ڪراچي ۾ طوفاني هوائون: مختلف حادثن ۽ واقعن 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

0
168
ڪراچي ۾ طوفاني هوائون: مختلف حادثن ۽ واقعن 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا
ڪراچي ۾ طوفاني هوائون: مختلف حادثن ۽ واقعن 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ طوفاني هوائون گهُلڻ دوران مختلف حاثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ وڻ پاڙان پٽجي ويا آهن

اورنگي ٽائون، گلشن معمار ۽ ناردرن باءِ پاس تي گهرن جا ڇپرا اُڏامي ويا، گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 35 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، شهر ۾ اڄ کان سيءُ جِي لهر وڌڻ جا امڪان آهي