فيس بڪ افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني جو اڪائونٽ به بند ڪري ڇڏيو

0
347
فيس بڪ افغانستان جي

ڪراچي( م ڊ) سماجي رابطي واري ويب سائيٽ فيس بڪ اڳوڻي صدر اشرف غني ۽ ان جي چيف آف اسٽاف ڊاڪٽر فضلي جو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو، اشرف غني ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول جي ڪري ملڪ مان فرار ٿيڻ بعد اڻڄاتل هنڌ تان فيس بڪ تي پنهنجي تصديق ٿيل اڪائونٽ جي ذريعي پهريون بيان جاري ڪيو هو.

اشرف غني چيو هو ته هو رتو ڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ افغانستان مان نڪتو آهي، جيڪڏهن مان ملڪ ۾ رهان ها ته ڪيترائي شهري شهيد ۽ ڪابل تباهه ٿي وڃي ها.

فيس بڪ هن کان اڳ واٽس اپ ۽ انسٽا گرام ايپ تي افغان طالبان جي حوالي مواد ۽ ان جي حمايت ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

فيس بڪ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي قانون تحت طالبان هڪ دهشتگرد تنظيم آهي ۽ اسان خطرناڪ تنظيمن جي باري ۾ آمريڪي پاليسي جي روشني ۾ طالبان کي خدمت جي فراهمي بند ڪئي آهي.

ھي به پڙھندا

فيس بڪ طالبان سان لاڳاپيل مواد تي پابندي هڻي ڇڏي