پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پاس اميدوارن کان ٻيهر امتحان وٺڻ جو حڪم

0
266
پبلڪ سروس ڪميشن
پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پاس اميدوارن کان ٻيهر امتحان وٺڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پبلڪ سروس ڪميشن 2020 جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن کان ٻيهر امتحان وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت سمورن سينٽرز تي آفيشل اسائني ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسسٽنٽ رجسٽرار جي نگراني ۾ امتحان ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي

آفيشل اسائني پاران 2020 جي امتحان ۾ بي ضابطگين جي رپورٽ به سنڌ هاءِڪ ورٽ ۾ پيش ڪئي وئي،جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اميدوار کي 98 ۽ ٻئي اميدوار کي 78 اضافي مارڪون ڏنيون ويون

 ڪجهه اميدوارن کي 40 ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون ڏنيون ويون، رپورٽ موجب اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي به نتيجن ۾ ڦيرڦار ٿيڻ جي تصديق ڪئي

 رپورٽ موجب رزلٽ ٽيمپرنگ ۾ ملوث آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته رڳو معطلي سان ڪجهه نه ٿيندو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن مهينن اندر ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي