لاھور: 400 ماڻھن پاران عورت ٽڪ ٽاڪر سان بدتميزي، ڪپڙا ڦاڙي ھوا ۾ اڇلائيندا رھيا

0
765
لاھور: 400 ماڻھن پاران عورت

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاھور ۾ 14 آگسٽ تي گريٽر اقبال پارڪ ۾ اوباش نوجوانن ھڪ عورت سان بدتميزي ڪئي، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا ۽ ھوا ۾ اڏائيندا رھيا، فُٽيج وائرل ٿيڻ بعد پويلس 400 ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

14 آگسٽ تي جشن آزادي جو ڏينھن، ماڻھن جو وڏو انگ گريٽر اقبال پارڪ ۾ جمع ٿيو، ٽڪ ٽاڪر عورت عائشا اڪرام پنھنجي ٻن ساٿين عامر سھيل ۽ صدام حسين سان اُتي پھتي ۽ وڊيوز ٺاھڻ شروع ڪيون، اوچتو نوجوانن جي ھڪ گروھ عورت تي ھلان ڪئي، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا ۽ ڪپڙن کي ھوا ۾ اڏائيندا رھيا، عورت دانھون ڪندي رھي ھُن جي ڪنھن نھ ٻڌي.

عورت وڏي مشڪل سان جان ڇڏائي، ھنگامي جون وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد پوليس 400 ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، ڪيس ۾ سرعام عورت کي ھراسان ڪرڻ ۽ ھنگامي جا قلم شامل ڪيا ويا آھن، پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي وڊيو آءِ جي کي موڪلي ۽ جوابدارن جي گرفتاري متعلق رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.