ن ليگ جي سڃاڻپ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ميسارجي ويا: مريم نواز

0
141
ن ليگ جي سڃاڻپ کي ميسارڻ
ن ليگ جي سڃاڻپ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ميسارجي ويا: مريم نواز

گجرانوالا: نون ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نون ليگ جي سڃاڻپ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ميسارجي ويا، پتلي تماشا ڪندڙ گهرن ۾ قيد ٿي چڪا آهن

گوجرانوالا ۾ پارٽيءَ جي اجلاس کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته اسان تي الزام هڻندڙ هاڻي منهن لڪائيندا پيا وتن

هن چيو ته ملڪ جڏهن به مسئلن جي ور چڙهي ٿو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي اچڻو پوي ٿو، سازشين جي ڪوشش آهي ته معيشت ٻيهر ڪر نه کڻي

مريم نواز وڌيڪ چيو ته جلد لوڊشيڊنگ جي انڌيرن جيان معاشي اونداهيون به جلد ختم ٿي وينديون