ڪراچي ۾ پسند شادي ڪندڙ ڪنڌڪوٽ واسي قتل ٿيڻ جو انڪشاف

0
228
حب چوڪي ڀرسان

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ مبارڪ سھرياڻي واسي نوجوان گل محمد سھرياڻي اڍائي سال اڳ ڪراچي واسڻ رابعا پٺاڻ سان پسند جي شادي ڪندڙ قتل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.وارثن مقتول جي امڙ رشيدان خاتون، ڀاءُ مظفر سھرياڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گل محمد سھرياڻي ڪراچي ۾ مزدوري ڪرڻ ويو،

جتي هن رابعا پٺاڻ سان پيار پرڻو ڪيو، ھڪ سال تائين گھرواري اسان ڏي به ايندي ويندي هئي.هنن چيو ته گل محمد کي سندس گھر واري رابعا پٺاڻ، ڊرائيور مرتضيٰ پٺاڻ، حمزہ پٺاڻ قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو.پوليس رابعا، مرتضيٰ ۽ حمزہ کي گرفتار ڪيو، پر اڄ ڏينهن تائين لاش ناهي ملي سگھيو.