اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي عرب ۽ يو اي اي پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ڏيڻ بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو، ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻنهي دوست ملڪن عالمي مالياتي فنڊ جي انتطاميا کي پاڪستان جي امداد بابت اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد هاڻ سمورا شرط پورا ٿي چڪا آهن، اسحاق ڊار موجب سعودي عرب طرفان پاڪستان کي 2 ارب دالر ڏيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته گڏيل عرب امارتن به هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ناڻي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ۾ ٿيل اسٽاف معاهدي جا سمورا شرط پورا ٿيڻ بعد هاڻي پاڪستان کي نئين قسط جاري ٿيڻ ۾ ڪابه ڏکيائي ناهي اميد ته جلد رقم جاري ڪئي ويندي، اسحاق ڊار اها به اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ اسٽاف ليول معاهدي جي جلد ئي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظوري وٺي نئين قسط جاري ڪندو.