هانگ ڪانگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيٽ بال ٽيم هانگ ڪان کي شڪست ڏئي چيلنه ڪپ کٽي ورتو. پاڪستان ميزبان ٽيم خلاف چيلينج سيريز ٻه هڪ تان کٽي ورتي. پاڪستان ٽين ميچ ۾ هانگ ڪانگ کي 58-33 جي اسڪور تان شڪست ڏني. پاڪستان پهرين ميچ 63-39 جي اسڪور تان کٽي ورتي هئي. ٻي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ملي هئي. ٽين ميچ ۾ محمد وسيم شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو.