گھارو: صحافين کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر بلڊر جيل حوالي

0
288

گھارو(ن پ ا) ڌاٻيجي جي صحافي پريس ڪلب جي صدر مقصود جوکيو کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر بلڊر کي گھارو جي عدالت 14 ڏينھن جي جسماني رمارڊ تي بدين جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينھن تي بااثر بلڊر ملڪ عمران پاران صحافي کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون، صحافين جي احتجاج کان پوء رات ڌاٻيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ھو.

بااثر بلڊر ڀنڀور جي ڪيترن ئي زمينن تي مبينا قبضو ڪيو جنھن تي صحافين پاران خبرون ھلائڻ تي بااثربلدڙ مڇرجي موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون.