ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار فواد خان جي گهرواري صدف فواد چيو آهي ته آئون فواد خان کي پنهنجي برانڊ ۾ ماڊلنگ جا پيسا ڏيندي آهيان. اداڪار فواد خان جي زال انسٽاگرام تي فواد جي مداحن سان سيشن ڪيو، صدف فواد مداحن جي سوالن تي کلي ڳالهايو، فواد پڻ جواب ڏيندو رهيو ان موقعي تي هڪ مداح کائنس سوال ڪيو ته ڇا اوهان فواد خان کي پنهنجي برانڊ جي ماڊلنگ لاءِ پيسا ڏيو ٿا. جنهن جو جواب ڏيندي صدف فواد چيو ته جي ها ! آئون کيس هر ماڊلنگ عيوض سندس مقرر معاوضو ڏيان ٿي.