ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال سبب پريشان ماڻهن جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو، اسپوس پاڪستان جي سروي موجب هلندڙ سال مارچ ۾ 44 سيڪڙو ۽ هاڻ 47 سيڪڙو ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهن، ملڪي رُخ کي غلط چوندڙ پاڪستانين جي شرح 80 کان 88 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ملڪي معيشت کي 49 سيڪڙو ماڻهن ڪمزور ڪيو ۽ 64 سيڪڙُو ايندڙ 6 مهينن دوران به معاشي بهتري اچڻ کان نااميدي ظاهر ڪئي آهي.