ٽڪ ٽاڪ ٻارن ۾ جنسي مواد ڦهلائڻ جو ذميوار قرار

0
274

بيجنگ(دلچسپ نيوز) ٽڪ ٽاڪ کي ٻارن ۾ جنسي مواد ۽ منشيات جي مشهوري جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم 13 ورهين کان گھٽ عمر جي ٻارن ۾ جنسي مواد، منشيات ۽ شراب جي مشهوري ڪري رهيو آهي.برطانوي اخبار ميل آن لائن موجب آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي تحقيق دوران هڪ 13 ورهين جي واهپيدار رڳو فالوررز جي ڳولا دوران فحش مواد تي ٻڌل ٻه وڊيوز ڏٺيون، اهو ٻار جڏهن گھر واپس موٽيو ته کيس ڪيتريون ئي جنسي وڊيوز ڏيکاريون ويون.سامهون ايندڙ صفحي تي ڏيکاريو ويو ته مواد سرچ جي بيناد تي سيٽ ڪيو ويو آهي. يعني واهپيدار کي اهو ئي مواد ڏيکاريو ويندو آهي جيڪو اهي سرچ ڪندا يا ڏسندا آهن.واهپيدار جي جي پروفائل ۾ سيٽ هجڻ باوجود واهپيدار جنسي مواد جيترو وڌيڪ ڏٺو، ان کي پهرين صفحي تي اوترو ئي وڌيڪ جنسي مواد ڏيکاريو ويو.حقيقت ۾ تحقيق ۾ شامل واهپيدار ڪو ٻار نه هو، بوٽس جو هڪ سلسلو بڻايو ويو هو ته جيئن سمجهي سگھجي ته ٽڪ ٽاڪ پنهنجي نوجوان واهپيدارن کي ڇا ٿو ڏيکاري.

سمورا اڪائونٽس 13 کان 10 ورهين جي عمر جا هئا ته جيئن ڄاڻي سگھجي ته نوجوان واهپيدارن کي وڏي عمر جي واهپيدارن کان مختلف فيڊ ملي ٿي يا نه.هڪ اڪائونٽ ۾ 13 ورهين جو نوجوان هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ان کي منشيات جي استعمال بابت 569 وڊيوز ڏيکاريون ويون جن ۾ ڪوڪين ۽ ميٿ جي عادت کان سواءِ منشيات جي شين جي آن لائين وڪري جي مشهوري ڏيکاري وئي.