پاڪستان فشر فوڪ فورم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، قانوني جنگ شروع: مهاڻن جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟

0
207
پاڪستان فشر فوڪ فورم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي
پاڪستان فشر فوڪ فورم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، قانوني جنگ شروع: مهاڻن جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) سنڌ جَي  مهاڻن جي سڀ کان وڏي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، مهاڻا مونجهارن جو شڪار آهن ته هيءَ ڌڙا پاڻ ۾ وڙهندا يا اسان جا مسئلا حل ڪندا؟

ابراهيم حيدري ڪراچي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ناراض اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي ڌار آفيس جو افتتاح ڪندي فشر فوڪ فورم ۾ ڌڙا بندي جو اعتراف ڪيو

مصطفيٰ ميراڻي دعويٰ ڪئي ته مهراڻ شاهه جيڪو پاڻ کي پاڪستان فشر فوڪ فورم جو چيئرمين ٿو سڏائي، اصل ۾ اُهو پاڪستان فشر فوڪ جي اڳوڻي چيئرمين محمد علي شاهه جي دور ۾ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، تنظيم جي آئين موجب جيڪو ماڻهو نوڪري ڪندو آهي، اُهو تنظيم جو عهديدار نٿو ٿي سگهي

مصطفيٰ ميراڻي دعويٰ ڪئي ته پاڪستان فشر فوڪ فورم اسان جي جوڙيل آهي، محمد علي شاهه جي وڇوڙي بعد مونکي چيئرمين چونڊيو ويو هو، مرحوم محمد علي شاهه جو پٽ مهراڻ علي شاهه پاڻمرادو ۽ غير قانوني طور چيئرمين سڏائي رهيو آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ميراڻي چيو ته تنظيم ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي آهي، هاڻ مهاڻا فيصلو ڪندا ته اُهي ڪهڙي ڌڙي وٽ پنهنجا مسئلا کڻي ٿا اچن، اصل ۾ جنهن ڌڙي جي ڪارڪردگي ئي اُن جي مستقبل جو تعين ڪندي

هن چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين شپ واري مامري تي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، اميد ته اسان ڪيس کٽي وينداسين

هڪ سوال جي جواب  ۾ مصطفيٰ ميراڻي چيو ته مهراڻ شاهه ۽ سندس ٽيم ۾ شامل ڪنهن به ماڻهو ساڻس رابطو ناهي ڪيو، ڳالهين جا دڳ کُليل آهن

مصطفيٰ ميراڻي ۽ سندس ساٿين تنظيم سان بغاوت ڪئي آهي: مهراڻ شاهه گروپ

پاڪستان فشر فوڪ فورم مهراڻ شاهه ڌڙي جي جنرل سيڪريٽري رمضان ملاح ٻڌايو ته مصطفيٰ ميراڻي ۽ سندس ساٿي تنظيم کي ورهائڻ جي سازش ۾ رڌل آهن، اسان کين ميمبر ئي تسليم نٿا ڪيون

هن ٻڌايو ته محمد علي شاهه طرفان جوڙيل گورننگ باڊي مهراڻ شاهه کي چيئرمين چونڊيو، مصطفيٰ ميراڻي 14 مهينا ڪٿي هو، اوچتو ڇو ظاهر ٿيو آهي

هن ٻڌايو ته مصطفيٰ ميراڻي ۽ سندس ٽيم ۾ شامل پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳوڻن عهديدارن تنظيم سان بغاوت ڪئي آهي، گورننگ باڊي جو اجلاس سڏائي مامري جو جائزو ورتو ويندو

هاڻ ته فشر فوڪ فورم وارا رڳو ٻئي خلاف احتجاجن ۾ پورا هوندا: مهاڻن جو موقف

ٽائيم نيوز ڊجيٽل پليٽ فارم جي ٽيم ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن سان واسطو رکندڙ مختلف مهاڻن سان رابطو ڪيو، جن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم ڌڙا بندي جو شڪار ٿيڻ سان مهاڻن کي نقصان ٿيو آهي، هاڻ هي ٻئي ڌڙا رڳو هڪٻئي خلاف احتجاجن ۾ پورا هوندا، هڪٻئي تي الزامن ۾ پورا هوندا، مهاڻن جا مسئلا ڪير حل ڪرائيندو؟