پاڪستان جي بيٽنگ وري فيل، بابر ۽ فخر جي ففٽين کانسواءِ بيٽسمين ڍير، نيوزيلينڊ ٻي ميچ به کٽي ورتي

0
171
پاڪستان جي بيٽنگ وري فيل، بابر ۽ فخر جي ففٽين کانسواءِ بيٽسمين ڍير، نيوزيلينڊ ٻي ميچ به کٽي ورتي
پاڪستان جي بيٽنگ وري فيل، بابر ۽ فخر جي ففٽين کانسواءِ بيٽسمين ڍير، نيوزيلينڊ ٻي ميچ به کٽي ورتي

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به پاڪستان کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. هيملٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون

ڪيويز طرفان فن ايلن 74، ڪين وليمسن 26، مچل سينٽنر 25، ڊيون ڪانوي 20 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، عباس آفريدي 2، عامر جمال ۽ اسامه مير هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي

جواب ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي ۽ صائم ايوب هڪ ۽ محمد رضوان 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، ان موقعي تي فخر زمان ۽ بابر اعظم 87 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر فخر 50 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو

جڏهن ته بابر اعظم 64 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي. ٻين رانديگرن مان ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. افتخار احمد 4، اعظم خان 2، عامر جمال 9، شاهين آفريدي 22، عباس آفريدي 7 رنسون ٺاهيون

قومي ٽيم 19.3 اوورن ۾ 173 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، نيوزيلينڊ طرفان ايڊم ملني 4، ٽم سائوٿي، بين سيئرس ۽ اش سوڌي 2-2 وڪيٽون ورتيون. فن ايلن کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو