ڏوهارين سان سردارن جو ڳٺجوڙ

0
160
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي،هاڻي ته حالت اتي وڃي پهتي آهي جو عدالتن ۾ به سنڌ جي امن امان واري صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ٿي وڃي. هر نئون ڏينهن ڪنهن نئين واردات سان اچي ٿو. پوليس جنهن جي ذميواري امن امان مهيا ڪرڻ آهي اهي پاڻ به ڄڻ بيوس بڻيل آهن ڇاڪاڻ جو ڏوهارين وٽ جنهن قسم جا هٿيار آهن انهن جي مقابلي ۾ پوليس جا هٿيار ڪنهن به ڪم جا نه آهن تنهن ڪري پوليس نه انهن ڏوهارين سان مقابلو ڪري سگهي ٿي نه ئي ڏوهن جو خاتمو ٿئي ٿو ،پوليس تي هر ماڻهو تنقيد ڪري ٿو پر جڏهن ڳالهه سامهون اچي ٿي ته پوليس آفيسر پنهنجي بيوسي جو اظهار کليل نموني عدالتن ۾ به ڪم ڪن ٿا.اها بيوسي تڏهن ظاهر ٿي جڏهن هڪ ايس ايس پي رينڪ جو آفيسر عدالت کي عرض ڪري ٿو ته جيڪڏهن جديد هٿيار مهيا ڪيا وڃن ته ڇهن مهينن ۾ ڏوهارين جو خاتمو ڪندس جي نه ڪري سگهيس ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. هڪ طرف ڏوهارين وٽ جديد ۽ جنگي هٿيار آهن ٻئي طرف پوليس اڄ به روايتي ۽ پراڻن هٿيارن سان ذميواريون نڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

امن امان جي صورتحال ڪو هاڻي اوچتو خراب نه ٿي آهي پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ويجهڙ ۾ ان ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي ان جو هڪ سبب  سياسي مقصدن لاءِ ضلعن ۾ من پسند آفيسر مقرر ڪرڻ جي روش به آهي جنهن ڪري اهي آفيسر قانون تي عمل ڪرڻ بدران ڪنهن بنگلي جا حڪم مڃيندي نظر اچن ٿا، جنهن ڪري ڏوهاري ماڻهن کي ڪو هٿ لائڻ لاءِ تيار ناهي.اهڙي قسم جا ريمارڪس هاءِ ڪورٽ جا معزز جج به ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن 2 کان 10 سردار جيل ۾ وجهو ته ڏوهاري پاڻهي پيش ٿيندا،انهن ريمارڪس مان اهو لڳي ٿو ته ڪيئن علائقن جا سردار ڏوهارين لاءِ ڇپر ڇانو آهن.ٻه ڏينهن اڳ بدامني بابت  ڪيس جي شنوائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ٿي، عدالت آءِ جي سنڌ ،وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين کي 2 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾  بدامنيءَ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي گل عباسيءَ طرفان داخل ڪيل پٽيشن جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. گهرو کاتي سنڌ جو سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ ٻيا پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سردار ڏوهارين سان رابطي ۾ آهن، ايس ايس پي موجود آهي، ٻڌائي ته ڪهڙي سردار جي سي ڊي آر ڪڍرائي وئي آهي؟ ڇا هوم سيڪريٽري ۽ پوليس آفيسر پنهنجي فيمليز سان انهن علائقن ۾ وڃي سگهن ٿا جتي عام ماڻهو سفر ڪن پيا. ان تي وڪيل قربان ملاڻو چيو ته جيڪي سردار پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ ڪرائيندا ته پوءِ اهي آفيسر انهن ۾ هٿ ڪيئن وجهندا. سردار، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ڏوهاري هڪ پيج تي آهن، تڏهن ته ڏوهارين وٽ جديد هٿيار اچن پيا جيڪي پوليس وٽ به ناهن. ايس ايس پي سياسي ماڻهن جي بنگلن تي وڃي ڊڪٽيشن وٺندا ته پوءِ امن ڪٿان ٿيندو. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ آزاد ٿي ڪم ڪرڻ چاهي ته ان کي ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن پوليس آفيسر بيوس آهن ته پوءِ کين هليڪاپٽر ڏجي تڏهن به اهي ڪجهه نه ڪري سگهندا. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته ڏوهاري ڪلچر 1996ع کان پوءِ طاقتور ٿيو آهي. ان تي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيي ٻڌايو ته ملٽري ليول جا هٿيار ملن  ته آئون ذميواريءَ سان چوان پيو ته ڏوهارين کي قابو ڪري وٺنداسين، جيڪڏهن ايئن نه ڪري سگهيس ته اسيتعفي ڏئي ڇڏيندس. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪار جو خرچ ڪرائڻ بدران 2 کان 10 سردار جيڪي ڏوهارين سان رابطي ۾ هجن، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ هجن انهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهو ته پاڻ ئي ڏوهاري گرفتاري پيش ڪندا، جديد هٿيار وٺڻ جي پهچ ڏوهارين جي ناهي، ان ۾ سردار ملوث آهن، سندن رابطن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي وائکو ڪيو وڃي.عدالت ۾ معزز ججن جا ريمارڪس، وڪيلن جا دليل ۽ آفيسرن جي موقف مان اها ڳالهه ته واضح ٿئي ٿي ته صورتحال جي سنگيني جو اندازو سڀني کي آهي ۽ ان جي سببن جي به خبر آهي، ڏوهه ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ جيڪي قدم کڻڻ گهرجن  رڳو اهي نه ٿا کنيا وڃن.

اسان سمجهون ٿا ته پوليس جن هٿيارن سان اهڙن ڏوهارين جي سامهون آهي جن کي سياسي مدد سميت جديد هٿيار ملندا هجن ته انهن جو خاتمو ممڪن نه ٿو لڳي، تنهن ڪري انهن سردارن خلاف قدم کڻي جديد هٿيارن جي رسد جي پائيپ لائين ڪاٽي وڃي ته اهي ڪمزور ٿيندا. انهي لا۽  سنڌ پوليس کي سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جي ضرورت پوندي ۽ کين اها مدد ملڻ گهرجي.