زرعي تحقيق اداري جي ملازمن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

0
316

ٽنڊو ڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي تحقيق اداري جي ملازمن پاران ٻئي ڏينهن به ڊي جي ريسرچ نور محمد بلوچ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، ملازمن ڪڍي ڊي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ملازمن ملوڪ اڄڻ، شريف ڪاٺيو، نور محمد جمالي، اڪبر سولنگي، محبوب خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته زرعي تحقيق اداري جو ڊي جي نور محمد بلوچ ملازمن جا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪجهه مهينا اڳ به احتجاج ڪيو هو ڊي جي ريسرچ مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر مسئلا حل نه ٿي آهن، هن چيو ته فوتي ملازمن جي اولاد کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، اسٽينو گرافر ۽ ڊرائيورن کي ٽائيم اسڪيل نٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته رهائشي ڪالوني ۾ ڊي ريسرچ هٿ وٺي 20 کان وڌيڪ ڪوارٽرن تي قبضو ڪرايو آهي رهائشي ڪالوني جي ڪواٽرن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي، هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.