پتڻ سندا پويان پور

0
118
گهوڙيسوار بهارو ۽ خالي خرزين

هاڻي ميڊيا ۾ آيو آھي ته سنڌو ندي جو داسو ڊيم وٽان رخ موڙيو پيو وڃي، جيڪا درياءَ سان هڪ وڏي هٿ چراند آھي. سنڌ ۾  پاڻي جي قدرتي ۽ هٿرادو کوٽ ته گهڻي وقت کان آھي، ڊيلٽا ته ڪيئي سال اڳ تباهه ٿي پيئي، وڻ سڪي ويا،مڇي ختم ٿي وئي، اتي هاڻي ويراني واڪا پيئي ڪري. لطيف سائين جي سر ڏھر ۾  پراڻي دريائي وهڪري پٽيهل  جي تباهي تي سندس شاعري جو پس منظر  سنڌو ندي جي ڊيلٽا تي هاڻي ڪهڙو نه ٺھڪي اچي ٿو ،

سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريا

 جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گيا

انگريزن جي دور ۾  سنڌو ندي جي هي ڊيلٽا تمام سر سبز هئي، سنڌو جو پاڻي ڊيلٽا ۾ وڃڻ ڪري  سمنڊ جي ڪنڌين تي تمر جا گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، ان بعد ڊيلٽا جي سر سبزي جو دور آهستي آهستي پستي جي طرف ويندو رهيو .پاڪ و هند جي ورهاڱي پڄاڻان پاڪستان ۾ تڪڙين حڪومتن جي ردوبدلين سبب  ان طرف اقتدار جي مسند تي برجمان رهندڙ حڪومتن جو ان طرف  ڪو خاص ڌيان نه ويو،اسي جي ڏھاڪي کان پوءِ ڊيلٽا ڪنهن بيمار ماڻھو جيان وئي سڪندي ۽ سڙندي،اهڙين حالتن ۾ سمنڊ کي مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ جو مٿي چاڙھه وڌڻ لڳو،نتيجي ۾ سم ۽ ڪلر ڊيلٽا کي کائڻ لڳو ۽ ٻيلا سڪڻ لڳا،  مال جو گاهه ختم ٿيڻ لڳو، زراعت ۽ مڇي تي گذران ڪندڙ ماڻھو، ڪچي جي علائقن کي ڇڏي ٻي هنڌ وڄڻ لڳا.

هاڻي ته اها صورتحال اچي بيٺي آھي جو انهن هنڌن تي وڃڻ کان پوءِ  ڀٽائي سائين جو هي بيت،ڪنڌين  کان  بيٺل سڪل وڻن سان مخاطب ٿي چوڻو پوي ٿو

ڪر ڪي ڳالهڙيون ڪنڊا ڍور ڌڻين جون

ڪيئن سي راتڙيون  ڪنهن پر ڏينهن گذارين،

ڊيلٽا ته تباهه ٿي وئي هاڻي وري سنڌو ندي کي سڪائڻ جي پٺيان پئجي ويا آھن.

انگريزن جي دور ۾ 190ع تائين  پنجاب جي ندين تي ڪئنالن وارو نظام قائم ٿي چڪو هو، انگريزن جو گهڻو زور  پنجاب تي هو، هنن ان کي زراعت لاءِ ماڊل صوبو بڻايو هو  پنجاب جا چانور هندستان موڪلڻ انگريزن کي وڌيڪ سهولت واروڪم هو، پنجاب ۾ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ڪري سنڌ تي هنن جو ڪو خاص ڌيان  نه رهيو، ان دوران انجنيئرن جي هڪ ٽولي اهو نظر انداز ڪري ڇڏيو ته  درياءَ جي پاڻي جو ڊيلٽا مان  گذرڻ ۽ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪيتري اهميت آھي.

 ميرن جي دور ۾  اليگزينڊر برنس نوي ڏينهن ڊيلٽا واري علائقي ۾ رهيو هو ،ان به  ڊيلٽا کي ويران سڏيو هو.1948ع ۾ ڪوٽڙي بئراج جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ  ساڍا ٽي هزار  ڪلو ميٽرن تي  پکڙيل ڊيلٽا  باقي اڍائي سئو ڪلو ميٽر وڃي رهي  ۽ سمنڊ ۾ مٺي جو ڇوڙ به ختم ٿي ويو.

ڪيئي سال اڳ آئون جڏھن درياءَ جو پاڇاڙ ڏسڻ ويو هوس ته  مون سڀ کان پهرين  اها  پڇا ڪرائي ته ڪچي ۾ ڪهڙن ماڻھن  جو وڌيڪ اثر رسوخ  آھي،عباس  چيو  ته آئون  ڪچي جي هڪ ڏاڍي مڙس کي فون ڪري چئي ٿو ڇڏيان توهان جو  وار به ونگو نه ٿيندو، هن نم  نالي هڪ همراهه کي فون ڪئي ته  اسان جو مائٽ ۽ سنڌ جو وڏو اديب ۽ شاعر درياءَ جي ڊيلٽا جي سير تي نڪتو آھي، توهان پنهنجي پنهنجي ماڻھن کي نه رڳو ان جي پارت ڪجو، پر ضرورت پوڻ تي  درياءَ جا مشھور گهٽ ۽ گهيڙ به کيس ڏيکارجو، هن عباس کي چيو ته ان اديب کي چئجو ته اسان سان ملي پوءِ  اسان جي ماڻھن جي معرفت ڏکڻ درياءَ جو سير ڪري، ڇاڪاڻ ته ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪچي جا علائقا ڪي گهڻو سلامت ڪونه آھن اڳي کان انهن علائقن ۾ ڦر لٽ  کان ويندي ماڻھو  کڄڻ جو سلسلو هلندو ٿو رهي، اتي ڪچي جا ڌاڙيل ماڻھو اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ ۽  چور چوپايو مال جا ڌڻ چوري ڪاهي وڪڻندا آھن انهن تائين پوليس جي  پهچ به گهٽ آھي يا وري پوليس کي هڪ مضبوط بهانو هٿ چڙھي ويندو آھي، ليڪن پوليس ۾ دلير ۽ ذھين آفيسر به هوندا آھن جيڪي سندن مقرر ٿيل علائقن ۾  ڏوهارين جو حڪمت عملي سان خاتمو ڪندا آھن. مون کي شڪارپور جو ڊي ايس پي  عبدالقادر چانڊيو ، جيڪو  ڪافي وقت اڳ شڪاپور ۾  ڊي ايس پي مقرر ٿيل هو، ٻڌايو هو ته جيڪب آباد جي ڪچي واري علائقي ۾ جڏھن ڌاڙيلن تي چڙھائي ڪندا آھيون ته پوليس ڪانوائي سان گڏ ذاتي اعتماد وارا جوان به  پاڻ سان گڏ وٺي ويندا آھيون، ڪڏھن ڪڏھن  ڏکين جاين تي  پوليس جو به نقصان  ٿي پوندو آھي. اها ڳالھه مون سان انسپيڪٽر علم الدين کوسي به ڪئي هئي ،جيڪو جهڏي جي وارياسن پٺن جو  رهاڪو هو. جنهن ٻڌايو هو ته هن  سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن ۾  نوڪري ڪئي آھي، کيس  ڏکين حالتن ۾ ڏوهارين کي پڪڙڻ جو  وسيع تجربو آھي. ان شام اسان سان گڏ ٻيڙي ۾ نم به گڏ ھو، نم ڪانٺا مڇين سان ڊگها ڪپڙا پاتل سرير ۾ سنهون، وڏو ٽوال ڪلهن تي،رٻڙي جو جوتو پيرن ۾، ڪنڌ ۾ ڪارا ڌاڳا ۽ چمڙي جو تعويز ٻڌل، جيتوڻيڪ  ان  وقت درياءَ ۾ پاڻي فقط وچ سير ۾ هو،پاسن کان واري ٿي اڏاڻي، اسان سير ۾ اتر کان ڏکڻ وڃي رهيا هئاسين ٻن پتڻن جي سفر کان پوءِ نم لهي ويو، هن وانجهي کي چيو ته هي  جيستائين چاهين هنن کي  تيستائين  ٻيڙي تي کنيو وڃجان، باقي پتڻ جا پئسا مون کان  کڻي وڃجان، هنن کان ٽڪو به نه وٺجان، ان وقت سج لهي چڪو هو، سامهون وڻن ۾تڏ ٻولڻ شروع ڪيو هو،اوليون اجهڻ لڳيون هيون، درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين ۽ دور دور تائين، جيستائين نظر ٿي وئي،ميرانجهڙي اوندهه ڇانئجي رهي هئي، وانجهي ونجھه هلائيندو ٿي رهيو، هن جي چھري تي اڻ ڄاتل رنج جا تاثر ڏيک ڏيئي رهيا هئا،هن  بار بار نرڙ تان  پگهر ٿي اگهيو، وانجهي اڌڙوٽ عمر جو هو، هو ٿڪل ٿي لڳو، گهڻو  اڳيان  ٻيڙي هلائڻ  کان پوءِ ھن آھستي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ چيو  هاڻي ٿورو اڳيان هلي پاڻي کٽي ويندو ۽پنهنجي ٻيڙي بيهي رهندي. هڪ وڏي ٻيٽ کان پوءِ ڪجھه اڳيان وري  سير ۾ سجريل پاڻي ملندو، ليڪن اتي هي ٻيڙي هلائڻ مشڪل هوندي، ڇاڪاڻ هڪ ته رات اچي سهڙي آھي،ٻيو ته  ٻي صبح اڳيان هلڻ لاءِ ٻي ڪنهن تڙ تان ٻي ٻيڙي ۾ چڙھڻو  پوندو ، هيءَ ٻيڙي ٻيٽ ڪيئن پار ڪندي ؟   ايئن چئي هو وري خاموش ٿي ويو.ڪجھه وقت اڳيان هلڻ کان  پوءِ  وانجهي  ٻيڙي  بيهاري ڇڏي.ايتري ۾  چنڊ اوڀر  ڪنڌي جي ڪانهن ۽ وڻن مان   ايئن ٻاهر نڪري چڪو هو ، جيئن   سخت گرمي ۾ مزدور تلاءُ مان ٽٻي هڻي ٻاهر نڪرندو آھي، وانجهي ٻيڙي سير ۾ ڇڏي اسان سان گڏ ھلڻ لڳو  درياءَ جي ريٽ ۾ مشڪل سان ھلندي  هڪ پتڻ تي پهتاسين ، وانجهي ٿڌو ساهه ڀري چيو، شڪر جو گهونگهٽ گهاٽ تي پهتاسين نه ته رات ٽاڻي دريائي ريٽ مان نڪرڻ ئي مشڪل هوندو آھي.  مون وانجهي کان پڇيو ته هن پتڻ جو نالو ڇا آهي ؟ چيائين هن کي گهونگهٽ گهاٽ چئبوآھي. درياءَ جي سڀني پتڻن جا مختلف نالا هوندا آھن، جيئن ڪرن جو پتڻ،ماکياري پتڻ،ڦل پتڻ،سونهن پتڻ وغيره.هن اڳيان هلي اسان کي سامهون  بچاءَ بند جي  ٻاهران هڪ ڪکن جي ٺھيل  جهوپڙي ۾ ڇڏيو،جتي اسان  لهڻي نالي ملاح وٽ رهيا هئاسين، هو درياءِ جي اوج جو ذڪر ڪندي روئڻھارڪو ٿي ويو ٿي. هن ٻڌايو ته بابا جڏھن درياءَ بادشاهه موج ڇڏي آھي، تڏھن کان  نه فقط هي تڙ سڃا لڳا پيا آهن، پر اسين به ننڌڻڪا ٿي ويا آھيون. هاڻي ته اهي نه چاهت ڀريون چانڊوڪيون رهيون آھيون، نه وڻڪار ۽ نه ئي پکين  جون  مٺيون لاتيون.  مڇي ته  اسان ملاحن لاءِ به هاڻي سوکڙي ٿي ويئي آھي، ايئن چئي هو خاموش ٿي ويو ڄڻ درياءَ جي پاڇاڙ جي هاڻوڪي تباهي جو وڌيڪ احوال ٻڌائڻ وٽانئس برداشت ئي نه پئي ٿيو.

ڊيلٽا جي روز بروز ٿيندڙ بدتر حالت تي ۽ سنڌو جي قدرتي وهڪرن جي رڪاوٽن تي جيتوڻيڪ ساڃاهه وند ۽ ڪجهه سنڌ جا چونڊيل نمائندا  آواز اٿاريندا رهيا آھن ،پر اهو آواز ايترو سگهارو نه ٿي سگهيو آھي، جو مرڪزي حڪومت ان کي ويتر تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪي ٺوس اپاءَ وٺي،جيتوڻيڪ ڪافي عرصي کان  کارو پاڻي مٿي چڙھي چڪو آھي، جنهن سان سامونڊي سيلاب سبب ڪچي جون چاندي جهڙيون زمينون لوڻياٺ ۾ تبديل ٿينديون رهيون آھن، جهنگلي جيوت،آبي حيات جي تباهي سان گڏ اتي جي گاهن وڻن ۽  قسمين  قسمين ٻوٽن  جو به ٻج ختم ٿيندو رهيو آھي،اتان جو ريتون رسمون  ٻولي جا لهجا،لوڪ گيت  ۽ ثقافتي اوسر به مري رهي آھي.هاڻي جڏھن ڊيلٽا جا سموراپتڻ،پاسا ۽ وچ  سير ،وڳھه ڪوٽ  جي  ويراني جيان لڳا  پيا آھن، جتي ترسندڙ چانڊوڪيون  بي جان  جسم کي ڏنل  آخري چمي جيان لڳنديون هجن، جتي شامون مورن جي دانهن لاءِ سيڏائينديون هجن،جتي جون ٻيڙيون ڀڻي ڀنڻ  ڪنديون هجن، جتي جاماڻھو درياءَ جي پيٽ ۾ پاڻي لاءِ ٻاڪاريندا هجن، جتان جا  لوڪ گيت رسي ويا هجن، جتان جون ڪاڪ محلاتون ڪانياريون ٿيل هجن ته  اتي سنڌو ندي جا قدرتي وهڪرا بند ڪرڻ ۽  ويران ڊيلٽا جي هانءُ ڏاريندڙ  پس منظر کي ڪو حساس دل ڏسي ڪيئن  ٿو روئڻ  کان رهي سگهي؟ ڇاڪاڻ ت اها حقيقت آھي ته  سنڌو ندي هتان جي ماڻھن جو جياپو آھي ۽ ڊيلٽا،هتان جي  ماڻھن جي معصوم عاشقي جيان آھي ،انهن کي ويران حال ۾ڏسي ڪوئي ڪيئن ٿو  خاموش رهي سگهي؟