پاڪستاني پاسپورٽ رينڪنگ ۾ صوماليه ۽ يمن کان به پوئتي

0
353
پاڪستاني پاسپورٽ

ڪراچي (م ڊ) پاسپورٽ جي درجه بندي جاري ڪندڙ تنظيم هينلي اينڊ پارٽنرز 2022 جي لاءِ هينلي پاسپورسٽ انڊيڪ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ جاپان ۽ سنگاپور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جا طاقتور ترين پاسپورٽ بڻجي ويا آهن

جاپاني ۽ سنگاپور پاسپورٽ رکندڙ شهري 192 ملڪن ۾ بنا ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا ٻئي نمبر تي طاقتور پاسپورٽ رکندڙ آهن ۽ انهن جا شهري 190 ملڪن ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگهن ٿا

پاڪستاني پاسپورٽ اتر ڪوريا، صوماليا ۽ يمن کان به هيٺ

انڊيڪس ۾ پاڪستان اتر ڪوريا، صوماليا ۽ يمن کان هيٺ 108 هين نمبر تي آهي، پاڪستاني شهري رڳو 31 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا، جنهن ۾ اتر ڪوريا 104هين، صوماليا 106هين ۽ يمن 107هين، شام 109هين، عراق 110هين ۽ افغانستان 111هين نمبر تي آهي

هندستاني پاسپورٽ 83 هين نمبر تي آهي ۽ هندستان جا شهري 60 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا

درجه بندي ڪيئن طئي ڪئي ويندي آهي؟

اها درجه بندي هر سال جي شروعات ۾ جاري ڪئي ويندي آهي ۽ هر 3 مهينن بعد اپڊيٽ ڪئي ويندي آهي

هينلي پاسپورٽ ويزا انڊيڪس ويب سائيٽ جي مطابق، حقيقي وقت ڊيٽا کي سال جي دور ۾ اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي ۽ ويزا پاليسي ۾ تبديلين کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي

هي ڊيٽا انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (IATA) کان ورتو ويو آهي، درجه بندي جو فيصلو ان بنياد تي ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن ملڪ جو پاسپورٽ هولڊر پهريان ويزا حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين ملڪن جو سفر ڪري سگهي ٿو، يعني انهن کي سفر ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ويزا وٺڻ جي ضرورت ناهي هوندي