اقبال پارڪ واقعو: عائشا جوابدارن کان پئسا وٺڻ چاھي پئي: ريمبو جا الزام

0
478
اقبال پارڪ واقعو

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) عورت ٽڪ ٽاڪر ڪيس ۾ گرفتار ريمبو عائشا تي الزام لڳايا آھن تھ ھوءَ ڪيس جي جوابدارن کان پئسا وٺڻ پئي چاھي.اقبال پارڪ واقعي جي ڪيس ۾ پيشي دوران عدالتي اڱڻ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي جوابدار ريمبو چيو تھ ڪنھن جي جان بچائڻ جي سزا اھا ئي ملندي آھي ۽ سبق اھو ملي ٿو تھ ڪنھن جو ساٿ نھ ڏيڻ گھرجي

ھُن چيو تھ ھو ٻن مھينن کان عائشا جو ساٿ ڏئي رھيو ھو، مون سوڌو گرفتار سمورا جوابدار ھن ڪيس جا شاھد بھ آھن، ريمبو جو چوڻ ھو تھ عائشا ڪيس جي جوابدارن کان 5،5 لک رپيا وٺڻ چاھي پئي، جنھن تي ھُن کي چيو تھ پئسن جي پٺيان نھ ڀڄ.منھنجي سمجھائڻ تي عائشا غلط زبان استعمال ڪئي ۽ ڌمڪي ڏني تھ جيڪڏھن ان موجب بيان نھ ڏنو تھ جيل جي ھوا کائڻي پوندي.

جوابدار وڌيڪ ٻڌايو تھ خبر ناھي مون کي ڇو ميڊيا تي ڀاءُ بڻايو، مون کي خبر ناھي تھ گھٻرائجي مون کي ڀاءُ چيو.

14 آگسٽ جشن آزادي جي ڏينھن تي اقبال پارڪ ۾ ٽڪ ٽاڪر عورت عائشا پنھنجي ساٿين عامر سھيل ۽ صدام حسين سان گڏ اُتي پھتي ۽ وڊيو ٺاھڻ شروع ڪئي، عورت ٽڪ ٽاڪر سان چار سئو ماڻھن پاران بدتميزي ڪئي وئي ۽ ڪپڙا لاھي ھوا ۾ اڏايا ويا. 400 کان وڌيڪ ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيل آھن.

ھي به پڙھندا

 

بدسلوڪي جو شڪار عائشا اڪرم نئين بيان ۾ ڇا چيو؟