ٽڪ ٽاڪر عورت ڪيس ۾ نئون موڙ، عائشه ۽ ريمبو جي آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

0
309
عورت ٽڪ ٽاڪر ڪيس

ڪراچي(م ڊ) مينار پاڪستان تي سوين ماڻهن پاران ٽڪ ٽاڪر عورت کي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

گريٽر اقبال پارڪ ۾ غير اخلاقي جو شڪار ٿيڻ واري عائشه اڪرم ۽ ان جي دوست ريمبو جي هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي آهي.

ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن شارق جمال چيو ته مبينا آڊيو رڪارڊنگ ضبط ڪيل ريمبو جي فون مان حاصل ڪئي وئي ، فون ڪال رڪارڊنگ کي ڪيس جو حصو بڻايو ويو ۽ ڪال جو جائزو ورتو ويو.

آڊيو رڪارڊنگ موجب عائشه اڪرم ۽ ريمبو جوابدارن جي آزاديءَ  لاءِ پئسا وٺڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.

مبينا آڊيو ٽيپ ۾ عائشه اڪرم ۽ ريمبو هڪ ٻئي کان پڇن ٿا ته جوابدار 6 آهن يا 7، عائشه چوي ٿي ته 6 آهن جن جي مان سڃاڻپ ڪئي آهي.

ريمبو ٽڪر ٽاڪر عائشه کان پڇي ٿو ته هر جوابدار کان ڪيترو پيسو وٺڻ گهرجي، انهن مان اڪثر غريب آهن، جنهن تي عائشه جواب ڏيئي ٿي ته مشڪل سان انهن کي5، 5 لک رپيا ڪرڻا آهن.

ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن شارق جمال موجب ريمبو 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي آهي ۽ ان دوران ڪيس جا ڪيترائي تفصيل سامهون آيا آهن.

 

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ريمبو کي عائشه اڪرم کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ ريمبو به عائشه تي الزام هنيا ته هوءَ جوابدارن کان پيسا وٺڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

ھي به پڙھندا

اقبال پارڪ واقعو: عائشا جوابدارن کان پئسا وٺڻ چاھي پئي: ريمبو جا الزام