لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ پهريان چونڊون سياسي ون يونٽ جي سازش آهي، سازش ڪرڻ وارن کي خبردار ٿا ڪيون ته هو هوش کان ڪم وٺن، مسئلي جو ٻيو اهڙو ڪو حل نڪرڻ گهرجي، جنهن جو فائدو پارليامينٽ، عدليا ۽ وفاق کي به ٿئي، ائين نه ٿئي جو هن ويڙهه جي نتيجي ۾ پاڪستان جي جمهوريت، معيشت ۽ وفاق کي نقصان پهچي، اهڙن خيالن جو اظهار هن عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ تعلقي رتيديري جي عوام، ڪارڪنن ۽ پارٽي عهديدارن جي عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جون هن وقت به ڪوششون جاري آهن پر گڏوگڏ سازش ڪرڻ وارن جون به ڪوششون جاري آهن، جن جي اها ڪوشش آهي ته صرف ۽ صرف پنجاب صوبي ۾ پهريان چونڊون ڪرايون وڃن ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيري ٻين صوبن ۽ وفاق کان هٽي ڪري پنجاب جون صوبائي چونڊون پهريان ٿين ٿيون ۽ ان ۾ ڪير به کٽي ته ان جا اثر نه صرف هڪ چونڊن پر هميشه لاءِ وفاق ۽ ٻين صوبن تي پوندو، هن چيو ته پ پ جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي وڏي نقصان کان بچائڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهين ۽ ڊپلوميسي ذريعي پنهنجا مسئلا حل ڪيون ۽ انشاءَ الله تعاليٰ جيئن ئي اسان هن ڪوشش ۾ ڪامياب ٿياسين ته مان پرڏيهي دورن کي ڇڏي توهان جي وچ ۾ هوندس ته جيئن اسان ۽ پ پ سمورن صوبن ۾ 2023ع جي هڪ ڏينهن تي چونڊن لاءِ جيالن سان ملي ڪري مهم جي شروعات ڪري سياست ڪيون ڇاڪاڻ عوام هميشه ساٿ ڏنو آهي، هن چيو ته اڄ پاڪستان جي جمهوريت، معيشت ۽ رياست هڪ امتحان ۾ آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر عوام ۽ پ پ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته هڪ طرف پارليامينٽ جيڪو عوام ۽ عوامي نمائندن جو ادارو آهي ته ٻئي طرف اسان جي اعليٰ عدليا آهي ۽ ٻئي هڪٻئي جي فيصلي کي نه پيا مڃن، پارليامينٽ چوي ٿي ته اسان توهان جي فيصلي کي نه ٿا مڃون ته عدالت اسان جي قانون کي قانون ٺهڻ کان اڳ چوي ٿي ته اسان هن قانون کي نه ٿا مڃون، تنهن ڪري اهڙي طريقي سان پوري رياست جام ٿي وڃي ته پوءِ ان جو مطلب اِهو آهي ته عام ماڻهن جي مسئلن تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته گذريل سال اسان جنهن ٻوڏ ۽ قدرتي آفت مان گذرياسين ان جا نتيجا ۽ اثر اڄ به برداشت ڪري رهيا آهيون، عيد ملن پارٽي ۾ آصفه ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، خورشيد شاهه، نثار کهڙو، سهيل انور سيال، خورشيد جوڻيجو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.