ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ بجلي ۽ گيس غائب، پيٽرول مهانگو: وري تبديلي کي ووٽ نه ڏبو

0
319

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه تبديلي ڪي لائٽ چلي گئي ٽاپ ٽرينڊ رهيو، اهڙي ريت پي ايم اسپيچ، ڪراچي، ارجيت، شفقت محمود، ٽڪ ٽاڪ بينڊ، عاطف اسلم، بجلي غائب پيٽرول مهانگو، لوڊشيڊنگ ڪا اشو حل ڪرو پڻ ٽاپ ٽرينڊز رهيا.
بجلي غائب پيٽرول مهانگو، تبديلي ڪي لائيٽ چلي گئي، بجلي ڪا اشو حل ڪرو ٽرينڊز ۾ حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، راحيلا لکيو ته عمران حڪومت ۾ بجلي گيس جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي ۽ اٽو کنڊ گيهه پيٽرول مهانگا ٿي ويا آهن، تبديلي سرڪار هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو، فهد سلطان لکيو ته 2023ع ۾ آئون هن ڪوڙي تبديلي کي ووٽ نه ڏيندس، گذريل ٽن ڏينهن کان هاسٽل کان آرام لاءِ گهر آيل آهيان پر بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، نبيل خان لکيو ته بجلي ڪونهي، گيس ناهي، پيٽرول مهانگو آهي، شاگرد روڊن تي آهن، سرڪاري ملازم روڊن تي آهن، پوءِ به چون ٿا ته عمران خان صادق امين آهي، گو نيازي گو، سيف احمد لکيو ته اهي ملڪ جا دشمن آهن، شمير لکيو ته پاڪستان جا ماڻهو روئي رهيا آهن پر ڪير انهن جي ٻڌڻ وارو ناهي، رائو شاهزيب لکيو ته ملڪي تاريخ ۾ ماضي ۾ ڪڏهن به گرمين ۾ گيس جي بحران کي منهن ناهي ڏنو، ذيشان ملڪ لکيو ته مون پڪ سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ 12000 ميگا واٽ ايڪسٽرا بجلي اولڪس تي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، ثقلين مقصود لکيو ته پي ٽي آءِ بدترين حڪومت آهي، راحيل کوکر لکيو ته 2013ع کان پهريان ملڪ جنهن مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جهڙن مسئلن جو شڪار هو نيازي حڪومت ۾ به ٿي چڪو آهي بجلي گيس لوڊشيڊنگ، اٽو، کنڊ گيهه پيٽرول سميت هر شيءِ مهانگي ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ وارن کي مهانگائي نظر نٿي اچي ڇو ته انهن کي عمران جي تقرير سٺي لڳي ٿي. رائو عثمان اسلم لکيو ته هي ڪهڙي فلاسفر چيو هو ته جڏهن حڪمران چور هوندا آهن ته هر شيءِ مهانگائي ٿي ويندي آهي، ميان ناصر رضا لکيو ته هڪ ته بجلي مهانگي ٻيو وري غائب، هن تبديلي لاءِ ڊي چوڪ تي 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو هو، طاهر خان لکيو ته جڏهن کان پي ٽي آءِ حڪومت آئي آهي عوام لاءِ عذاب ٿي ويو آهي. راجا نقاش بند پيل پکي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته گرمين ۾ هي پکو حڪومت جا ٿورا مڃي رهيو آهي ته محنت کان بچي ويو، عامر قيوم لکيو ته پيٽرول مهانگو ٿي ويو هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي، انعام لکيو ته هي حڪومت هر 15 ڏينهن بعد پيٽرول جون قيمتون وڌائي رهي آهي، عاطف رئوف لکيو ته رات تائين تبديلي جي بجلي بند ٿي وئي هئي صبح سان اٿيس ته تبديلي وارن پيٽرول به مهانگو ڪري ڇڏيو نئين پاڪستان ۾ صرف تباهي جون خبرون اچن ٿيون، محمد علي لکيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪريو، حنا اخلاق لکيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وزيراعظم نوٽيس وٺي، عبدالسلام لکيو ته تقريرن سان نئون پاڪستان هلي رهيو آهي، محمد عارف علوي لکيو ته هن وقت شديد گرمي ۾ آئون بجلي 2 ڪلاڪن کان بند آهي.محمد عابد آفريدي لکيو ته جڏهن هي حڪومت آئي آهي مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ناهي ڪري سگهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پيٽرول مهانگو ٿيڻ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف پي ٽي آءِ جي ماضي ۾ ڪيل احتجاجن جون تصويرون به شيئر ٿينديون رهيون.
ٽڪ ٽاڪ بينڊ ٽرينڊ ۾ نوشي لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڀلا هڪ ڀيرو مڪمل طور ئي ڇو نٿا بند ڪري ڇڏيو، حرا شيخ ۽ شيرين لکيو ته آئون پنهنجي فالوئرز کي ياد ڪري رهي آهيان، مونا جٽ لکيو ته ٽڪ ٽاڪ کي ڪورونا ٿي ويو ان ڪري ان کي قرنطينه ڪيو ويو، ارم ڪوئين لکيو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو ٻڌي افسوس ٿيو پر جيڪڏهن سنيڪ وڊيو تي پابندي نٿا لڳايو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو ڪو به فائدو ناهي. جڏهن ته ڪجهه صارفين ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳڻ تي خوشي جو به اظهار ڪيو.