ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ گم ٿيل شهري سمير خان ۽ ٻين جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي وفاقي سرڪار پاران حراستي مرڪزن جا تفصيل پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي هڪ ٻيو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 27 اپريل تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جڏهن پنهنجي مٿان ايندي اٿن ته ٽي ايل پي سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ پهچي ويندا آهن، اسان ڪيترين ئي ٻڌڻين کان حراستي مرڪزن جون رپورٽون طلب ڪري رهيا آهيون پر ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته سمورن حراستي مرڪزن ۽ اتي قيد شهرين جا تفصيل ٻڌايو، ٻڌڻي دوران عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڪي پي ۾ ڪيترا حراستي مرڪز آهن؟ جنهن تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته ڪي پي ۾ 8 حراستي مرڪز آهن، جيڪي صوبائي حڪومت جي ماتحت آهن، وفاق جو انهي ۾ ڪو عمل دخل ناهي.