پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 12 ماڻهو فوت، 6 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ

0
185
پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 12 ماڻهو فوت، 6 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ
پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 12 ماڻهو فوت، 6 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾  ڪورونا جا 6 هزار 5 سئو 40 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا  آهن

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 12 مريض موت جي ور چڙهي ويا ۽ وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 11 ڏهائي 10 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي

اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29 هزار 77 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 1 لک 36 هزار 19 ٿي ويو

ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1119 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 12 لک 67 هزار 598 ٿي ويو آهي