حقيقتن کان اکيون ٻوٽيندڙ حڪمران

0
186
نينگر زين العابدين جو قتل ڪيس... ڪجھ سوال!

 آئين پاڪستان ھر شھري کي برابريءَ جو حق ڏئي ٿو، پر افسوس جو عملي طرح  ايئن ناھي. ملڪ ۾ ٻٽو معيار لاڳو آھي تعليم، صحت سميت سموريون بنيادي ضرورتون اميرن ۽ غريبن لاءِ الڳ الڳ ورھايون ويون آھن اِھا ڳالھه ڪنھن کان به لڪل ناھي سمورا ادارا، ملڪ جا واڳ ڌڻي چڱي ريت انھن ڳالھين کان آگاھه آھن ۽ آگاھ ڇو نه ھجن اِھو ٻٽو معيار، ٻٽو نظام انھن جو ئي ته پيدا ڪيل آھي. غريبن کي تعليم ڏيارڻ، صحت لاءِ سرڪاري ادارا، جڏھن ته امير ۽ آفيسر طبقي لاءِ پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ، اسپتالون قائم آھن، بلڪه اسان وٽ اڪثريت سياستدان ته ھِتي علاج ڪرائڻ لاءِ به تيار ناھن ھوندا. جيڪي معمولي بيمارين جي علاج لاءِ به ٻاھرين ملڪن ڏانھن ھليا وڃن ٿا. عوام کي سنھرا خواب ڏيکاريندڙ، عوام جي دردن، تڪليفن جي ڳالھه ڪندڙ حڪمران پاڻ اُن تي ڪڏھن به عمل ناھن ڪندا. چوندا آھن ته اسپتالن ۾ عوام لاءِ جديد سھولتون، تعليم لاءِ سمورا بندوبست، شھرين جي بنيادي سھولتن پاڻي، ڊرينيج سميت ٻيا بھترين بندوبست ڪيل آھن پر پنھنجي خاندان، پنھنجي فيملي لاءِ انھن جا الڳ بندوبست ٿيل ھوندا آھن، سڌريل ملڪ ۾ عوام ۽ حڪمرانن لاءِ ھڪڙي ٽرانسپورٽ ھجي ٿي پر ھِتي يوسي چيئرمين به پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ناھي ڪندو، ڇو جو کيس چڱي ريت خبر آھي ته ھنن ڪھڙي سھولت فراھم ڪئي آھي. سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جي ڳالھه ڪجي ته سکر جي رھواسين کي ورھين کان ڊرينيج جو گندو، بدبودار، انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي. گھڻو پوئتي نٿا وڃون تازو سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ شھرين کي فراھم ٿيندڙ غير معياري پاڻي متعلق داخل درخواست جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻڌڻي ٿي آھي ۽ عدالت ۾ ساک رکندڙ ليبارٽريءَ جي رپورٽ يا عدالت طرفان جوڙيل ڪاميٽي ڇرڪائيندڙ رپورٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي سکر واسين کي فراھم ٿيندڙ پاڻي گندو، بدبودار ۽ صحت لاءِ نقصان ڪار آھي، جيڪو انسانن ته ڇا جانورن جي پيئڻ لائق به ناھي، جنھن تي جسٽس صلاح الدين پنھور سکر جي لاڳاپيل انتظاميا مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڇا سنڌوءَ درياءَ کي ڊرينيج ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، پينافليڪس لڳائي شھرين کي ٻڌايو ته اوھان انھن کي گندو ۽ زھريلو پاڻي فراھم ڪري رھيا آھيو، عدالت طرفان جوڙيل ڪاميٽي سکر ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل علي رضا بلوچ، وڪيل قربان شر، شفيق بابر لغاري طرفان ڊي سي سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم، ميونسپل، پبلڪ ھيلٿ جي عملدارن جي موجودگيءَ ۾ عدالتي حڪم تي دوري بعد عدالت ۾ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ڊرينيج جو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ جي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، وري اُتان ئي يعني درياءَ مان پاڻي کڻي شھرين کي پيئڻ لاءِ سپلائي ڪيو پيو وڃي. عدالت سکر جي چونڊيل نمائندن کي سنڌي، اردو، انگريزيءَ ۾ پينافليڪس ڇپرائي انھن تي اھو لکرائڻ جو حڪم ڏنو آھي ته انتظاميا اوھان کي زھريلو پاڻي پياري رھي آھي، اِھو نه پيو،  شھرين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي فراھم ڪرڻ لا قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو آھي. عدالت طرفان سکر جي انتظاميا کي ھي پھرو ڀيرو حڪم ناھي ڏنو ويو، اِن کان اڳ به ڪافي ڀيرا عدالت پاران ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو آھي. اِن کان اڳ واٽر ڪميشن جي سربراھه جسٽس امير ھاني مسلم به ڪافي ڀيرا شھر جو دورو ڪيو، فراھم ٿيندڙ پاڻيءَ خراب ھجڻ تي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ توڙي لاڳاپيل اختيارين مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي شھرين کي صاف پاڻي فراھم ڪرڻ جا حڪم ڏنا پر اُن تي عمل نه ٿي سگھيو.

سنڌ ۾ ٿوري وقت لاءِ اھو محسوس ٿيو ته ھاڻي امن امان جي صورتحال بھتر ٿي وئي آھي پر ڄڻ ته ڪنھن جي نظر لڳي جو ھڪ ڀيرو ٻيھر بدامني جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آھي، اغوا، ڦر، ڌاڙن، قتل غارت وارن واقعن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي ويو آھي، پوليس توڙي لاڳاپيل ادارا امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ، ڪچي وارن علائقن کي ڏوھارين کان پاڪ ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن. اھڙي صورتحال ۾ شھرين وٽ تحفظ ۽ انصاف لاءِ عدالت جو ئي رستو ھوندو آھي. بدامني متعلق ايڊووڪيٽ علي گل عباسيءَ طرفان داخل درخواست جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪافي اھم ڳالھيون سامھون آيون. گھرو سيڪريٽري سنڌ عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي ته پوليس کي جديد ملٽري ھٿيار نٿا ڏئي سگھجن ڇو جو غلط استعمال ٿيڻ جو خدشو آھي، ھِتي اِھا ڳالھه واضح ڪندو ھلان ته گذريل ٻڌڻيءَ تي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي طرفان ڏوھارين وٽ جديد قسم جا ھٿيار ھجڻ ۽ پوليس وٽ اھڙن جديد ھٿيارن جي عدم موجودگيءَ ۾ ڏوھارين جو مقابلو ڪرڻ جيتري سگھه نه ھجڻ متعلق عدالت کي آگاھي ڏني وئي ھئي جنھن تي عدالت گھرو سيڪريٽري کي طلب ڪيو ھو، اِھي ڳالھيون به ڪنھن کان ڳجھيون ناھن ته ڏوھارين کي بااثر وڏيرا، جاگيردار سپورٽ ڪندا آھن، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس صلاح الدين پنهور ريماڪس ۾ چيو ته سردار، ڀوتار ڏوهارين جا سھولتڪار آھن ٻڌايو ته ڪھڙي سردار جي سي ڊي آر ڪڍرائي وئي آهي، ڏوھارين سان رابطي ۾ رھندڙ انھن جي ونگار وھندڙ وڏيرن ۾ ھٿ وڌا ويندا ته ڏوھاري پاڻ ئي پيش ٿي ويندا، جنھن تي وڪيل قربان ملاڻو عدالت کي ٻڌايو ته جيڪي سردار پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ ڪرائيندا پوءِ اُھي آفيسر انهن سردارن م هٿ ڪيئن وجهندا، سردار، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ڏوهاري هڪ پيج تي آهن تڏهن ته جديد نوعيت جا ھٿيار ڏوھارين وٽ پھچن ٿا جيڪي پوليس وٽ به ناھن، ايس ايس پيز سياسي ماڻهن جي بنگلن تي وڃي ويهي ڊڪٽيشن وٺندا پوءِ امن ڪٿان ۽ ڪيئن ٿيندو؟ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته موجوده حالتن ۾ آءِ جي سنڌ کي گهرايون پيا ضرورت پئي ته وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي به گهرائينداسين اسان خاموش نٿا ويهي سگهون هي حالتون برداشت نه ٿيون ڪري سگهجن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڏوھارين خلاف جامع حڪمت عملي جوڙي آءِ جي سنڌ، وفاقي گھرو وزير، صوبائي گھرو وزير کي 2 مارچ تي پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي.

سنڌ ۾ ميرن، پيرن، سياستدانن، وڏيرن، جاگيردارن توڙي انھن جي خاندانن جي نالن تي سرڪاري ادارا يا سرڪاري خرچ تي باب ٺھرائڻ واري عام ۽ پراڻي ڳالھه رھي آھي، سياستدان توڙي وڏيرا پنھنجي اولادن، فيملي ميمبرز جون فرمائشون پوريون ڪندي پارڪن، روڊن توڙي سرڪاري ادارن جا نالا سندن نالن تي رکندا رهيا آهن، جنھن جو شھر، سوسائٽي، عوام جي لاءِ ڪو ڪردار ناھي ھوندو انھن جي نالن تي به ادارا قائم ڪيا ويندا آھن. اھڙي حقيقتن کان سڄاڻ ڌريون توڙي لاڳاپيل اختياريون چڱي ريت واقف ھجن ٿيون پر پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏين ٿيون. گمس جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاھه جيلاني رکڻ خلاف سپريم ڪورٽ جي وڪيل نثار احمد ڀنڀرو معرفت پٽيشن داخل ڪرائي وئي، جنھن تي جسٽس صلاح الدين پنھور گمس کي پنھنجي اصل نالي تي بحال ڪرائڻ جو ته حڪم ڏنو پر پوري سنڌ اندر جن به سياستدانن، پيرن، ميرن، ڀوتارن، وڏيرن سردارن جا جن جو ڪو به سوسائٽيءَ ۾ ڪردار ناھي انھن جا نالا ھٽائي سنڌ جي ھيروز جا نالا رکي اختيارين رکي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، ڄاڻايل ڪيس جي به ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت سردارن، ڀوتارن، خانن ۽ سياستدانن جا نالا ھٽائڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي ادارن جا نالا تاريخي شخصيتن سان منصوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنھور ريمارڪس ڏيندي چيو ته جن ڀوتارن، وڏيرن، خانن، سردارن جو سوسائٽي لاءِ ڪو ڪردار ناهي انهن جا نالا ادارن ۽ مختلف جڳهن تي سرڪاري خرچ تي ڇو رکيا ويا آهن، ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيد ڪارڪنن جا نالا رکيا وڃن ها ته قبول هو، اسان ڪيس داخل ڪرائينداسين ايس ايس پي سکر کي گهرايو وڃي، جيڪڏهن آفيسرن کان وڏيرن سردارن جا نالا هٽائڻ تي استعيفيٰ گهري وڃي ته ڇا ڏئي ڇڏيندا، اھڙن سياستدانن، وڏيرن، سردارن جا نالا نه ھٽايا ويا ته انھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين.

          ايئن ناھي ته مٿي ڄاڻايل معاملن جي حقيقت کان حڪمران توڙي ڪامورا اڻ واقف آھن پر اهي ماٺ آهن معمولي شڪايت تي ڪنھن غريب جي گھر جو سامان، سمورا گھر ڀاتي کڻندڙ پوليس وٽ جڏھن بااثر خلاف شڪايت ايندي آھي ته ان خلاف ڪارروائي ته پري جي ڳالھه آھي رهندو شڪايت ڪندڙ کي پريشان ڪيو ويندو آھي. اِھا ڳالھه صرف پوليس ڊپارٽمينٽ جي ناھي سمورن عوام جي ڀلائي، عوام جي بھتري لاءِ قائم سرڪاري ادارن جي ڪھاڻي آھي. انھن ادارن وٽان انصاف، حق نه ملڻ تي ھو عدالتن جو در کڙڪائين ٿا جتان انصاف جي اميد ھجي ٿي.