندو