لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اپوزيشن ليڊر جو نالو فائنل ڪري ورتو. ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ميان محمود الرشيد کي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلم اقبال پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اپوزيشن ليڊر هوندو.