بدسلوڪي جو شڪار عائشا اڪرم نئين بيان ۾ ڇا چيو؟

0
347

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ)لاهور ۾ جشن آزادي واري ڏهاڙي تي 400 ماڻهن طرفان  بدسلوڪي جو نشانو بڻيل ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري عائشا جو وڌيڪ هڪ بيان سامهون اچي ويو آهي. ٽڪ ٽاڪر عائشا جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جو نوٽيس ورتو هو جنهن کانپوءِ وائرل ٿيل وڊيوز نادرا ڏانهن اماڻيو ويون هيون.نادرا مان سڃاڻپ کانپوءِ هن وقت تائين پوليس اختيارين 66 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

واقعو پيش اچڻ ۾ دير سان پهچڻ، غفلت ۽ سيڪيورٽي نظام درست نه هجڻ تي ڊي آءِ جي سميت ڪيترن ئي آفيسرن کي به معطل ڪيو ويو هو.ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي تذليل جو نشانو بڻيل ڇوڪري عائشا تي ڪجهه ماڻهن تنقيد پڻ ڪئي هئي، اهي به انڪشاف ٿيا هئا ته ڇوڪري ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڏينهن اڳ گريٽر اقبال پارڪ ۾ اچڻ جي وڊيو رکي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي فالوورز کي اتي اچي پارٽي ڪرڻ جي دعوت به ڏني هئي.ان کانسواءِ اهو به چيو پئي ويو ته جيئن ئي ٽڪ ٽاڪر عائشا پارڪ ۾ پهتي هئي ته ڪيترن ئي ڇوڪرن سان هن ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيون هيون ۽ انهن کي فلائنگ ڪسز ذريعي ويلڪم به ڪيو هو. جنهن کانپوءِ ئي موجود ماڻهو آپي مان نڪري عائشا کي هراسان ڪندي ڏٺا ويا هئا، ڪيترن ئي ماڻهن تي ان سڄي واقعي کي سستي شهرت تي ٻڌل سازش قرار ڏنو هو.

 ٽڪ ٽاڪر عائشا جو بيان آيو آهي ته جيڪي ماڻهو ان خلاف غلط فهميون پکيڙي رهيا آهن اهي ماٺ ڪري ويهن، ڇو ته واقعي وقت اهي موجود نه هئا.هن چيو ته مون ڪنهن کي به فلائنگ ڪِس جو اشارو ناهي ڪيو، نه ئي ڀارت جو جهنڊو کنيو آهي، اهو واقعي ۾ ملوٽ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ افواهه ڦهلايو پيو وڃي. ٽڪ ٽڪار گرل پاڪستان جي انهن مردن ۽ عورتن جا ٿورا به مڃيا جيڪي سندس حمايت ڪري ان جو آواز بڻجي رهيا آهن.

عائشا اڪرم چيو آھي تھ جيڪي منهنجو آواز بڻجي رهيا آهن اهي پاڪستاني منهنجا ڀائر آهن، منهنجا محافظ آهن، مان سچ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. پوليس جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته پوليس جي جاچ مان مطئمن آھيان ۽ پوليس جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس جي ڪري ئي مان هتي موجود آهيان، پوليس ئي مونکي بچايو آهي نه ته مان ته جيئڻ جي اميد ئي ختم ڪري چڪي هيس. خاص ڪري ڊولفن فورس منهنجي مدد ڪئي.

ھي به پڙھندا

لاھور: 400 ماڻھن پاران عورت ٽڪ ٽاڪر سان بدتميزي، ڪپڙا ڦاڙي ھوا ۾ اڇلائيندا رھيا