پاليسي کان عملي قدمن تائين ڪجهه ويچار

0
211
پاليسي کان عملي قدمن تائين ڪجهه ويچار

ڪنهن به جمهوري معاشري جي سُڌاري جا بنياد آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي ٻڌل هوندا آهن. قانون جي بنياد تي پاليسيون ٺهنديون آهن، يا وري ڪڏهن پاليسي جي نتيجي ۾ نئين قانون سازي ڪئي ويندي آهي. پاليسي ٺهڻ کان پوءِ اُن تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪمت عمليون  ۽ پلان جوڙيا ويندا آهن، جن کي وري حڪومتي ادارا عمل ۾ آڻڻ ۾ اڳرائي ڪندا آهن.

                 پبلڪ پاليسي يا سرڪاري/حڪومتي پاليسي ٿلهي ليکي اها آهي، جيڪوڪجهه حڪومت ڪرڻ (يا نه ڪرڻ) چاهي ٿي. پاڪستان جي خارجه پاليسي اِها آهي ته هُو اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري، ان ڪري ان پاليسي تحت ڪنهن به پاڪستاني لاءِ اِهو غيرقانوني ٿيندو ته هُو اسرائيل سان سڌو سنئون واسطو رکي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ڪئي حڪومتي پاليسيون آهن.  نوجوانن لاءِ، آفتن کي گهٽائڻ ، تعليمي ، موسمياتي ڦيرگهير کي مُنهن ڏيڻ ، پاڻي جي مرڪزي پاليسي۽ زرعي پاليسي وغيره شامل آهن . ڪنهن به شعبي سان لاڳاپيل قاعدا، طريقا، بجيٽ ۽ ٻين ذريعن جا مقرر ڪيل ماڻ ۽ مقدار جا گهاڙيٽا، جن جو آئيني ۽ قانون جواز هجي، تنهن کي پڻ پاليسي چئي سگهون ٿا. ان تحت جيڪي حڪمت عمليون جوڙي پروگرام، پراجيڪٽ ۽ ڪم عمل ۾ آندا وڃن ٿا (يا آڻڻا آهن) سي پڻ پاليسي جو حصو آهن. ان ڪري پاليسي کي صرف چند صفن جو ڪتاب يا رپورٽ نه سمجهيو وڃي.

اپريل 2018ع ۾ پاڻي جي مرڪزي پاليسي ٺهڻ کان پوءِ سنڌ پاڻيءَ جي پاليسي جوڙڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي. هاڻ اِها پاليسي مختلف ڪميٽين کان ٿيندي، سنڌ جي ڪابينا تائين پهچڻ واري آهي.سنڌ جي جياپي، مستقبل ۾ بهتري جو تعلق ان پاليسي جو سنڌ جي ضرورتن مطابق، مستقبل جي خطرن ۽ گهرجن کي نظر ۾ رکندي، فعال هجڻ آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به شعبي ۾ ڪا پاليسي موجود ناهي، ان جي معنيٰ اِها ناهي ته اُن شعبي ۾ ڪو حڪومتي ادارتي، قانوني ۽ عملي گهاڙيٽو موجود ناهي! جيئن پاڻي جي پاليسي جو مثال وٺو؛ سنڌ ۾ اڃان تائين پاڻي جي پاليسي نه جُڙي آهي، پر پاڻي سان لاڳاپيل قانون، ادارا، حڪمت عمليون، پراجيڪٽ، ڳانڍاپا  ۽ عملي قدم موجود آهن. سنڌ جوآبپاشي کاتو، سنڌ ايريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي، زرعي کاتو، ماحولياتي بچاءُ جو ادارو، پبلڪ هيلٿ، واسا حيدرآباد، ڪراچي واٽر بورڊ، مڪاني ادارا، زراعت ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل آبادگارن، هارين ۽ زميندارن جون تنظيمون، سول سوسائٽي ۾ پاڻي تي تحقيق ڪندڙ ادارا ۽ يونيورسٽيون موجود آهن. پاڻي جا ڪئي پهلو آهن، جر جو پاڻي (گراؤنڊ واٽر)، جبلن مان وهي ايندڙ ندين جي باري ۾ قانون سازي، زرعي پاڻيءَ بابت به ٻه قانونيءَ اوزار (ايريگيشن ايڪٽ، ايس ڊبليو ايم او آرڊيننس 2002)، مستقبل جي حوالي سان سنڌ ۾ پاڻي جي مربوط انتظام ڪاري، شهرن، ٻهراڙين، زراعت، صنعت، ٿر ۽ ڪاڇي، سامونڊي پٽي ۽ ڊيلٽا ۾ وڌندڙ آدمشماري لاءِ پاڻي جي گهرجن کي ذهن ۾ رکندي هڪ وسيع النظر پاليسي ٺاهڻ تمام ضروري آهي.  ان سان گڏ اسان ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ  ٻوڏون ۽ وري ڪجهه علائقن ۾ ڏڪار پڻ ان ڳالهين جي نشاندهي ڪن ٿا ته اسان جا موجود انتظام، ادارا، قانون ۽ فعل اڻپورا آهن، ان ڪري انهن کي هڪ گڏيل نظر سان ڏسي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي.  اسان جي سياسي، ادارتي ۽ ڪنهن حد تائين سماجي قيادت، پاليسي ٺهڻ، ان تحت ڪي قاعدا جوڙڻ  ۽ طريقا ٺاهڻ کان پوءِ وساري ٿا ڇڏين ته ان کي عمل ۾ پڻ آڻڻو آهي. اهو ئي بنيادي سبب آهي ته افسر شاهي ان ڪم کي اجايو، بار ۽ فرمائشي سمجهي ٿي. ڇاڪاڻ ته پاليسيون گهڻو ڪري عالمي ادارن جي زوربار تي ٺهنديون آهن ۽ ادارن/حڪومتن جي ضرورت نه هونديون آهن (ڀل اُهي عام ماڻهن جي ضرورت هجن) يا وري ملڪي ۽ صوبائي زميني حقيقتن کان پرڀريون هونديون آهن، ان ڪري ان تي عملي قدم گهٽ کنيا ويندا آهن. اسان سياسي، سماجي ۽ ادارتي طؤر تي ڊگهي رٿابندي تي هريل نه آهيون. بس! اڄ واري مسئلن کي مُنهن ڏيڻ جي هڻ هڻان ۾ هوندا آهيون، يا ايئن کڻي چئجي ته “ڏينهن ٽريو، مُلڪ ٺريو” واري پهاڪي تي عمل ڪندڙ هوندا آهيون. پاليسين جا مقصد ماڻڻ ۾ ڊگهي رٿابندي، ادارتي تبديلي، روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ ڪمن ۾ بنيادي فرق آڻڻ، ماڻهن کي وڌيڪ فعال، جوابده هجڻ، عام ماڻهن جي شموليت، انهن کان صلاح وٺڻ، عورتن جي نمائندگي، بنيادي انساني حقن سان لاڳاپيل عنصر وغيره پڻ شامل هونديون آهن. اِهي ڳالهيون شايد ڪامورا شاهي ۽ (ڪنهن حد تائين) سياسي مفادن جي مالڪن سان ٽڪراءُ ۾ لڳنديون آهن. اسان ڏسنداسون ته ڪيترين ئي اهم پاليسين کي ٺهي (جيئن زرعي پاليسي، نوجوانن جي پاليسي) پنج سال يا ان کان مٿي جو وقت گذري چڪو آهي، پر ان تي عمل “ڪُمي جو پير پير” آهي. وقت سان گڏ اسان جي طرز حڪمراني ۽ ادارتي ساک گهٽي آهي، ان ڪري پاليسين کي عمل ۾ آڻڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو وڃي.

قانون ۽ پاليسيون پاڻ مرادو عمل ۾ ڪونه اينديون آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته انهن کي بلڪل واضح ڪري عمل ۾ آڻڻ جا گهربل انتظام ڪيا وڃن. ان لاءِ ادارا، ادارن ۾ گهربل ڏانءُ ۽ سمجهه وارا عمل، بجيٽون ۽ پورو ادارتي جوڙجڪ هجڻ ضروري آهي. اِهو پڻ سمجهڻ کپي جن ادارن کي پاليسي کي عمل ۾ آڻڻو آهي، انهن تائين پاليسي جي سمجهه، ترجيحون بلڪل کُليل نموني پهچڻ ضروري آهن ۽ ان سان گڏ پاليسي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گهربل ادارتي صلاحيت کي پڻ برپا ڪرڻو آهي. اِهو صبر وارو ڪم آهي ۽ ان ۾ وقت  ۽ سرمايو گهربل هوندو آهي. جيڪڏهن اِهي انتظام نه ڪيا ويا ته پاليسي هڪ پاسي هوندي ته ادارتي قدم ٻئي پاسي. پاليسي کي ٺاهڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ لاءِ سياسي سچائي/ڪميٽمينٽ هڪ اهم عنصر آهي. جيڪڏهن حڪومتي طؤر تي هڪ مڪمل وچور ۽ ڪم ڪرڻ جو وچن موجود آهي ته پوءِ اِهو پاليسي وارو ڪم آسان ٿيو پوي. مثال طور پاڪستان پيپلز پارٽي پٺتي پيل طبقن ۽ عورتن جي حقن تي هڪ واضح پاليسي رکي ٿي، ان ڪري اسانکي عملي طؤر تي عورتن لاءِ گلابي/پنڪ بسون، عورتن جي حقن جي ڪميشن، عورتن لاءِ نوڪرين لاءِ مخصوص ۽ وڌايل سيٽون، ٻوڏ کان پوءِ نون گهرن ٺاهڻ لاءِ عورتن کي مالڪي جا حق، عورتن لاءِ بينظير ڪارڊ جهڙا عمل شامل آهن. ڪن صُورتن ۾ سياسي عهد ۽ واعدو ته موجود هوندو آهي، پر لاڳاپيل ادارتي صلاحيت ۽ جوڙجڪ ان سياسي واعدي کي عمل ۾ آڻي نه سگهندي آهي. سنڌ ۾ 2022ع واري ٻوڏن جي نتيجي ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ، انهن کي شيلٽر ڏيڻ، انهن جي سنڀار وقت تي رَبي لاءِ ڪڻڪ جو ٻج يا ٻج جا پئسا ڏيڻ، ماڻهن جي زمينن، ڳوٺن، گهرن ۽ شهرن مان پاڻي جي نيڪالي، ماڻهن تائين هنگامي صحت جون سهولتون پهچائڻ تي جيڪي به جهول سامهون آيا، انهن ۾ سڀن کان اهم ضلعي انتظاميا کان وٺي صوبائي ادارن جي زنگ لڳل صلاحيت هئي، جيڪي حڪومتي زوربار ۽ سرمائي ڏيڻ جي باوجود ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيا، بلڪه سنڌ جي ماڻهن کي مايوس ڪيو. ان جا سياسي، سماجي سبب پڻ ٿي سگهن ٿا، پر هڪ ڳالهه کُلي سامهون آئي ته ادارتي ڪردار، اقدار ۽ صلاحيت تنزلي جو شڪار ٿي آهي.

ان ڪري ادارن جو سگهارو هجڻ، ادارن کي مضبوط ۽ شفاف بنيادن تي جوڙڻ، لاڳاپيل ماڻهن کي فيصله سازي ۾ شامل ڪرڻ، انگريز بهادر جي حاڪميت ۽ غلام واري فرق سان جوڙيل افسر شاهي نظام ۾ تبديلي ڪرڻ، عام ماڻهن جي آواز کي پاليسي ۾ شامل ڪرڻ جهڙا عمل ڪبا ته اِهي ادارا پاليسين کي عمل ۾ آڻي سگهندا. پروفيشنل ٽيمن/نوڪرين تي ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي کڻڻ جهڙا عمل بهتر طرز حڪمراني ۾ اچن ٿا، ان ڪري اِهو پڻ سمجهڻ کپي ته بهتر طرز حڪمراني کانسواءِ ادارا مضبوط نه ٿي سگهندا ۽ نه ئي پاليسيون ڪاميابي سان عمل ۾ اچي سگهنديون!

نئين پاليسي جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اقتصادي ۽ سياسي اشرافيه فائدو وٺندي آهي يا وري پاليسي ۽ ان سان لاڳاپيل نتيجن تي قبضو ڪري وٺندي آهي.  ان جو مختصر مثال ڪڻڪ جي بارداڻي جي ورڇ، ڪووڊ جي ڪري سرمائيدارن کي ملندڙ رعايتون يا وري شراڪتي پاڻي واري نظام مان ڪجهه خاص ماڻهن کي اِهو فائدو ته ڪئي سالن کان هُو بورڊن ۽ ٻين ڪميٽين ۾ ويٺل آهن. اهڙا ڪيئي مثال اسان کي ملندا، جنهن مان اسان کي خبر پوندي ته ڪيئن پاليسين جي فائدي جا رُخ سگهاريون ڌريون پاڻ ڏانهن موڙي ڇڏين ٿيون! پاڻي جي ورڇ، کٽيل ٽيلن/پڇڙين پوءِ اُهو بدين جو شادي لارج، ڪڍڻ يا ڀڳڙا ميمڻ هجي، جوهي جي ٽيل هجي، نصير ڊويزن يا شهدادڪوٽ برانچ جي پڇڙي هجي، اهي کوٽون ڏس ڏين ٿيون ته پاڻي کي مٿي ڪنهن زورآور پاڻ ڏانهن ورائي ڇڏيو آهي. ساڳئي نموني بئراجن ۾ ڪوٽڙي کي آخري ترجيح، وري پاڪستان جي تناظر ۾ سنڌ سان پاڻي جي ورهاڱي جون ٿيل ويساهه گهاتيون سامهون اچن ٿيون. پاڻي جو اڪارڊ/عهدنامو، پاڻي ورهائڻ جي پاليسي به آهي ته ورهاڱي جي حڪمت عملي پڻ، پر سنڌ جي هميشه پنجاب سان ويڙهه رهي آهي ته اڪارڊ تي عمل جي بجاءِ تاريخي وهڪرن واري فارمولا تي عمل ٿئي ٿو. چوڻ جو مقصد اِهو آهي ته ملڪي، صوبائي ۽ واهن کان ننڍن واهن تائين، سگهاريون ڌريون هميشه پاليسي کي پنهنجي مطلب ۽ معنيٰ ۾ استعمال ڪنديون آهن! هاڻ جيئن مرڪزي پاڻي واري پاليسي کي ڏسنداسون يا وري سنڌ جي مجوزه پاڻي جي پاليسي ۾ پڻ پاڻي جي مربوط انتظام ڪاري (انٽيگريٽيڊ واٽر ريسورسز مئنيجمينٽ) جي ڳالهه ڪيل آهي. ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ان جي سمجهه، مختلف ادارن جي وچ ۾ سهڪار، ان جي فلسفي ۽ ان لاءِ گهربل ادارتي تبديلي پڻ ضروري آهي.ڪابه پاليسي هوا ۾ عمل ۾ نه ايندي، بلڪه ان کي حڪومتي طرز حڪمراني جي ماحول ۾ ڪم ڪرڻو آهي، ان ڪري حڪومتي گورننس جو بهتر هجڻ ضروري آهي.  مثال طور جيڪڏهن پاڻي جي مربوط انتظام ڪاري کي عمل ۾ آڻڻو آهي، ان ۾ صرف ايريگيشن کاتي ۾ تبديلي اچڻ سان ڪم نه ٿيندو، پر ان ڳالهه کي رٿابندي  ۽ ترقيءَ جو کاتو، ناڻي جو کاتو، مڪاني ادارن ۽ ماحولياتي بچاءُ جي کاتن ۾ پڻ بهتر سمجهه جي ضرورت آهي، ان سان گڏ سياسي بصيرت ادارتي طرز حڪمراني کي بهتر ڪندي آهي، ان ڪري سياسي سچائي سان شين کي اڳتي وڌائڻو پوندو. ڪنهن به پاليسي کي ڪاميابي تائين پهچڻ لاءِ جمهوري طرز حڪمراني بنيادي حيثيت رکي ٿي، ان سان گڏ سياسي استحڪام، ادارتي جوابدهي، مٿان کان هيٺ تائين حڪومتي ڊسپلين / ضابطو هجڻ ضروري هوندو آهي. ان عنصرن جي جيتري گهٽتائي هوندي، اوتري طرز حڪمراني ڪمزور ۽ پاليسي جي ڪاميابي مشڪل آهي.