پشاور: ڪتن جي ويڙھ تي فائرنگ، پوليس اھلڪار سوڌو 2 ڄڻا مارجي ويا

0
363

پشاور (بيورو رپورٽ) پشاور ۾ ڪتن جي ويڙھ دوران ڌرين ۾ فائرنگ سبب پوليس اھلڪار سوڌو 2 ڄڻامارجي ويا، پوليس موجب فائرنگ جوواقعو موسيٰ زئي جي علائقي ۾ پيش يو، جتي ڪتن جي ويڙھ دوران ٻن ڌرين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ بعد جھيڙو ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آھي تھ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آھن ۽ 2 زخمي ٿي پيا آھن، پوليس موجب فائرنگ سبب مارجي ويلن ۾ ايليٽ فورس جو اھلڪار بھ شامل آھي، جڏھن تھ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.