سنڌي ٻٽڙا ۾ استاد پاران شاگردياڻي سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، گرفتار

0
260
سنڌي ٻٽڙا ۾ استاد پاران

سنڌي ٻٽڙا (ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا پرائمري اسڪول ۾ پنجين درجي جي شاگردياڻي 11 ورهين جي رخسانه سولنگي سان استاد پاران مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ تي استاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي

گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي شاگردياڻي رخسانه سولنگي پنهنجي ڪلاس ٽيچر سيد نظير شاھ مٿان غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جو الزام هنيو، جنهن تي شاگردياڻي جا وارث ۽ سولنگي برادري جا ماڻھو پنهنجي اسڪول جو گهيراءُ ڪري استاد سيد نظير شاهه کي ڪٽڪو ڏنو

اسڪول انتظاميا وچ ۾ اچي استاد سيد نظير شاھ کي بچائي هڪ ڪلاس ۾ بند ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي استاد کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته ڪلاس ٽيچر سيد نظير شاھ ڪلاس اندر مون سان جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل استاد جو چوڻ آهي ته رخسانه سولنگي مون کي پنهنجن ٻچن جيان آھي، کيس سبق ڪچو هجڻ ڪري مون کيس دڙڪا ڏنا هئا تنهن تان هو ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي گهر وڃي پنهنجي وارثن کي مون خلاف غلط بياني ڪئي آھي

هن وڌيڪ چيو ته ڪلاس اندر 34 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهنديون آھن، اهڙي حرڪت ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

سنڌي ٻٽڙا اسڪول جي هيڊ ماستر عجيب الله قمبراڻي ٻڌايو ته شاگردياڻي رخسانه سولنگي پاران استاد سيد نظير شاھ مٿان لڳايل الزام جي جاچ ڪريون پيا، شاگردن ۽ شاگرياڻين کان جيتري قدر پڇا ڳاڇا ڪئي آھي ته اهڙو ڪو به واقعو ناهي ٿيو، ايس ايڇ او راڌڻ ممتاز سرڪي ٻڌايو ته پوليس واقعي جي شفاف جاچ ڪري رهي آھي