سول ملٽري لاڳاپن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي: شيخ رشيد

0
230
حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ سول ملٽري لاڳاپن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، پاڪ فوج ۾ معمول موجب بدليون مقرريون ٿينديون آهن، سول ملٽري رليشنز تي وڌيڪ جواب فواد چوڌري ۽ پرويز خٽڪ ڏئي سگهن ٿا، عمران خان پنج سال پورا ڪندو.

 وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته پاڪستان پنهنجي وجود جي حساس ترين ٽن چئن مهينن مان گذري رهيو آهي، افغانستان ۾ بدامني ٿي ته پاڪستان کي به اُن جي اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو، پي ڊي ايم افغانستان ۽ خطي جي حالتن کي نظر ۾ رکي سياسي فيصلا ڪري، ائين نه ٿئي جو کين ڳالهه ڳچي ۾ پئجي وڃي

گھرو وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته اين سي او سي کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪورونا وئڪسين جا جعلي سرٽيفڪيٽس ڏنا پيا وڃن، ڊالرز ذخيرو ڪرڻ جي الزام ۾ 88 ڄڻا گرفتار ٿيا آهن، ڊالرز بابت ڊيلنگ ڪندڙ 5 ڪمپنيز جي آڊٽ ڪرائي ويندي.